هينئر اسين ڀنگي چوڪيدار به نه آهيون
”بهت خوب!“
”واقعي!“ هن وراڻيو، ”ملڪ جي ترقيءَ جو ان کان وڌيڪ ٻيو ڪهڙو اهڃاڻ ٿي سگهي ٿو ته ڏينهون ڏينهن پاڪستاني ناڻي جو اگهه هاڻ چڙهندو وڃي.“
اسان جي ڳوٺ جي مرحوم مسعود مجاور، يار محمد مٺائي واري، محرم ڪاسائي ۽ صالح ساٽيءَ جهڙن دلبر ماڻهن جهڙا سئيڊن ۾ رهندڙ هي اسانجا سادي طبيعت جا پاڪستاني، نڪو پڙهڻ ٽائيم يا نيوز ويڪ رسالو ۽ نه وري فار ايسٽرن ريويو يا ايڪانامسٽ، خبر ناهي ناڻي جي پيچيدگين بابت ڪٿان ۽ ڪهڙي دشمن کان ابتيون خبرون ۽ افواهه ٻڌي اچيو ههڙن محفلن ۾ ڪن ۽ خوش ٿين.
آيل مهمانن ۾، ڪجهه اهڙا چهرا جيڪي ٻنهي عيدن تي نماز تي مسجد ۾ نظر آيا هئا پر هن محفل ۾ نه هئا، ڀر ۾ ويٺل شبير کان انهن بابت پڇيم. خاص ڪري هڪ ٻن چهرن بابت جيڪي مسجد ۾ نماز لاءِ غاليچا وڇائيندي ۽ صفون سڌيون ڪرائيندي ذري ذري نظر ايندا آهن.
”انهن اسان جي ايسوسيئيشن کي ڇڏي پنهنجي ڌار سوسائٽي ٺاهي آهي، جيڪا پاڪستان ڪلچرل سوسائٽيءَ جي نالي سان سڏجي ٿي. اهي ههڙن موقعن تي ڌار گڏجاڻي ڪن ٿا ۽ منهنجي خيال ۾انهن جي به اڄ ئي گڏجاڻي آهي.“ شبير ٻڌايو.
”پر هن شهر مالمو ۾ پاڪستاني آهن ڪيترا جو ٻن سوسائٽين جي ضرورت پيش آئي.“ مون پڇيومانس.
دراصل ڳالهه هيءَ آهي ته هتي هن پاسي جي ملڪن ۾ اسان جي پاڪستانين ۾ مزدور ۽ اڻ پڙهيل طبقو گهڻو آهي جنهن کي سهپ گهٽ آهي ۽ ذري پرزي جي ڳالهه تي هو عزت جو سوال وڌيڪ محسوس ڪن ٿا. پهرين پاڪستانين جي هڪ ئي سوسائٽي هئي. فلاڻو همراهه جيڪو هر سال سوسائٽي جي عهدي تي چونڊيو آيو ٿي سو گذريل سال گهٽ ووٽ ملڻ ڪري نه چونڊيو. ان تان هو بگڙي ويو ته سوسائٽيءَ جو بنياد اسان وڌو ۽ هاڻ اسان کي ئي ووٽ نٿو ملي ته اسان کي اهڙي سوسائٽيءَ کان ئي بس آهي. اسان ٻي پنهنجي سوسائٽي ڪنهن ٻئي نالي سان وڃي ٿا ٺاهيون. ۽ سائين منهنجا چند حمايتي ساڻ ڪري هنن پنهنجو ڌار ٽولو وڃي ٺاهيو آهي.“
مون کان ٽهڪ نڪري ويو، جنهن تي شبير به کلي چيو: بس يار! اهائي ته نشاني اسان جي پاڪستاني هجڻ جي آهي. اسان وٽ جمهوريت اها آهي ته پاور رڳو مون وٽ هجي. ملڪ ۾ ماڻهو ورهائجي ۽ ڇڙوڇڙ ٿي وڃن پر آئون لٺ سردار سمجهيو وڃان. پڏڻپائي منهنجي ئي هلي.“
مانيءَ بعد ٽيبل تي هٿ اگهيل پنن جا نئپڪن، هڏا، نانن جا ٽڪرا ۽ اڌ کاڌل ۽ باقي اڌ بچيل ٻوڙ ۽ سلاد جا پن پکڙيل هئا. پنهنجي مدد پاڻ ڪريو جي اصول تي مون پنهنجي اردگرد جا ذرا پرزا هڪ پليٽ ۾ گڏ ڪرڻ چاهيا ٿي ته سيڪريٽري سرتاج چيو:
”پليٽون اتي ئي پيون هجن. انهن جي کڻڻ ۽ صفائي جو هن ڀيري بندوبست آهي.“
ايتري ۾ گورا همراهه پلاسٽڪ جي وڏي ٿيلهي، ڪچري لاءِ کڻي آيا. پليٽن ۽ ٽيبل تي بچيل ذرا پرزا ان ۾ وجهي، ڌوئڻ لاءِ پليٽون گڏ ڪرڻ لڳا.
”هي انگريز ڪير آهن؟“ مون پڇيو.
”هنن کي سؤ ڪرونا ڪلاڪ جي حساب سان ڏئي صفائيءَ لاءِ گهرايو اٿئون. ٻن ڪلاڪن جا چار سؤ ڪرونا وٺندا پر پنهنجي جان ڇٽي ويندي. نه ته دعوت بعد هرڪو مهمان موڪلائڻ ۾ پورو رهي ٿو ۽ ٿانوَ تپا ڪير کڻي ڌوئي ۽ سڪائي.“
عجيب فئنسي ڊريس نمونو لڳي رهيو هو. اسان پاڪستاني ڪي شلوارن قميصن ۾ته ڪي ڪالر ڦريل ڪوٽ پتلونن ۾ ڏند کوٽي رهيا هئاسين، يا ٻارن جي رڙين جي بئڪ گرائونڊ ۾ سامهون واري ٽيبل تي ويٺل ٻين همراهن سان وات ڦاڙي خبرون ڪري رهيا هئاسين ۽ هي ٻه يورپين همراهه ڪمپليٽ سوٽن ۾ ٽيبلن جي صفائي ڪري رهيا هئا ۽ اسان جي بي افعالي نموني کائڻ تي ضرور سوچي رهيا هوندا.
”نه.“ هن وراڻيو.
”ته پوءِ پڪ پولش هوندا.“ مون خاطريءَ سان چيو، ڇو ته هن تر ۾ پولينڊ جا ماڻهو غريب آهن. ٽرڪن تي بجري ڍوئڻ، رستن ۽ عمارتن جي صفائي ڪرڻ، يا هوٽلن، ڪارخانن ۽ دڪانن تي بئرا يا مزدور ٿي ڪم ڪرڻ تي گهڻي ڀاڱي هن ڀر واري ملڪ پولينڊ جا رهاڪو نظر اچن ٿا. پر سرتاج ٻڌايو ته اهي يوگوسلاويه جا آهن.
”اڄڪلهه يوگو سلاويه ۾ ملسمانن جو قتل عام ۽ هنگامو هجڻ ڪري اتي جا ڪيترائي ماڻهو هيڏانهن ايندا رهن ٿا ۽ کين هتي به نوڪري نٿي ملي. پر اسان پاڪستاني ڪوشش ڪري انهن مسلمانن جي مدد ڪريون ٿا.“
ٽيبل ۽ ٿالهين چمچن جي صفائيءَ بعد، اسان جي پويان پيل هڪ ننڍڙي ٽيبل تي هو جڏهن ماني کائڻ لاءِ ويٺا ته آئون به ساڻن وڃي ويٺس.هنن يوگو سلاوين ۽ سئيڊش زبانن کان علاوه ڪجهه انگريزي به ڳالهائي ٿي، جنهن ذريعي هنن پنهنجي اندر جو اظهار هن ريت ڪيوِ:
”وطن جا ڪک ڇڏڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. ڌارئين ملڪ ۾ ڪير ڪنهن کي ڪيترو ڏيندو ۽ ڏيندو به ته هر هر پيو ساهيندو. يوگوسلاويه جي هر هڪ صوبي ۾ ڇا ڇا نه آهي. پيار محبت سان، حق انصاف سان ونڊي ورهائي جيڪر کائجي ته هرهڪ جي حصي ۾ گهڻو ڪي ڪجهه اچي سگهي ٿو ۽ سڀ امن امان سان رهي سگهن ٿا. هوڏانهن ايشيا جي پٺتي پيل ملڪن سينگاپور ملائيشيا جهڙا هڪٻئي جي عزت ۽ حق انصاف تي هلڻ ڪري ڪيترين قومن، زبانن ۽ مذهبن جي مڪسچر هوندي به خوشحال زندگي گذاري رهيا آهن ۽ هيڏانهن يورپ جيڪو پاڻ کي گهڻو سڌريل سمجهي ٿو ان ۾ اسان جهڙن ملڪن جا ماڻهو مذهب ۽ لساني جهڳڙن ۾ اهڙو ته الجهيا آهن جو ان جو دنگ پري پري تائين نظر نٿو اچي. هڪ هنڌ ويهي ٿڌي دماغ سان فيصلا ڪرڻ بدران هر هڪ اهو ٿو سمجهي ته هن وٽ ٻئي کان وڌيڪ هٿيار آهن. ان ڪري ان جي ئي هر ڳالهه کي اهميت ڏني وڃي. حق انصاف، پيار محبت بدران هرڪو گوليءَ جي ٻوليءَ کي نجات جي راهه سمجهي رهيو آهي ۽ هاڻ ڏسندي ڏسندي انسانن بدران انهن ڪڪڙن جي ويڙهه ٿي ويئي آهي، جنهن ۾ ڪڪڙ وڙهڻ بس ڪرڻ جو سوچين به ٿا ته انهن جا مالڪ ۽ تماشبين ’هُش هُش- متان ويو اٿئي‘ ڪري کين وڌيڪ وڙهڻ لاءِ آماده ڪن ٿا. اهڙيءَ طرح ٻه ڌريون سنئين راهه جو سوچين به ٿيون، ويڙهه ۾ ٺاپر به اچي ٿي ته اندر ۽ ٻاهر جون دشمن طاقتون ٻنهي کي ويڙهائڻ لاءِ سندرو ٻڌائين ٿيون. آخر هنن کي پنهنجا هٿيار پنهوار، بندوقن، بمن جا ڪارخانا به ته هلائڻا آهن ۽ هنن جي جيت ملڪن، صوبن، قومن جي ڪمزوري آهي.اهوئي سڀ ڪجهه اسان وٽ يوگو سلاويه ۾ ٿي رهيو آهي. جيڪو سلاويڪيا ۾ ٿي رهيو آهي. پاڪستان هندستان ۾ ٿي رهيو آهي، نائيجيريا، ڪينيا، گهانا ۾ ٿي رهيو آهي، عراق ايران ۾ ٿي رهيو آهي ۽ اڃا خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا ملڪ ۽ قومون ان باهه جي ڄڀيءَ هيٺ ايندا ۽ بيروت، سريلنڪا، نبورو ڪارا باغ ۽ بوسنيا بنبا.“
توهان تمام گهڻو پڙهيل ڳڙهيل لڳو ٿا.“ مون چيو مان.
”شايد!“ هنن نهٺائيءَ سان وراڻيو.”هتي اچڻ کان اڳ پنهنجي ملڪ ۾ ڇا هئائو.؟“ مون پڇيومان.
”ماضيءَ جي مٿاهين مان ۽ رتبي کي ياد ڪري پاڻ کي مونجهاري ۾ رکڻ اجايو آهي. ماضي ماضي آهي. حال حال آهي. هينئر اسان ڀنگي چوڪيدار به نه آهيون. ڪنهن کي دل ۾ پوي ٿو ته ڪنهن ڪم لاءِ پارٽ ٽائيم نوڪري ڏئي ٿو. پر اهو به شڪر آهي. حالتون جي ٿوريون به صحيح مليون ته محنت، ايمانداري، عقل ۽ حاصل ڪيل تجربي ۽ علم جي آڌار تي، اميد اٿئون ته هڪ ڏينهن اهو مقام ماڻي سگهنداسين جنهن جي اهليت رکون ٿا.“