عالم برزخ ۾
“Are you an Iranian?” مون ڀر ۾ ويٺل نوجوان کان انگريزيءَ ۾ پڇيو.
”نه، آئون ايراني نه پر عراقي آهيان.“ هن وراڻيو.
”۽ تون؟“ مون ٻئي کان پڇيو.
”آئون ايراني آهيان. اسان ٻئي ٻن ٽن سالن کان هتي رهون ٿا. هي صدام جي ظالم حڪومت کان ڀڄي آيو آهي ۽ آئون خمينيءَ جي حڪومت کان.“
”پوءِ هتي سئيڊش ۾ رهڻ ڪيئن ٿو لڳي.“ مون پڇيومان.
”پنهنجي ملڪ کان ته بهتر آهيون. پر اسان کي سال اڌ بعد جيئن ئي پڪي رهائش ۽ هتي جو پاسپورٽ ملندو ته پوءِ آمريڪا ڀڄي وينداسين. اُتي سڀ ۾ بهتر آهي. وڏو ملڪ آهي. هر قسم جو موسم ۽ ماڻهو آهن“.
”پوءِ هينئر ئي ڇو نٿا وڃو؟.“ مون پڇيو مان.
”ان ڪري جو هينئر ايراني يا عراقي پاسپورٽ تي اسان کي آمريڪا يا ٻئي ڪنهن ملڪ جا لفٽ نه ڪرائيندا.“ هڪ چيو.
”هڪ دفعو سئيڊن جو پاسپورٽ هٿ اچي ويندو ته پوءِ اسان ٻي ملڪ ۾ سئيڊش يعني يورپي ليبل سان ڄاتا وينداسين.“ ٻئي چيو.
هتي رهندڙ هڪ پاڪستانيءَ به ڪجهه اهڙن خيالن جو اظهار ڪيو هو:
”مون کي سئيڊن ملڪ جي آبهوا ۽ نه وري ماحول وڻي ٿو پر هن ملڪ جي Citizenship ملڻ بعد آئون پاڪستاني نه پر سئيڊش سڏيو ويندس. ۽ پوءِ سئيڊن جي ليبل سان آئون سعودي عرب، ڪويت، دبئي ۽ برونائي توڙي انگلينڊ، آسٽريليا، نيوزيلينڊ جهڙن ملڪن ۾ بنا ويزا جي ائين اچي وڃي پيو سگهندس. جيئن چيچه وطني کان ميانوالي- يعني جيئن ڪو هڪ ڳوٺ کان ٻئي ڳوٺ اچي وڃي. هينئر هڪ پاڪستانيءَ جي حيثيت ۾ مون کي ڪو عرب ملڪ هڪ ڏينهن لاءِ به پنهنجي ڌرتيءَ تي قدم رکڻ نه ڏيندو. ڀلي کڻي آئون پنج وقت نمازي، پرهيزگار متقي مسلمان هجان. ڀلي کڻي آئون ڊاڪٽر، انجنيئر يا ڪو قابل سائسندان هجان. عرب، پاڪستاني، هندستانيءَ بنگلاديشي کي ڀنگي، باگڙي، ڀيل کان به ڪمتر سمجهن ٿا. پر يورپ جي ڪنهن ملڪ جي پاسپورٽ سان کڻي ڪو ڪارو چور هجي، هن کي جيءَ ۾ جايون ڏنيون وڃن ٿيون“.
عراقي نوجوان کان پڇيم: ”توهان ڪهڙي زبان ۾ گفتگو ڪري رهيا هئائو؟“
”هتي جي زبان سئيڊش ۽ فارسيءَ ۾.“ هن وراڻيو.
”عربي ۾ نه؟“ مون پڇيومانس.
”نه، ان ڪري جو هن ٻئي همراهه (ايرانيءَ) کي عربي نٿي اچي.“
”تون ايراني ڪٿان سکئين؟“ مون پڇيو مانس.
”هتي اچڻ کان اڳ ايران جي هوٽلن ۾ مون پنج سال کن بئرو ٿي ڪم ڪيو آهي. ايراني اتي سکيس.“
”عراق ڇو ڇڏيئي؟“
”بس پنهنجو وطن ڇڏڻ ڪنهن کي وڻي ٿو. حاڪم صحيح قسم جا هجن ته رب پاڪ سک ۽ آرام لاءِ سڀ ڪجهه ڏنو آهي، جيڪو ورهائي ونڊي کائي سگهجي ٿو. پر قدرت جتي سڀ ڪجهه عطا ڪيو اتي جيڪر اسان جا حاڪم به صحيح هجن ها ته عرب ملڪ سينگاپور، سئيڊن، جپان، آسٽريليا کان وڌيڪ خوشحال ۽ باعزت هجن ها. پر اسان جي حڪمرانن جي ڪڌن ڪرتوتن، انڌي حوس، عزت جو سوال سمجهي ڀر وارن ملڪن سان جهيڙا فساد ڪرڻ ۾ اسان کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي. لکين مرد انهن جهيڙن جنگين ۾ مارجي ويا. منهنجي ماءُ نٿي چاهيو ته مون کي ان آرمي لاءِ ڀرتي ڪيو وڃي جيڪا هڪ بي مقصد جنگ وڙهي رهي آهي. ساڳيو حال هن ايراني نوجوان جو آهي. انڪار ڪرڻ تي اسان کي ماريو ڪٽيو ويو. جيلن ۾ وجهڻ جا دڙڪا ڏنا ويا. آخر واهه ڏسي ڀڄي پياسين ۽ ڌڪڙ کائي اچي هتان نڪتا آهيون.“
”ڀلا هاڻ ايران ۽ عراق جا تعلقات ڪٿي پهتا آهن؟“ مون پڇيو.
”عالم برزخ ۾.“ ايراني وراڻيو.
”ڇا مطلب؟“ مون پڇيو.
”بس اهوئي ته نه سٺا آهن نه خراب. انسان مرڻ بعد يڪدم دوزخ يا جنت ۾ ته نه ويندو آهي. ان جي فيصلي ٿيڻ ۽ وڃڻ کان اڳ انسان جو جتي روح ٽنگيل هوندو آهي ان کي عالم برزخ چئي سگهجي ٿو. سو ساڳيو حال اسانجو آهي“.