ٿرماميٽر ڏسڻ بنا گهران نه نڪرجي
هن دفعي ٻه چار ڏينهن لڳاتار اس نڪرڻ ۽ سيءُ گهٽجڻ تي اسان سمجهيو ته هاڻ ڪوٽ سئيٽرن جي ضرورت نه پوندي- يعني گهٽ ۾ گهٽ اونهاري جا هي ٻه ٽي هفتا، پر ڇنڇر آچر هاسٽل اندر ئي موڪل گذارڻ بعد سومر ڏينهن ڪو سيءَ ٿي پيو، جنهن جو اندازو گرم هاسٽل ۾ اندر ويهي نه لڳائي سگهيس. يونيورسٽيءَ وڃڻ لاءِ ٻاهر نڪرڻ کان اڳ، نيرن تي هاسٽل ميس ۾ ڪئپٽن عاشق ۽ چيف انجنيئر حميد قاضيءَ کي ٽائي ڪوٽ ۾ڏسي پڇيومان:
”ابا خير ته آهي. طبيعت صحيح ناهي ڇا؟“
”ڇو ڀلا؟“ جواب بدران هنن سوال ڪيو.
”اڄ ڪوٽ پائي پيا وڃو؟“ مون پڇيو مان ۽ هو ويچارا ان جو صحيح جواب ڏين ته ”موسم جي تازي رپورٽ موجب اڄ ٻاهر سيءُ آهي.“ ان کان اڳ مون ٽوڪيو مان:
”ڪو سيمينار يا نوڪريءَ لاءِ انٽرويو آهي ڇا؟“ ۽ اهو چئي کانئن پري خالي ٽيبل تي نيرن وڃي ڪيم.
ميس ۾ نيرن تي اچڻ مهل، يونيورسٽي وڃڻ لاءِ ڪتابن جو ٿيلهو يا بريف ڪيس کڻي ايندا آهيون جيئن نيرن بعد وري ڪمري ۾ اچڻ بدران اتان ئي يونيورسٽي هليا وڃون. سو ان ڏينهن نيرن بعد جهڙو هاسٽل کان ٻاهر نڪتس ته ٿڌين هوائن پنهنجو اثر ڏيکاريو. پر هاسٽل کان ايترو پري ۽ بس اسٽاپ جي ايترو ويجهو اچي پهتو هوس جو هاسٽل ڏي موٽي گرم ڪپڙا پائڻ لاءِ فيصلو نه ڪري سگهيس. پٺيان پٺيان علوي پئي آيو. اهو به ڪوٽ مفلر ۾ هو. کيس چيم:
”يار اڄ ڏاڍو ڪچو ڪم ڪيو اٿم. هتي جي موسم جي نخري جو ته سوچيو ئي نه هوم.“
”اڪثر ائين ٿيندو آهي،“ علوي چيو، ”موڪل وارن ڏينهن بعد موسم کي ڌيان ۾ رکڻ وسري ويندو آهي. هتي يورپ ۾ هر وقت موسم کي ڌيان ۾ رکجي ته هن وقت ٻاهر ڪيترو سيءُ آهي ۽ هوا جي ڇا رفتار آهي ۽ مينهن پوڻ جا آثار آهن يا نه.“
آئون ٻڏتر ۾ بس اسٽاپ ڏي وڌندو رهيس. سمجهه ۾ نه آيو ته گرم ڪپڙن لاءِ هاسٽل موٽي وڃان يا سيءَ ۾ائين ئي ڏڪندو ڏڪندو يونيورسٽي پهچان. اهو ضروري آهي ته هاسٽل يا يونيورسٽي جي بلڊنگ- توڙي هتي جون آفيسون،دڪان، بسون، ريل گاڏيون ايترو ته گرم رهن ٿيون جو اندر ڀلي چڍي ۽ گنجي ۾ پيو هل پر ٻاهر جي سيءِ جي خبر نٿي پوي پر اڄ جيڪو سيءَ هو اهو ڪو سياري جهڙو سخت، زيرو ڊگرين کان به ڪو هيٺ نه هو ته به چڱو خاصو هو. بلڪ سيءَ لاءِ ته اهوئي چيو ويندو آهي ته سيءَ جو مدار توهان جي ڪپڙن تي آهي. ڀلي ڪيڏو به سخت سيءَ هجي پر جي توهان پنهنجي جسم کي چڱي طرح گرم ڪپڙن سان ڍڪي هلندؤ ته توهان کي گرمي محسوس ٿيندي. پر جي جسم تي پورا پنا ڪپڙا نه آهن ته ٿورو سيءَ به گهڻو آهي جيئن ان ڏينهن مونسان ٿي رهيو هو.
الله الله ڪري بس اسٽاپ تي پهتس ۽ بس جو انتظار ڪرڻ لڳس. يونيورسٽي جلدي پهچڻ کان وڌيڪ سيءَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ اڄ بس جو انتظار هوم. چوڌاري نظر ڊوڙايم ته ويندي هتي جا رهاڪو جيڪي ٻه چار ڏينهن اڳ قميصن ۽ بشرٽن ۾ نظر اچي رهيا هئا سي ڪوٽن سئيٽرن ۾ ڍڪيل هئا. اسان جهڙن ڌارين کي ته هونءَ به سيءَ گهڻو ٿو لڳي ۽ مڪاني ماڻهن کان هڪ اڌ وڌيڪ ئي آٿر پاڻ تي چاڙهيندا آهيون پر اڄ ته مڪاني ماڻهو به ڪوٽ پائي پئي هليا. هڪڙو آئون چرين وانگر بنا ڪوٽ سئيٽر جي فقط قميص ۾ ڪن ڪڍيو بيٺو هوس، ايتري ۾ بس آئي ۽ سڀ کان اڳ آئون اندر گهڙي ويس ۽ شڪر ڪيم ته هاسٽل کان بس تائين جي اڌ منزل تي پوري ٿي باقي هاڻ يونيورسٽي بس اسٽاپ کان يونيورسٽيءَ جي عمارت تائين جو فرلانگ ٻه کن پنڌ. علويءَ کي چيم: ”بس اڄ رڳو خير سان شام جو گهر پهچان. باقي آئيندي مجال آهي جو بنا ٿرماميٽر ڏسڻ يا ٽي وي تان Weather Report ٻڌڻ جي ٻاهر نڪران.“ بهرحال يونيورسٽيءَ کان شام جو موٽندي خير هو جو منجهند تائين آسمان ڪڪرن کان خالي ٿي ويو ۽ سج ڌرتيءَ کي چڱي تپش ڏني ۽ صبح وارو سيارو اونهاري ۾ بدلجي چڪو هو.
سو ان قسم جي مهيني کن جي اونهاري جو اڌ 19 جون تي ٿيندو آهي. اهو ڏينهن موڪل ٿيندو آهي ۽ هتي جا ماڻهو مائٽن، مٽن، دوستن سان گڏ گهڻو ڪري پڪنڪ يا پارٽيون ملهائيندا آهن. هفتو کن اڳ ذوالحج جي عيد ٿي هئي سو هن موڪل مان فائدو وٺندي پاڪستان ايسوسيئيشن وارن ”عيد ملن پارٽي“ به هن تاريخ يعني 19 جون تي رکي. ايسوسيئيشن جو سيڪريٽري سرتاج ان قسم جي لکت ۾ دعوت ٻه چار ڏينهن اڳ ڏئي ويو هو. گذريل عيد واري دعوت ۾ آئون وڃي نه سگهيو هوس پر هن ڀيري، مسعود پنهنجي ڪار ۾ هتي رهندڙ پاڪستاني شاگردن کي وٺڻ لاءِ آيو ته آئون به ساڻن روانو ٿيس. مسعود هتي جي چند پڙهيل ڳڙهيل پاڪستانين مان هڪ آهي ۽ شهر ۾ ٻه دڪان اٿس. پاڻ هتي ويهن سالن کان رهي ٿو ۽ سندس زال سئيڊس آهي.