ڀلا هيءَ ڪٿي جي آهي؟
”ها. اندر دڪان ۾ هليو وڃ. فرسٽ فلور تي Sales Girl (ڪم ڪندڙ ڇوڪريءَ) کان معلوم ڪر.“ هن ٻڌايو.
H&M ڪمپني جو ڊپارٽمينٽل اسٽور هو جيڪو سئيڊن ۾ معياري ڪپڙن کان ائين مشهور آهي جيئن پاڻ وٽ ٽي جي جو. فرسٽ فلور تي چوڌاري نظر ڊوڙايم پر ڪٿي به ان اگهه تي سستا ڪپڙا نظر نه آيا جهڙا ٻاهر وڪامي رهيا هئا. چوڌاري فقط عورتون ۽ مرد گراهڪ ڦري رهيا هئا پر دڪان ۾ڪم ڪندڙ ڪابه ڇوڪري نظر نه آئي. آخر زنانن ڪپڙن جي هڪ سيڪشن ۾ سورهن سترهن سالن جي ڇوڪري اسٽول تي ويٺل نظر آئي.
مون کائنس انگريزي ۾ قميصن جو پڇيو پر هن کي انگريزي نه برابر آئي ٿي.
”آءِ ايم ساري! آءِ اسپيڪ نو انگلش.“ هن چيو. ان جومطلب اهو ٿيو ته هاڻ مون کي ڪو اهڙو سئيڊش گراهڪ ڳولڻو پوندو جيڪو انگريزيءَ جو به ڄاڻو هجي ۽ منهنجي ۽ هن جي ڳالهه جو ترجمو ڪري سگهي. ڇوڪري جا منهن مهانڊا ملائيشيا ۽ انڊونيشيا جي ماڻهن جهڙا هئا جيڪي ملئي زبان ڳالهائين ٿا ۽ اها مون کي به آئي ٿي. ان ڪري پڪ لاءِ پڇيو مانس ته ڪهڙي ملڪ جي آهين.
”انڊونيشين“ انگريزي زبان نه اچڻ ڪري هن مختصر جواب ڏنو.
”بوليح فهام ملايو؟“ (توکي ملئي زبان اچي ٿي؟) مون پڪ ڪرڻ لاءِ ملئي زبان ۾ پڇيومانس.
جواب ۾ هوءَ گونگن واگر چپ رهي. يعني هن بلڪل نه سمجهيو.انڪري انگريزي ۾ ساڳيو جملو ورجايم:
“Can You Speak Indonesian.”
”نو. اونلي سئيڊش.“ هن وراڻيو.
ان جو مطلب اهو آهي ته هن جو پيءَ يا ماءُ مان هڪ انڊونيشين آهي جيڪو هتي سئيڊن۾ اچي Settle ٿيو آهي ۽ سئيڊش عورت سان شادي ڪئي آهي.
”تنهنجو پيءُ انڊونيشين آهي؟“
”نو- هي از سئيڊش.“
”ته پوءِ ماءُ؟“
”اها به سئيڊش آهي.“ هن وراڻيو. آئون تعجب ۾ پئجي ويس ته اهو ته ڪمال آهي ماءُ پيءُ سئيڊش گورا ۽ هيءَ اسان جهڙي ڪڻڪ رنگي ڪارسري. ۽ نه فقط شڪل مان پر ان جو پاڻ به اعتراف ڪري رهي آهي ته هوءَ انڊونيشين آهي. اهو ڀلا ڪيئن ٿي سگهي ٿو....
بهرحال مون کائنس مرداني قميص جو اشاري سان پڇيو پر پاڻ ٻڌائي نه سگهي ۽ سئيڊش ۾ جيڪي چئي رهي هئي ان جي لهجي مان اهوئي لڳو ٿي ته کيس خبر ناهي. آئون مغزماري ڪرڻ بدران اتان هلڻ وارو هوس ته سامهون ايندڙ هڪ سئيڊش عورت ڏي اشارو ڪري ٻڌايائين ته اها سندس ماءٌ آهي.
سندس ماءُ کي سٺي انگريزي آئي ٿي ۽ خبر پيئي ته هوءَ سيلز گرل نه هئي پر ماڻس خالي اسٽول تي ويهاري پاڻ شاپنگ ڪري رهي هئي. مون جڏهن کيس چيو ته تون ماءُ ته سئيڊش آهين ڀلا هن جو پيءُ انڊونيشين آهي يا نه.؟
”نه اهو به واقعي سئيڊش آهي.“ هن ٻڌايو ۽ پوءِ هوءَ مون کي ان جو راز سمجهائڻ لاءِ صحيح لفظ جي ڳولا لاءِ جهڙوئي سوچڻ لڳي ته مون کي سمجهه ۾ اچي ويو ته کيس يڪدم چيم:
”اوڪي. اوڪي. نائو آءِ انڊراسٽئنڊ. يو مين يو هئو اڊاپٽيڊ هر.“ (تو هن کي پاليو آهي.)
”ييس. ييس.“ هن وراڻيو.
جيڪي قميصون جنهن اگهه تي مون چاهيون ٿي اهي ته نه مليون. مٿين ڳالهه جو ذڪر فقط انڪري ڪيم جو هتي سئيڊن ۾ جيڪي آفريڪا يا ايشيا جا ڪارا، چاڪليٽي، ڪڻڪ رنگا، هئڊا ۽ ڦڪا ماڻهو نظر اچن ٿا سي سڀ هتي غير قانوني طرح نه آيا آهن ۽ نه وري ڪي سڀئي سياسي پناهگير آهن. ڪيترائي اهڙا به آ هن جن کي هتي جا ماڻهو پنهنجي مرضيءَ سان مختلف ملڪن مان وٺي آيا آهن. جيئن ته هتي سئيڊن ۾ برٿ ريٽ (ڄم جي رفتار) تمام گهٽ آهي يا ڪيتريون شادي شده عورتون ٻار کي ڏهه مهينا پيٽ ۾ سانڍڻ ۽ ڄڻڻ جو کٽراڳ نٿيون کڻن. پوءِ اولاد لاءِ هتي جا شادي شده جوڙا ٿائيلينڊ، انڊونيشيا، ويٽنام، برما جهڙن ملڪن مان ٻار وٺي Adopt ڪن ٿا. يعني نپائين پالين ٿا. جيئن مٿين انڊونيشي ڇوڪري کي هتي جي سئيڊش زال مڙس ننڍي هوندي کان نپايو آهي ايتري قدر جو ان ڇوڪري کي پنهنجي مادري زبان جي به خبر ناهي.
پهريون دفعو جڏهن هتي جي هڪ پوڙهي سئيڊش جوڙيءَ سان گڏ ٻارهن تيرهن سالن جي سريلنڪا جي ڪاري ڇوڪري بس ۾ ويٺل ڏٺم ته مون سوچيو ته اها ڪا هنن جي نوڪرياڻي آهي، جيئن عرب ملڪن ۾ فلپينو، سريلنڪن انڊين ۽ پاڪستاني ڇوڪريون آيائون يا نوڪرياڻيون ٿي ڪم ڪن ٿيون. پر پوءِ بس مان لهندي ۽ شهر ۾ چڪر ڏيندي ڏٺوسين ته سئيڊش پوڙهو پوڙهي ان سريلنڪا جي ڇوڪريءَ جا ائين ناز نخرا کڻي رهيا هئا جيئن سندن پنهنجي ڌيءَ هجي. اسان جي يونيورسٽيءَ جي هڪ پراڻي شاگرد ٻڌايوته هتي ٻئي جي اولاد پالڻ (Adoption) جو تمام گهڻو رواج ٿي ويو آهي ۽ ڪيترائي ايشين ٻار يا وڏا جيڪي هتي سئيڊن ۾ نظر اچن ٿا سي ضروري ناهي ته ڪو هتي ڀڄي آيا آهن، پر هتي (سئيڊن) جي ماڻهن انهن جي مائٽن ۽ حڪومتن کي منٿون ميڙيون ڪري نپائڻ لاءِ (Adoption) لاءِ هتي وٺي آيا آهن.