پيش لفظ
الطاف نه رڳو پاڻ دنيا گهمي آهي پر ٻين کي به گهمائي آهي. ’سيئي جوڀن ڏينهن‘ ۽ ’سانباهو سمونڊ جو‘، ’خبرون کيڙائن جون‘، ’جت جَرُ وَهي ٿو جال‘، هڪ ’بندر بازاريون‘، ٻيو ’وايون وڻجارن جون‘، جي ’اوهريا عميق ڏي‘، تن لاءِ ’بندر ديسان ديس‘!
پر الطاف جي سفرنامن جون ’ڳالهيون آهن ڳيچ‘، سمنڊ سان سندس ناتو ۽ سمنڊ کي هن سڃاتو! بس پوءِ ’منهنجو ساگر، منهنجو ساحل‘!هڪ طرف ’مڪلي کان ملاڪا تائين‘ ته ٻئي طرف ’سينگاپور کان ڪوالالمپور‘ ۽ بعضي ’لنڊن تائين لفٽ‘ ته بعَضي ’جرمني کان ٺَڪ ٿائلينڊ، اهي سڀ سندس سفرنامن جا موضوع، ۽ اهي سڀ ’بهترين سفرناما‘.
الطاف منهنجي پياري دوست گل محمد شيخ جو لائق فرزند آهي، پر سفر نامن جي حوالي سان به هو مون کي ويجهو آهي. جيئن جواني واري وقت کان وٺي کيس ٻاهرين ملڪن ڏسڻ جو موقعو مليو جنهن کيس سفرنامن لکڻ تي آماده ڪيو. تيئن 1946ع ۾ اعليَ تعليم لاءِ جڏهن آءٌ آمريڪا ويس ته سنڌ کان سمنڊ رستي سئن فرئنسسڪو ويندي مون سفر نامو لکيو، جيڪو ان وقت جي رسالي ’مهراڻ‘ ۾ ڇپيو. مون واري ان سفرنامي ۽ الطاف جي ڪن سفرنامن ۾ چڱي خاصي هڪجهڙائي آهي.
الطاف هن وقت تائين ٽن ڊزنن کان وڌيڪ ڪتاب لکيا آهن.جن مان ٽيهارو کن سفرناما آهن. سندس هيءَ تازو ڪتاب ’نيوفيلڊس پبليڪيشن‘ ادارو شايع ڪري رهيو آهي. جيڪو گذريل 17 سالن ۾ پوڻن ٻن سَوَن کان وڌيڪ ڪتاب ڇاپي چڪو آهي. هن اداري جو باني ۽ هلائيندڙ ادو فيروز احمد هڪ جفاڪش ۽ اڻٿڪ پبلشر آهي ۽ هر وقت انهيءَ ڳولا ۾ هوندو آهي ته معياري ڪتاب ملي ته هو ڇپائي. نيو فيلڊس ادارو الطاف شيخ جو خاص الخاص پبلشر ٿو ڏسجي، جنهن هن وقت تائين سندس پنجويهه کان مٿي ڪتاب ڇاپيا آهن، هيءَ ڪتاب ان سلسلي جو هڪ اڳتي قدم آهي ۽ اميد ته اڃا به اڳتي قدم، وارو سلسلو جاري رهندو.
مخلص
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
حيدرآباد
18 آگسٽ 1994ع
نوٽ: هي پيش لفظ پهرئين ڇاپي لاءِ لکيو ويو هو. جڏهن ته هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو ”روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو“ پاران ڇپرائي پڌرو ڪيو پيو وڃي.