تون مذهب کي وچ ۾ آڻيندين
”جهاز کي نفعي ۾ هلائڻ لاءِ ڪهڙيون شيون ضروري آهن؟“
”سائين سٺا جهاز.“ اڳئين ڪرسيءَ تي ويٺل ٽيونيشيا جي شاگرد اياز جواب ڏنس.
”ٻيو ڇا ضروري آهي؟“ پروفيسر پڇيو.
”ڍوئڻ لاءِ گهڻي کان گهڻو سامان.“ ڪنهن ٻئي شاگرد وراڻيو. پر پروفيسر جواب مان اڃا مطمئن نٿي لڳو.
”سائين آئون ٻڌايانوَ؟“ نائيجرجي آفريڪن شاگرد علي جمبا پڇيو.
”ها. ڪوبه ٻڌائي.“ پروفيسر چيو.
”سر! ان ملڪ جا خلاصي ۽ آفيسر جيڪي گهٽ پگهار وٺن.“
پروفيسر کي اڃا سٺي جواب جي ضرورت هئي. هو هال جي ٻي ڪنڊ ڏي نظر ڊوڙائڻ لڳو. اتان ملاوي (آفريڪا) جي شاگرد مسٽر چيزاليءَ اٿي چيو:
”اهڙا بندر گاهه جتي جهاز کي گهڻو ترسڻو نه پوي.“
”مثال: ملاويءَ جا بندرگاهه.“ ترڪيءَ جي حسن بقال زور سان چيو ۽ سڀ کلڻ لڳا ڇو جو آفريڪا جو ملڪ ملاوي افغانستان وانگر آهي. جنهن کي پنهنجو بندرگاهه يا سمنڊ ناهي.
پروفيسر اسان کي ماٺ ڪرائي ۽ پوءِ نيٺ پاڻ ئي ٻڌايائين. ”جهازن توڙي ڪنهن هوٽل، ڪارخاني يا واپار وڙي کي سٺي طرح هلائڻ لاءِ سٺي مئنيجمينٽ پڻ ضروري آهي. سٺي مئنيجر تي خرچ ڪرڻ ڪڏهن به نه گهٻرائجي.“
”سائين ايمانداري ۽ خدا جو خوف به ته ضروري آهي.“ هڪ ايراني شاگرد اٿي چيو.
”ايمانداري، نيڪ نيتي، انصاف، محنت، ڪم جي ڄاڻ، وقت جي پابندي، اهي سڀ هڪ سٺي مئنيجر جي خوبين مان ڪجهه آهن.“ پروفيسر وڌيڪ بحث ۾ پوڻ کان پاڻ بچائڻ لاءِ ايراني شاگردن کي ويهاري چيو.
هڪ ڏينهن ’پورهيت کي ڪم ۾ دلچسپي ڏيارڻ‘ (Motivation) جي عنوان تي مٿيون پروفيسر ڳالهائي رهيو هو ته ’موٽيويشن‘ڇا آهي. ”انسان جي گهرج وارين شين جو پورائو ڪرڻ“ هن ٻڌايو.
”مسلو Maslow نالي هڪ عالم جي ٿيوري مطابق انسان جي سڀ کان اول گهرج کاڌو آهي. بکئي پيٽ تي انسان گل گلڪارين، باغ بستانن جو نٿو سوچي. ان بعد سلامتي آهي. ان بعد سماجي ضرورتون آهن. ان بعد سوسائٽي ۾ عزت وغيره وغيره.“
موراڪو جي شاگرد اڪوح عبدالوهاب هٿ مٿي کنيو..
”آئون ان ٿيوريءَ سان Agree نٿو ڪريان.“
”ڇو ڀلا؟“ پروفيسر سبب پڇيس.
”هينئر نٿو ٻڌائي سگهان جو هن وقت هال ۾ ڪجهه Lady- Students (عورتون) به ويٺيون آهن.“
”چڱو هاڻ ويهه. مون تنهنجي ڳالهه سمجهي.“ پروفيسر بيزاريءَ مان، هٿ جي اشاري سان کيس ويهڻ لاءِ چيو.
پروفيسر هن کي ويهاريو ئي مس ته ايراني شاگردن مان هڪ هٿ مٿي کنيو.
”سائين! انسان لاءِ کاڌو، سلامتي، يا عزت کان به وڌيڪ ٻي شيءِ آهي.“ ايرانيءَ چيو.
پروفيسر پنهنجي واچ ۾ وقت ڏٺو. سندس پيرڊ ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هو ۽ اڃا ته کيس ٻه ٽي ٻيون ڳالهيون به ٻڌائڻيون هيون ۽ هي وقت ڪو بحث مباحثي جو نه هو. هن ايراني کان سندس فلسفو پڇڻ بدران هٿ جي اشاري سان کيس ويهڻ لاءِ چيو.
”ويهي رهه. هاڻ تون وري مذهب کي وچ ۾ آڻيندين.“
ساڳئي مٿين پروفيسر هڪ ڏينهن واهه جي ڳالهه ڪئي. چيائين: ”ڪيترن ايشيائي ۽ آفريڪي ترقي پذير ملڪن ۾ پڙهيل ڳڙهيل يا هوشيار ماڻهن مان فائدو نٿو ورتو وڃي. گهڻو ڪري سرڪاري ادارن ۾ ڪيترا صاحب پنهنجي هيٺان ڪم ڪندڙن کي اعليَ تعليم يا هنر سکڻ لاءِ موقعا نٿا ڏين. يونائيٽيڊ نئشن جي ڪيترن ادارن جون مفت جون اسڪالرون ائين ضايع ٿيو وڃن پر صاحب جونيئرن کي ان ڪري نٿا موڪلين ته متان هو وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ ڪري کانئن وڌيڪ پڙهيل لکيل نه سڏجن ۽ نه وري پاڻ اهڙي موقعي مان فائدووٺن ٿا جو کين ڊپ آهي ته سندن غير حاضري ۾ متان سندن ڪرسي کانئن کسجي وڃي يا متان ڪو جونيئر کانئن مٿانهون ٿي وڃي.
خوش قسمتيءَ سان ڪو نوجوان اعلى تعليم يا هنر سکي اچي ٿو ته هن جي قابليت اداري جي فائدي لاءِ ڪم ۾ آڻڻ بدران ضايع ڪئي وڃي ٿي. هن کي جوڳي Post ڏيڻ بدران ڪا اهڙي ڪنڊ پاسي واري پوسٽ ڏني وڃي ٿي جنهن ۾ هو پنهنجي حاصل ڪيل علم ۽ قابليت استعمال ڪري نٿو سگهي. هو نمايان ٿيڻ بدران ڏينهون ڏينهن گمنام ٿيو وڃي ۽ آهستي آهستي سکيل ڪم وساريو ڇڏي. يا اهڙي قابل ماڻهو کي ڪم ۾ اوور لوڊيڊ يا انڊر لوڊيڊ رکي خوار ڪيو وڃي ٿو. اهو هن ريت: پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڄاڻو نوجوان کي حد کان وڌيڪ ۽ ڳولي ڳولي اهو اهڙو ڏکيو ڪم ڏنو وڃي ٿو جو هو پورو ڪري نه سگهي ۽ پوءِ هر وقت هن کي خوار ڪيو وڃي ٿو ته ڪجهه نٿو اچيس. ٿورو ڪم به نٿو پڄيس، يا وري هن کي ڪجهه به ڪم نٿو ڏنو وڃي. ويٺو مکيون ماري. ماٺ ماٺ ۾ ويهي نيٺ اُٻاسيون ۽ جهوٽا کائڻ لڳي ٿو يا آفيس ڇڏي هيڏانهن هوڏانهن ڦيريون پائي ٿو ۽ پوءِ سندس صاحب هر هڪ کي اهوئي چوي ٿو ته همراهه پنهنجي سيٽ تي نظر نٿو اچي کيس ڪو ڪم ڪرڻ لاءِ ڌوڙ ڏجي.