ان معاملي ۾ ٿڌائي ٿڌائي آهي
”بي روزگاريءَ جو ڀتو مهيني ۾ ٻارهن هزار رپيا کن مون کي ۽ ٻارهن هزار منهنجي زال کي ملي ٿو“، هڪ همراهه ٻڌايو. ”هاڻ منهنجي زال کي هڪ هنڌ سورهن سترهن هزار روپين کن جي نوڪري ملي آهي پر هوءَ چوي ٿي ته ٽن چئن هزارن روپين جي فرق لاءِ ڇو صبح جون ننڊون ڦٽائي روزانو اٺ ڪلاڪ وڃي ڪلارڪي ڪيان.“
نوڪريءَ ۾ مرد عورت جي تفاوت کي نٿو ڏٺووڃي. دڪانن توڙي آفيسن ۾، مرد توڙي عورتون ساڳيو ڪم ڪن. فئڪٽرين ۾ ڪم مرد به ڪن ته عورتون به. بس ڊرائيور مرد به آهن ته عورتون به. پڙهيل ڳڙهيل ۽ هنرمند مرد به آهن ته اوتروئي عورتون به. انڪري ڪنهن جي ننڍي وڏي جي ڳالهه ئي ڪانهي. هرڪو پنهنجو پاڻ کي سوا سير سمجهي ٿو. ڪوبه سير ناهي. رڌ پچاءَ به ٻئي ڪن. ٻار نپائڻ جو ڪم به ٻنهي جو سمجهيو وڃي ٿو. اسان جي هاسٽل سامهون ننڍڙن ٻارن جو اسڪول آهي. ٻارن کي واري وٽي تي هفتو ماءُ ته هفتو پيءُ اسڪول ڇڏڻ ايندو آهي. منهنجي خيال ۾ ان مٿي جي سور کان مردن به اولاد تان ئي هٿ کڻي ڇڏيو آهي. حڪومت دانهون ڪندي رهي ٿي ته گهڻي کان گهڻا ٻار ڄڻيو. ملڪ ۾مال ججهوئي آهي ماڻهو گهٽ آهن. پر هن پاسي ان معاملي ۾ ٿڌائي ٿڌائي آهي.
لاڏين ڪوڏين آندو آهي
هتي جي هڪ دعوت ۾ سئيڊش عورت يونيورسٽي جي شاگردن سان نه فقط نچي رهي هئي پر ڪافي فري انداز سان ڳالهائي رهي هئي.
“Are you Married?” مون پڇيومانس.
”ييس.“ هن وراڻيو.
”پوءِ تنهنجو مڙس نه آيو.“
”آيو ٿي پر اچڻ مهل کيس مٿي ۾ سور اچي ٿيو. سو چيومانس هن بيوقتائتي مرض اسان کي چڱو مُٺايو. پر پاڻ مونکي چيائين ته آءُ ڀلي Enjoy ڪري اچان.“
منهنجي تعجب کائڻ تي چوڻ لڳي:
”پاڻ به ته ڪڏهن ڪڏهن اڪيلو ڌارين ڇوڪرين سان هليو ويندو آهي.“
ٻنهي ڌرين جي آزادي يا ٻنهي ڌرين جو پڙهيل ڳڙهيل هجڻ يا ٻنهي ڌرين جو نوڪريون ڌنڌا ڪرڻ ته يورپ توڙي آمريڪا جي ٻين ملڪن ۾ به عام آهي. ويندي ايشيا جي جپان ۽ ڪوريا ۾. پر سئيڊن جو قانون عورت جي حقن جو تمام گهڻو خيال ڪري ٿو. جپاني يا ڪورين عورت محنت مزدوري بعد به مڙس جي موچڙن هيٺ رهي ٿي. پر مجال آهي جو سئيڊن جو ڪو مرد پنهنجي زال کي موچڙو مار ڪري يا وڏي واڪ به ڳالهائي.ڪو پاڙي واروئي پوليس کي فون ڪندو ته ملزم کي ان ئي وقت ٽنگوٽالي ڪري وٺي ويندا.۽ نه وري ڪو مرد زال کي طلاق ڏئي ٽن وڳن ۾ ٻاهر ڪڍي سگهي ٿو. طلاق مهل عورت جي پنهنجي ملڪيت ته پنهنجي رهنديس. پر مڙس جي اڌ ملڪيت جي به مالڪڻ ٿيو وڃي.
بهرحال انهن سڀني ڳالهين هوندي به گهڻي ڀاڱي مرد توڙي عورتون هڪ ٻئي سان خوش نه آهن. عورت کي اهائي شڪايت آهي ته مرد عورت جي اها عزت ۽ خيال نٿو ڪري جيڪو ڪرڻ کپي. ڪيترن ملڪن ۾ عورت گهر جي راڻي ٿيو ويٺي آهي. مرد نوڪري پورهيوڪري گهر جي خرچ لاءِ پئسو آڻي ٿو. گهر جي ڀاتين جي اگهائي سگهائي جوخيال رکي ٿو، گاڏين توڙي گهر جي مرمت جواونو رکي ٿو. پر هتي سئيڊن ۾ عورت کي به ڪمائڻوپوي ٿو. هڪ شهر مان ٻئي شهر اڪيلووڃڻو پوي ٿو. خود سامان ڍوئي ٿي. مڙس پنهنجن .ئي دوستن يارن يا سهيڙين جي سنگت ۾ رڌل رهي ٿو ۽ ٻاهران ئي ايترو پي اچي ٿو جو گهر ۾ گهڙڻ سان بستر تي ڊهيو پوي. هن کي زال جي ڏک درد ٻڌڻ ۽ همدردي ڪرڻ لاءِ نه وقت آهي نه واسطو. اهوئي سبب آهي جوسئيڊن جون ڪيتريون ڇوڪريون ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جي ڪارن ڪوجهن کي وڌيڪ پسندڪن ٿيون. ۽ ان۾ ڪو شڪ ناهي ته انهن ڌارين سان شادين جي ٽٽڻ جو في سيڪڙو گهٽ آهي نه ته هن ملڪ ۾ طلاق ۽ خودڪشي جا ساليانا انگ اکر تمام وڏا آهن.
ساڳي وقت هتي جي مردن کي پنهنجين سئيڊش زالن سان پڻ شڪايت آهي ته هو مڙس جي اها عزت نٿيون ڪن جيڪا ڪرڻ کپين. ان لاءِ هو ٻين ملڪن جا مثال ڏين ٿا. خاص ڪري جپان، ٿائلينڊ، انڊونيشيا، ملائيشا پاسي جي عورتن جا، جيڪي نوڪري ۽ پورهيو ڪن ۽ مردن کي پئسوڪمائي ڏيڻ ۾ مدد ڪرڻ جي باوجود سندن دل و جان سان خدمت ڪن ٿيون. نتيجي ۾ جنهن جنهن سئيڊش مرد کي وجهه لڳي ٿو ته اهو غير سئيڊش عورت سان شادي ڪري ٿو. شايد ان ڳالهه کي مدنظر رکي، ٿائيلينڊ حڪومت وچ ۾ ٽوئرزم (Tourism) جو اهڙو پروگرام ٺاهيو هيو جنهن ۾ يورپ جي پئسي وارن ٽوئرسٽن کي ٿائلينڊ گهمڻ سان گڏ ٿائي ڇوڪريءَ سان شادي ڪري پنهنجي ملڪ وٺي وڃڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي. ان اسڪيم هيٺ ڪيترين ئي غريب لاوارث ۽ ويندي هلندي چلندي وارين ٿائي ڇوڪرين جي يورپين سان شادي ٿي هئي ۽ سندن سٺو وهنوار ۽ مڙس جي دل و جان سان خدمت چاڪري ڏسي اڃا تائين ڪيترا يورپي ٿائلينڊ جي ڇوڪرين سان شادي ڪرڻ لاءِ واجهائين ٿا.
مٿئين قصي بيان ڪرڻ مان پڻ اهائي مراد آهي ته هتي جيڪي ايشيائي مرد توڙي عورتون نظر اچن ٿيون اهي پنهنجي مرضي سان هتي جي ماڻهن ۽ ملڪ جي ايڪاناميءَ تي بار اچي نه ٿيا آهن پر خود هتي جي ماڻهن- عورتن توڙي مردن، لاڏين ڪوڏين شاديون ڪري کين هتي آندو آهي. ان ڪري اڄڪلهه ايشيا يا آفريڪا جي ماڻهن جي گهڻائيءَ جي باوجود هتي جي حڪومت ڪو اهڙو قانون نٿي ڪڍي سگهي جنهن هيٺ هر ڌارئين کي ٻاهر ڪڍيو وڃي. ڇو جو ڪيترا ڌاريا ٻار، مرد توڙي زالون، هتي جا سئيڊش ماڻهو پنهنجي رضامنديءَ سان وٺي آيا آهن ۽ اهي سندن فيملي جو حصو بنجي ويا آهن ۽ هاڻ انهن کان ڇڄي ڌار ٿيڻ ڏکيو ڪم آهي. وڌ ۾ وڌ هو نون ايندڙ غير قانوني ماڻهن جي اچڻ تي روڪ ڪري سگهن ٿا.