ها بابا سڀ مٿي چڙهي ويندا
”منهنجي ڀيڻ هتي رهي ٿي. هوءَ هتي جي نئشنل آهي. اڄ کان ڏهه ٻارهن سال اڳ پهرين سندس مڙس هتي سئيڊن ۾ اچي رهيو، تن ڏينهن ۾ سئيڊن ۾ اچڻ ڪو اهڙو ڏکيو نه هو، جهڙو هينئر هر صورت ۾ناممڪن ڪري ڇڏيو اٿن. ڪجهه سالن بعد جيئن ئي هن جو پاسپورٽ ٺهيو ته زال کي به گهرائي ورتائين. هينئر آئون هنن وٽ گهمڻ لاءِ آئي آهيان.
”هيڏو خرچ ڪري سئيڊن آئي آهين؟“ مون حيرت مان پڇيو.
”دراصل هتي هميشه لاءِ رهڻ جي ڪوشش لاءِ آئي آهيان، پر هاڻ سئيڊن ۾ يا هن پاسي جي ٻين ملڪن ۾ ديرو ڄمائڻ ڏکيو ڪم ٿي پيو آهي. ڪو زمانو هو جڏهن عيدي امين ايشين کي يوگينڊا مان پئي ڪڍيو ۽ ظلم مچائي ڏنو هئائين، انهن ڏينهن ۾ نه فقط يوگينڊا ۾ رهندڙ ايشيائي پر آفريڪن پڻ امين جي ظلم جو بهانو ٺاهي يورپ جي ڪيترن ملڪن ۾ سياسي پناهه وٺي اتي جا شهري ٿي ويا هئا. سئيڊن، ناروي ۽ جرمنيءَ ته انساني همدرديءَ خاطر تمام گهڻن کي رهڻ ڏنو هو. پر هاڻ ڏکيوڪم ٿي پيو آهي.“
”پوءِ تنهنجي معنيٰ تنهنجا ڀاڙا ڀتا ويا برباد ٿي؟“ مون چيو.
”نه. ائين ناهي. ڪافي اميد آهي. هتي رهڻ لاءِ پورو زور لڳائي رهيا آهيون. ڪجهه ٻيا به گس آزمائڻا پوندا.“ هن ٻڌايو.
اتي مارشل آئلينڊ (Marshal Islands) جو مسٽر لئري اچي اڳيان بيهي رهيو ۽ يوگينڊا جي ڇوڪريءَکي ڊانس جي آڇ ڪرڻ لڳو.
”لئري توکي به هروڀرو هاڻ ڊانس ڪرڻي آهي. ٻيون ڇوڪريون سڀ منڊيون آهن ڇا جو ڏيهه ڇڏي هتان اچي نڪتو آهين.“ مون چيومانس.
يوگنڊا جي ڇوڪري کلڻ لڳي ۽ لئبري به شرمائي ’ساري! ساري!‘ چوڻ لڳو.
”نه يار ائين چرچا پيو ڪرين.“ مون لئريءَ کي چيو ۽ پوءِ يوگنڊا جي ڇوڪريءَ کي لئريءَ لاءِ چيم.:
”زبرسست ماڻهو اٿئي. مارشل ائلينڊ جو هي پهريون شاگرد هتي آيو آهي. گذريل سال جيئن ئي مارشل ٻيٽ يونائيٽيڊ نئشن جو ميمبر ٿيو ته I.M.O وارن نيويءَ سان واسطو رکندڙ هڪ آفيسر کي هيڏانهن اچي ايم ايس سي ڪرڻ جي آڇ ڪئي ۽ سڄي ٻيٽ تان هي چونڊيو ويو. ان مان اندازو لڳائي سگهين ٿي ته اسان جو لئري ڪيڏي اهم شخصيت آهي.“
”اهو به ته ٻڌائينس ته سڄي ٻيٽ تي ڪل ماڻهو گهڻا آهن؟“ ڪئپٽن حبيب کلندي چيو، آڱوٺي جيڏو ٻيٽ، چين يا انڊيا جي آدمشماري مان چونڊجي ها ته ڪا وڏي ڳالهه هئي. سڄي ٻيٽ تي ڪل ستر هزار ماڻهو تن مان فقط ٽي نيوي ۾ آهن. انهن مان هڪ چونڊجي هتي آيو آهي.“
لئري تيسين ان يوگنڊا جي ڇوڪريءَ سان نچڻ ۾ محو ٿي ويو هو.
”ڪجهه به آهي.“ مون حبيب کي چيو، ”جتي وڻ ناهي اتي ڪانڊيرو به درخت وارو حساب آهي. لئري هن وقت به ٽن اهم پوسٽن تي آهي. هتان ايم ايس سي ڪرڻ بعد کيس اڃا به پروموشن ملندي، جو هن ٻيٽ تي پڙهيل ڳڙهيل مڪاني ماڻهن جي تمام گهڻي کوٽ آهي.“
”ها بابا! سڀ مٿي چڙهي ويندا.“ حبيب هڪ دفعو وري کلندي طنز ڪئي. ”باقي پاڪستاني، هندستاني ۽ بنگلاديشي ڪيڏا به تير هڻي اچن ته به اتي جو اتي رهندا. مون کي ته ڊپ آهي ته ٻن سالن بعد پنهنجي آفيس ۾ اها پوسٽ به شايد نصيب نه ٿئي، جيڪا ڇڏي آيو آهيان. ڪنهن سياستدان جي چمچي کي اها ڪرسي ڏئي ڇڏيندا.“