قيامت ۾ يقين رکين ٿو
دراصل ليسا ڪجهه وڌيڪ ئي منڌل لڳي رهي هئي ۽ ان عالمي مسئلي بابت مون کي به پريشان ٿيڻ کپي، جيڪو اسانجي هڪ سبجيڪٽ Environmental Pollution جو هڪ حصو آهي ۽ ان بابت جيئن ئي ليسا ياد ڏياريو ته ساعت ٻن لاءِ آئون به غمگين ٿي ويس. پر مون جهڙي هڪ پاڪستاني لاءِ خاص ڪري سنڌ جي رهاڪوءَ لاءِ ٻيا روزمره جا سر تي سوار ويجها ۽ مستقبل قريب جامسئلا ڪي گهٽ آهن جو ڏور آئيندي جي (سو به الائي اچي يا نه) هڪ عالمي مسئلي جي هينئر کان ئي ڳڻتي ڪريان. اسين ماڻهو سوين مونجهارن ۽ مسئلن ۾ وڪوڙيل، هر پل تي جيئڻ لاءِ جس ڪندڙن لاءِ ڪڏهن ڪڏهن اهڙيون عالمي آفتون رحمت ثابت ٿينديون آهن، جيڪي اسان کي لاتعداد ڏکن غمن کان نجات ڏياريو ڇڏين. هو ڇا چوندا آهن ته ڏک غم ته سڀني وٽ آهن پر اسان سنڌي ماڻهن وٽ وٿاڻين آهن. هيڪاندا گهڻا آهن.
ليسا کي ته نه ڀائرن ڀينرن جي پڙهائيءَ جو فڪر آهي، نه انهن جي نوڪرين جو، نه مٽن مائٽن جي بيماري ۽ علاج جو ۽ نه گهر ۽ مسواڙ جو. سندس ڪو مٽ مائٽ اغوا ٿئي ٿو، نه ڪنهن سندس عزيز ۽ پاڙي واري جي گهر ۾ کاٽ لڳي ٿو. نه مٿانئن پوليس جي پٽ آهي ۽ نه ملٽري جو مار موچڙو. نه اٽي لٽي جي کوٽ جو مسئلو آهي نه ڪوڙن ڪيسن ۾ڪورٽن جا چڪر آهن. نه ڪنهن ڌاڙيل، پير وڏيري جا ظلم آهن نه هنن کي ڊاڪٽر مدي خارج دوائون ڏئي وڌيڪ اگهو ڪري ٿو. هوءَ ڀلي اڄ کان پنجويهه سالن بعد اچڻ وارن مسئلن تي اڄ ئي سوچي ڪجهه وڌيڪ سنهي ٿئي.
”ڇا پيو سوچين؟“ دريءَ جي ٻاهران مون کي ٽڪ ٻڌي گهوريندو ڏسي هن پڇيو.
پارڪ واري بس اسٽاپ وٽ وڻ هيٺان هڪ ڇوڪر ۽ ڇوڪري ڀاڪر پائي ويٺا هئا. ان اسٽاپ کي جيئن بس ڇڏيو ته ليسا کي سندس سوال جو جواب ڏنم. دراصل ولايت ۾ اڪيلو رهندڙ عورت توڙي مرد تي ڪڏهن ڪڏهن رکي رکي سخت قسم جي Depression حاوي ٿيندي آهي. ليسا تي هن وقت شايد ان دوري جو اثر هو، جنهن ڪري هن کي هر ڳالهه ۾ مايوسي نظر اچي رهي هئي. ۽ ان ڊپريشن مان نڪرڻ لاءِ هن ڪجهه نه ڪجهه ڳالهائي پاڻ کي بزي ۽ Occupied رکڻ چاهيو ٿي.
”ليسا! آئون سوچي رهيو آهيان ته ان ڌرتيءَ جي گرمائش ۾ به سڀ کان وڌيڪ نقصان پاڻ ايشيائي ماڻهن کي ٿيندو ۽ خط استوا جي ويجهڙائي وارن ملڪن جي ماڻهن جو گهڻو موت ٿيندو. ڏس پاڻ وٽ اڳهين سخت گرمي ٿئي ٿي. ويتر جي ٽي چار ڊگريون وڌيڪ گرمي ٿي ته معنى قيامت ئي ٿي. خبر اٿئي گذريل سال سنڌ ۾ ڪجهه ڏينهن ايڏي سخت گرمي ٿي جو ڪيترا اڏمندڙ پکي Dehydration ڪري بيهوش ٿي ڪري پيا هئا. آفريڪا ۾ ته هينئر ئي ان گرميءَ جا اثر سوڪڙ Draught جي صورت ۾ نظر اچڻ لڳا آهن. اٿوپيا، صوماليا، سوڊان ۽ چاڊ سان گڏ هي پهريون دفعو موزمبق ۽ هاڻ ڪينيا ۾ به مينهن نه پوڻ ڪري اهو ملڪ به ڏڪاري حالت ۾ داخل ٿي رهيو آهي ۽ توهان فلپيني ماڻهن سان جيڪي ننڍن ننڍن ٻيٽن تي رهو ٿا گرميءَ سان گڏ سامونڊي ٻوڏ جو به مسئلو ٿيندو. گرميءَ ڪري اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب جي برف ڳرندي ۽ سمنڊ جي وڌندڙ ليول خط استوائي ملڪن جا ڪنارا ۽ ٻيٽ ٻوڙي ڇڏيندي.“
۽ هاڻ ليسا وڌيڪ گنڀير ٿي ويئي ۽ هاسٽل جي بس اسٽاپ تائين، چپ چاپ، چيچ سان پنهنجي هڏن سان ڀريل مٿي کي کنگهندي رهي. بس مان لهي هاسٽل جي در تائين به ماٺ مٺوڙي ۾ سوچيندي آئي ۽ پوءِ لفٽ ۾ پنهنجي ڇهين ماڙ ڏي روانو ٿيڻ کان اڳ پڇڻ لڳيِ:
”الطاف! هڪ ڳالهه ته ٻڌاءِ. قيامت ۾ڇا تنهنجو يقين آهي؟“
”هائو. بلڪل. آئون مسلمان آهيان ۽ هر مسلمان جو قيامت جي ڏينهن تي يقين هجڻ ضروري آهي.“ مون وراڻيو مانس.
”مون کي ته ائين لڳندو آهي ته قيامت ڄاڻ ته آئي.“ ليسا چيو.
”اسان جي مذهب موجب قيامت جي مقرر ڏينهن جي ڪنهن کي خبر ناهي. پر اهو ڏينهن اچڻو ضرور آهي. ان جا آثار نموندار ٿيڻ لڳا آهن. ٿي سگهي ٿو ههڙيون گرميون اڳتي هلي قيامت آڻين.“
”ڪيئن ڀلا؟“ ليسا حيرت مان پڇيو.
”آئون ننڍو هوس ته آمريڪا جي هڪ شهر فلڊ لفيا ۾ هڪ عيسائي سائسندان مون کي ٻڌايو هو. هو تازو مسلمان ٿيو هو ۽ هيءَ ڳالهه اڄ کان ويهه ٻاويهه سال اڳ جي آهي، جڏهن هي Green House Effect ۽ گلوبل وارمنگ جهڙيون ڳالهيون اڃا عام ماڻهوءَ جي خواب خيال ۾ به نه هيون. هن چيوته ڌرتي اڳتي هلي ٿڌي ٿيڻ بدران گرم ٿيندي ۽ اها گرمائش هڪ حد کان پوءِ تيزي سان Geometrical Progression ۾ ايڏو وڌي ويندي جو هي دنيا جو گولو جيڪو چقمق وانگر هر شيءِ کي پاڻ وٽ ڇڪي بيهاريو ويٺو آهي سو ڪشش وڃا.ئي ويهندو. ڇو جو گرمائش ۾ Magnetic Properties (حقمقي خاصيتون) ختم ٿيو وڃن. لوهه جي ذرڙن کي چقمق سان چنبڙائي ۽ پوءِ چقمق کي موم بتيءَ سان گرم ڪيو. هو ڇڪڻ جي خاصيت وڃائي ويهندو ۽ لوهي ذرڙا وڃي پٽ تي ڦهڪو ڪندا. ان ريت جڏهن ڌرتي گرمائش ڪري پنهنجي ڪشش وڃائي ويهندي ته انسان جانور ته ڇا پر وڏيون وڏيون عمارتون ۽ جبل ٽڪر ڌرتيءَ جي گولي کان اڇلجي پري هليا ويندا.“
منهنجي ڳالهه پوري ٿيڻ تي ليسا ڪو ٻيوسوال ڪري ان کان اڳ لفٽ جو دروازو کولي کيس اندر گهڙڻ لاءِ چيو ۽ سندس ماڙ جو ڇهون نمبر بٽڻ دٻائي کيس لفٽ ذريعي روانو ڪيو ۽ آئون پاڻ ڏاڪڻيون چڙهي پنهنجي ڪمري جي ٽين ماڙ تي پهتس.