يو جسٽ ويٽ ائنڊ سي
واندڪائي ۾ راحت ٻه چار ڪوپ اٽي جا هلڪي باهه تي ڀُڃي رکندو آهي جيئن پوءِ ضرورت وقت چلي جهڙي شيءِ ٺاهي سگهجي. ان ڀڳل اٽي مان ڪڏهن ڪڏهن سيرو به ٺاهيندو آهي. اٽي کي وڌيڪ ڳاڙهو ڪري، ٻيءَ ديڳڙي ۾ گيهه کنڊ ۽ پاڻي گرم ڪري چاش ٺاهيندو آهي. پوءِ ٻئي ملائي هلڪي باهه تي رکي چمچي سان ڪجهه دير گهمائيندو آهي جيسين اهو گيهه ڇڏي. منجهس پستا، بادام ۽ ڪشمش به وجهندو آهي. انهن مالن مکڻن وجهڻ بعد سيرو يا جيڪا به شيءِ تيارٿيندي سا بهتر ئي ٿيندي. خاص ڪري چلهه تي ڪو ٻيو سڙي، ٺاهي کارائي ته کائڻ واري کي اڃا به لذيذ لڳي ٿو.
هتي رڌ پچاءَ ۾ ڪا تڪليف نه آهي. وقت سو ضايع ٿئي ٿو پر چلهه تي سڙڻ وارو اصطلاح هتي جي رڌ پچاءَ سان لاڳو نٿو ڪري سگهجي. ڇاڪاڻ جو هن ملڪ ۾ ايڏو ته سيءَ آهي جوسال جا نو مهينا ته ڪمري جي هيٽنگ آن رهڻ بعد به سيءَ محسوس ٿئي ٿو، سو اهڙي رڌڻ پچائڻ ۾ تڪليف نه پر فرحت ئي محسوس ٿئي ٿي. اهوئي سبب آهي جو هتي جي هاسٽل ۾ توڙي ٻين ننڍن گهرن ۾ هڪئي ڪمري يا بيڊروم ۾ رڌ پچاءَ لاءِ چلهه جو ڪنڊ ۾ بندوبست ڏنل آهي ۽ ساڳي ڪمري ۾ ريفريجريٽر به رکيل آهي. اها ڳالهه اسان جهڙن ملڪن ۾ ناممڪن آهي جو ويندي سياري ۾ به ايترو سيءِ نٿوپوي جيڪو چلهه يا ريفريجريٽر مان نڪرندڙ گرميءَ کي ماري سگهي.
مختلف ملڪن جا رهندڙ شاگرد پنهنجي ملڪ جا مختلف کاڌا تيار ڪندا آهن. گهڻو ڪري اهي کاڌا جيڪي جهٽ پٽ تيار ٿي سگهن. پر اها حقيقت سڀ مڃيندا آهن ته مڙني ۾ پاڪستان، هندستان جي رهاڪن جاکاڌا وڌيڪ لذيذ آهن.
آفريڪا جي شاگردن جو ته گهڻو زور لاهوري گجرن (Sweet Potatoes) ۽ مڱن چونئرن (Beans) تي هوندو آهي. چيني، فلپينو، ڪورين ۽ ويٽنامي شاگردن جو دلپسند کاڌو مي (Mee) ۽ نوڊل (Noodles) هوندو آهي، جيڪو ڇڊڙي رس ۾ سنهيون ڪڻڪ يا چانورن جي اٽي مان ٺهيل سيون وجهي ٺاهين.
هڪ ڏينهن گهانا جي شاگرد پيٽر جو ڪمرو کليل ڏسي آئون ۽ راحت اندر گهڙي وياسين. پيٽر چلهه اڳيان بيهي بازار مان آندل اڌ اڌ پاءُ کن تور جا ٻه پاڪيٽ کولي رهيو هو.
”پيٽر ڇا پيو ڪرين؟“ راحت پڇيس.
”ڊنر پيو تيار ڪريان.“ وراڻيائين.
”پر هي اڇي پائوڊر جهڙي کير مان ڇا ٿو ٺاهين.“
”فوفو ٿو ٺاهيان.“
”فوفو! اها ڇا بلا آهي؟“ اسان تعجب مان پڇيس.
”يو ڊونٽ نو فوفو؟ توهانکي فوفوءَ جي خبر ناهي؟“ هن جواب بدران اسان کان سوال ڪيو.
”نه. بلڪل نه. اسان ته اڄ پيا ٻڌون.“ مون چيومانس.
”اوهه! پو ته توهان ترسو Just Wait and See ته آئون ٺاهي ٿوڏيکاريان بيحد لذيذ ٿئي ٿو.“ پيٽر چيو.
”ٺهڻ لاءِ هاڻ ڪير ترسندو، جلدي ۾ آهيون ائين زباني ٻڌاءِ.“
پيٽر تيسين ٻيو دٻو کولي ان مان به اڇي هيڊي رنگ جو پائوڊر ڪڍي پهرين پائوڊر پاڻيءَ ۾ ملائيندي چيو.
”مون چيو نه ته بس رڳو ٿوري ساعت لاءِ ترسو اجهو ته تيار ٿي ويو.“
مون خالي دٻا کڻي ان تي سئيڊش زبان ۾لکيل پڙهڻ جي ڪوشس ڪئي ته ڪهڙي شيءِ آهي. هڪ تي (Potato Mos) وغيره لکيل هو، جنهن مان اندازو لڳايوسين ته پٽاٽن جو اٽو آهي ۽ ملائڻ سان رڌل پٽاٽا (Meshed Potatoes) ٿي پوندا. ٻيءَ ۾ چانورن يا مڪئي جو اٽو هو يا کير.
”هن ۾ ڀلا ڇا آهي؟“ اسان پيٽر کان پڇيو.
”مون کي پاڻ خبر ناهي.“ پيٽر چيو، ”پر هنن ٻنهي پائوڊرن ۾ تمام گهڻو وٽامن ۽ ڪاربو هيڊريٽ آهي. روز روز چانورکائي کائي بيزار ٿي پيا آهيون.“
”ڀلا قيمت ڇا اٿن؟“ اسان پڇيس.
”هي دٻو سورهين ڪروناجو آهي ۽ هي چوڏهين ڪرونا جو.“
راحت اردو ۾چيو ته عجيب بيوقوف آهي هي پيٽر به. جڏهن شهر ۾ تازا پٽاٽا توڙي مڪئي هن کان سستي اگهه تي ملي رهي آهي ته پوءِ ٿيهه ڪرونا (سوا سؤ رپيا کن) خرچ ڪري هي دٻا آڻڻ جو ڪهڙو ضرور. بهرحال اسان به تجسس مان بيهي پيٽر کي ڏسڻ لڳاسين ته اهو فوفو ڇا آهي ۽ ڪيئن ٿو ٺاهي. ٿي سگهي ٿو ته ڪو اهڙو ڪيڪ پيسٽري ٺهي پوي جيڪو بيحد لذيذ هجي ۽ جنهن ٺهيل ٺڪيل جي قيمت شهر ۾ ٽيهن ڪرونائن کان تمام گهڻي هجي.
پيٽر هاڻ انهن ٻنهي پائوڊرن ۽ پاڻي جي مسڪچر کي ديڳڙي ۾ وجهي چلهه تي رکيو.
”پيٽرکنڊ مکڻ ته وجهه.“ مون ڪيڪ پيسٽري يا سيري جو سوچي کيس ياد ڏياريو.
“You Just wait and see”، پيٽر اهو مڪسچر ڪاٺ جي ڏوئيءَ سان گهمائيندي مونکي صبر سان بيهڻ لاءِ چيو. ”بس هاڻ ٻن منٽن ۾ فوفو تيار ٿي ويندو. ويري ٽيسٽي ائنڊ رچ ان وٽامنس.“
راحت ۽ آئون هڪ ٻئي جومنهن ڏسي وري پيٽر کي ڏوئي گهمائندو ڏسڻ لڳاسين.
”پيٽر ڀلا اهو فوفو ٺاهڻ توکي ڪنهن سيکاريو؟“
”مون کي سيڪنڊ ايئر جي شاگرد حاجي جمعا ٻڌايو. هو گهانا بليڪ اسٽار جهاز تي چيف انجنيئر هو ته ان جهاز تي فلپينو بورچي اهو فوفو ٺاهيندو هو.“
راحت کي چيم ته الله خير ڪري. هڪ گهانا جو هن جو هم وطني حاجي جمعو درويش ماڻهو، ٻيو گهانا جو ڏکڻ آمريڪا ڏي هلندڙ جهاز جيڪو سڄو وقت يا سمنڊ تي هوندو يا چلي ۽ برازيل جهڙن ڪنگلن ملڪن ۾ ۽ ٽيون ان مٿان فلپيني بورچي! جهاز هلائيندڙ واقعي فوفو کائيندا هوندا.“
ايتري ۾ اٽي ۾ملايل پاڻي سڪي ويو ۽ ديڳڙي کي هيٺ لاهي ان مان هٿ سان اٽو کرڙي مٺين سان ڳوهڻ لڳو.
”بس. ٺهي ويو فوفو؟“ مون پيٽر کان پڇيو.
”بس، ٺهي ويو فوفو، هاڻ هن ۾ ڪڪڙ جو ٻوڙ ملايان ته پوءِ چکي ڏسجو.“
ٻوڙ جي ديڳڙي جو ڍڪ لاهي ڏٺم ته ڦنگي پاڻيءَ ۾مرغيءَ جا ٻه وڏا ٽڪرا تري رهيا هئا. جيڪي پيٽر ان پاڻي جهڙي رس سميت ان اٽي ۾ ملائي وري مٺين سان ڳوهڻ لڳو. راحت آهستي آهستي ٿي سرڪڻ لڳو. در جي ٻاهر پهچي هن مون کي به سڏيو.
”ڪمنگ ڪمنگ“ راحت کي سندس سڏ جي ورندي ڏيندي ٻاهرنڪتس.
”ڇو ڀلا هليو آئين؟“ مون راحت کان پڇيو.
”يار منهنجي ته اچي دل ڪچي ٿي. هاڻ پيٽر پڪ چوي ها ته اهو فوفو توهان به کائو ۽ پوءِ انڪار ڪريون ها ته دل۾ڪري ها. سوشرافت ۾ فوفوءَ کان نجات حاصل ڪرڻ لاءِ نڪري آيس.“
”واهه جي ڳالهه ڪئي. هل ته هلون جيڏانهن وياسين پئي.“