دنيا جي ماڻهن سان ڏيٺ ويٺ
۽ هڪ اديب جي حيثيت ۾مون کي هڪ هنڌ ويهي مختلف ملڪن جي ماڻهن ۽ انهن جي رسم رواج، مذهب، پوشاڪ، زبان بابت ڄاڻ پوي ٿي. گهانا مون لاءِ ڄڻ ٻڻ قدمن تي آهي، ترڪي ستن قدمن تي جو ترڪي جو عدنان ٽن ڪمرن بعد واري ڪمري ۾ رهي ٿو. فلپين، نائيجريا ۽ موراڪو وغيره گرائونڊ فلور تي ته مئڊاگاسڪر، روس، آذربائيجان، ڪانگو ڇهين فلور تي آهي. لفٽ ذريعي ٻن ٽن منٽن ۾ پهچيو وڃجي، نه ته ڏاڪڻين رستي پنجن منٽن ۾. ان کان علاوه ڏينهن ۾ ٻه دفعا ماني تي، ٽي وي روم ۾، ڪمپيوٽر روم ۾، بس ۾، يونيورسٽي جي ڪئنٽين ۾، تقريباَ هر ملڪ جي، هر ماڻهوءَ سان سلام دعا ٿيو وڃي ۽ هفتي سوا ۾ هڪ دفعو هر هڪ سان پندرهن ويهه منٽ ڪچهري ٿيو وڃي.
هتي (سئيڊن) ۾ اچڻ کانپوءِ ڪيترا دفعا انهن پاڪستاني دوستن کان پڇيو هوم جن کي يونائيٽيڊ نئشنس جي مختلف ادارن جون انٽرنيشنل ميٽنگون اٽينڊ ڪرڻ جو نيويارڪ، لنڊن يا جنيوا ۾ موقعو مليو هو:
”ٻه هفتا کن نيويارڪ۾رهڻ دوران آفريڪا، ڏکڻ آمريڪا يا عرب ملڪن کان آيل نمائندن سان ڪچهري ٿي هوندي؟“
”نه. ڪنهن به قسم جي ذاتي ملاقات ڪنهن سان نه ٿي سگهي. ڇو جو اتي ايندڙن مان سڀني کي انگريزي نٿي اڇي جو ساڻن ڳالهائي سگهجي. ميٽنگ دوران ترجمي جون سهوليتون هجڻ ڪري ڪم جي ڳالهه تي ته ضرور بحث مباحثو هلي ٿو. ميٽنگ ختم ٿيڻ بعد، ٻاهر نڪرڻ تي سڀئي جهڙا گونگا ٻوڙا، ٻيو ته لنڊن، پئرس، نيويارڪ اهڙا شهر آهن جتي نه فقط اسانجا پاڪستاني سفارخاني وارا ۽ دوست يار، مٽ مائٽ موجود آهن پر ٻين ملڪن کان آيل همراهن جا پڻ. نتيجي ۾ ميٽنگ ۾ ڪم ڪرڻ جي ڳالهه پوري ٿيڻ تي هرڪو پنهنجن سان ملڻ لاءِ وٺيو ڀڄي. ڪنهن کي به ٻئي جي ملڪ جي ماڻهوءَ سان ملڻ يا ڄاڻ سڃاڻ وڌائڻ جو شوق نٿو ٿئي.“ هن ٻڌايو.
پر هتي، هن يونيورسٽيءَ ۾ اها مٿين ڳالهه ناهي جنهن جا ڪيترائي سبب آهن. سڀ کان وڏو اهو ته هر هڪ کي انگريزي ڳالهائڻ اچي ٿي ۽ اهو سوچڻو نٿو پوي ته آيا هو منهنجي ۽ آئون هن جي زبان سمجهي سگهندس يا نه. ۽ ٻيو ته سئيڊن جو هي شهر مالمو نه گاديءَ جو هنڌ آهي نه هتي ڌارين ملڪن جا سفارتخانا ۽ انهن سان وابسته هم وطني آهن. نه وري ڪو تمام وڏو شهر آهي جتي اسان جي ملڪن جون هوائي ڪمپنيون، بئنڪون ۽ ٻيا تجارتي ادارا هجن جن ۾ڪم ڪندڙ پنهنجن ماڻهن سان ئي ملاقات ڪجي. جيئن دبئي، ڪويت، سينگاپور، لنڊن، جهڙن هنڌن تي ڪيترا ماڻهو چار چار سال رهي ايندا آهن پر کين پاڙي ۾ رهندڙ ڪنهن ڌارئين ملڪ جي ماڻهوءَ سان ملڻ جو وقت نه ملندو آهي، جو پنهنجي ئي ملڪ جا ايترا هوندا آهن جو سٺو وقت انهن سان ملڻ ۾ گذري ويندو آهي. پر هتي اها ڳالهه ناهي. ٽين ڳالهه ته سڄو ڏينهن يونيورسٽي ۾ گڏ آهيون پر شام جو رهائش به هڪ ئي هنڌ هاسٽل ۾ آهي. اسان مان جيڪي هاسٽل ۾ رهڻ بدران الڳ فيلٽ وٺي رهيل آهن سي به سڀ هڪ ئي علائقي ۾ آهن. ان کان علاوه هر هڪ جو ڌار ڌار ڌنڌو ڌاڙي هجڻ بدران ساڳيو ئي آهي. يعني سڀ شاگرد آهيون ۽ روز جي هوم ورڪ کان وٺي امتحان جي تياريءَ تائين هڪ ٻئي ۾ ڪم پوندو رهي ٿو. ڪنهن کان ٻئي ڏينهن پيرڊن جو پڇڻ، ڪنهن کان امتحان لاءِ اهم سوالن جو پڇڻ. پروجيڪٽ (ٿيسز) لکندي ڪمپيوٽر ۾ ايندڙ مسئلي بابت ڪنهن کان پڇڻ، ٻٽون وساري اچڻ تي، ڪئنٽن ۾ ڪنهن کان اڌارا پئسا وٺڻ ته ڪنهن کان پينسل، سانچو، رٻڙ گهرڻ، مثال طور اڄ رسيس ۾ ٽرنيڊاڊ (ويسٽ انڊيز) جو شاگرد (چيف انجنيئر ڊئوڊسن) اچي ويهي رهيو. کيس جهاز جو ٻاهريون حصو ماپڻ لاءِ Simpsons Rule سمجهه ۾ نه پئي آيو. پوءِ ظاهر آهي ڪجهه پڙهائيءَ جون ڳالهيون ته ڪجهه دنيا جهان جون ٻيون ڳالهيون ڪندا رهياسين.
”يار ورلڊ ڪرڪيٽ ڪپ ۾ (ويسٽ انڊيز) نه کٽيو پر ان جو افسوس نه اٿم پر اها خوشي اٿم ته، پاڪستان کٽيو ۽ انگلينڊ وارن کي شڪست ملي.“ ڊئوڊسن چيو.
”هونءَ پاڪستانين کي ڪئريبن (Carribean) سمنڊ جي ٻين ٻيٽنِ: ڪيوبا، هائتي، ڊومنين ريپبلڪ کان وٺي اڪيڊار، گايانا، سري نام جي ڄاڻ هجي يا نه پر ڪرڪيٽ جي ڪري ويسٽ انڊيز جي نالي کان هر هڪ واقفڪار آهي.“ مون ٻڌايومانس.
”آئون ڪيترا دفعا جهاز کي ڪراچي وٺي آيو آهيان اتان صدر مان پٿر (Onax) جون ڪافي شيون وٺي پنهنجي نئين گهر کي سينگاريو اٿم.“ هن چيو.
”آئون به ڪنهن زماني ۾ ٽرنيڊاڊ ٻيٽ جي بندرگاهه ’پورٽ آف اسپين‘ ۾ ڏاڍو ويو آهيان. توهان جو هڪ ليکڪ جيڪو جيتوڻيڪ انڊين نسل جو آهي. منهنجو بيحد دلپسند آهي. سندس نالو وي. ايس نائيپال (V.S. Naipaul) آهي.“ مون ٻڌايومانس.
”واقعي سٺو رائيٽر آهي. مون کي پڙهڻ جو شوق ناهي پر مون سندس هڪ ٻه ڪتاب ڪنهن زماني ۾ پڙهيو هو.“
اهڙيءَ طرح سان هڪ ٻئي سان ڪچهري ۽ ڏيٺ ويٺ ٿيندي رهي ٿي.