الطاف شيخ ڪارنر

ملير کان مالمو تائين

الطاف شيخ جو هي سفرنامو ”ملير کان مالمو تائين“ سئيڊن بابت آهي۔ مالمو سئيڊن جو شهر آهي جتي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي آهي۔ جتي دنيا جي مختلف ملڪن جي ڏيڍ سئو کان وڌيڪ مئرين انجنيرن ۽ ليڪچرارن کي ٻن سالن جو ڪورس ڪرڻ کانپوء ايم ايس سي جي ڊگري ڏني ويندي آهي۔ الطاف شيخ صاحب پڻ هتي ٻه سال گذاريا ۽ ميريٽائيم ايڊمنسٽريشن (انجنيئرنگ) جي ڊگري حاصل ڪئي۔ سندس هن سفرنامي ۾ سئيڊن بابت تمام گهڻي ڄاڻ ڏنل آهي۔
  • 4.5/5.0
  • 1420
  • 799
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ملير کان مالمو تائين

پاڻ وٽ ڪهڙا مهمان ايندا

سئيڊن جي هن شهر مالمو ۾ اربع، ڇنڇر ۽ آچر ڏينهن مارڪيٽ ٽائيپ مارڪيٽون لڳنديون آهن. انهن کي جمع مارڪيٽ ته نٿو سڏي سگهجي جو جمع مارڪيٽ ۾ گهڻي ڀاڱي ميوو ۽ ڀاڄي هوندو آهي يا رڌ پچاءَ جو راشن ۽ نئون ڪپڙو گندي ۽ ٿانو ٿپو. پر اڃا به هن کي ڪراچيءَ جي لنڊا بازار سڏي سگهجي ٿو، جتي، هتي جا ماڻهو پنهنجي گهر جون فالتو شيون اچي وڪڻندا آهن. جن ۾نيون به هونديون آهن ته پراڻيون به. ڪي دڪان يا ڪارخانا هميشه لاءِ بند ٿيندا آهن يا موسم جي تبديليءَ تي گذريل موسم جو سامان ڪڍندا آهن ته ڪي واپاري ان کي لاٽ ۾ خريد ڪري هنن مارڪيٽن ۾ سستو ڪري وڪڻندا آهن يا زال مڙس طلاق تي گهر جو سامان وڪڻي، وڪري جي پئسن جو اڌو اڌ ڪندا آهن. ان بابت شروع جي مضمون ۾ پڻ لکي چڪو آهيان. سئيڊش ماڻهو، يورپ جي ملڪن ۾ ته خاص ڪري، پر ويندي جپان، ملائيشيا، ٿائيلينڊ، آسٽريليا پاسي گهمڻ وڃن ٿا جتان مختلف شيون وٺيو اچن. ڪجهه وقت کانپوءِ دل ڀرجڻ تي ههڙين مارڪيٽن ۾ اچيو تين وال ڪن. هونءَ به سئيڊش ماڻهن کي پئسي اڏائڻ- يعني خرچ ڪرڻ جي ڏاڍي پٽ آهي. بچت جو ته هنن وٽ Concept آهي ئي ڪونه. بچائين ته ڪنهن لاءِ بچائين. پاڻ بي روزگار ٿين ته سرڪار مهيني سر کين خرچ پکو پهچائي. باقي رهيو اولاد، سو جيئن ئي ماءُ جي پيٽ ۾ سرجي ٿو ته سرڪار طرفان ان لاءِ پئسا ملڻ شروع ٿيو وڃن. بقول هتي رهندڙ پاڪستاني همراهه جوهر زمان جي، هتي جي ماڻهن ۾ اجايو سجايو خرچ ڪرڻ جي عادت آهي. جيڪا نئين شيءِ ڏسن يڪدم وٺي اچن. ۽ پوءِ ٿورن ڏينهن بعد ان مان بيزاري محسوس ڪن ۽ پوءِ اوترو ئي جهٽ ان مان پنهنجي جان آجي ڪن. گهر جا ٿانوَ ٿپا ته ٺهيو پر ايتريقدر جو زال مڙس مان ۽ مڙس زال مان، پاڻ کي آزاد ڪرائڻ جي چڪر ۾ رهن ٿا.
اهڙيون سستيون مارڪيٽون جن کي انگلينڊ ۾ ”پيني مارڪيٽ“ به سڏجي ٿو، هتي مختلف ڏينهن ۽ هنڌن تي لڳن ٿيون. اڄڪلهه سڀ کان وڏي مارڪيٽ اربع ڏينهن، شهر جي وچ مان لنگهندڙ ڪئنال جي ڪپر تي لڳي ٿي ۽ ٻي ڇنڇر ڏينهن فوڪيٽ پارڪ ۾. ان ۾ آيل خريدارن ۾ هڪ ته اسين يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندڙ سؤ کان مٿي ملڪن جا شاگرد هوندا آهيون ۽ ٻيو هتي رهندڙ ايراني، عرب، ترڪ ۽ آفريڪي باشندا هوندا آهن. ان کان علاوه هتي جا لوڪل سئيڊش ۽ يورپي پڻ جام هوندا آهن. مڙيئي چاليهه پنجاهه کن هٽڙا لڳندا آهن. هر هڪ پنهنجيون شيون ٽيبل تي سجائي رکندو آهي. هر دفعي نوان وڪڻڻ وارا پنهنجوسامان نيڪال ڪرڻ لاءِ آڻيندا آهن. ڏهه پندرهن مڙيئي اهڙا همراهه به هوندا آهن جيڪي هر هفتي دڪان هلائين،اهي هتان هُتان شيون گڏ ڪري يا ٻهراڙيءَ جي گهرن مان اڃا به گهٽ قيمت تي وٺي ڪجهه نفعي تي اچي وڪڻندا آهن. يعني ڦلن مٺ ۾ وٺي ڀڳڙن مٺ ۾ وڪڻندا آهن.
ڇنڇر ڏينهن اسان کي موڪل ٿئي سو فوڪيٽ پارڪ جي ان مارڪيٽ ۾ ڪلاڪ ٻه سٺي وندر ٿي ويندي آهي. پوءِ ڪا هڪ اڌڪم جي شيءِ بنهه سستي اگهه تي ملي ويندي آهي ته ضرور وٺندا آهيون. دڪاندار ماين ۽ مردن سان (جن کي انگريزي اچي) خبر چار به ڪندا آهيون ڇو پيا وڪڻو يا فلاڻي يا فلاڻي شيءَ ڪٿان ورتي اٿوَ. ساڳي وقت خريدارن جي انبوهن ۾ مختلف ماڻهو ۽ سندن ويس وڳا ۽ خريداري جي نموني کي ڏسي لطف وٺندا آهيون.
منهنجي ڪورس پروفيسر پاڪستان ۾ اونيڪس پٿر مان ٺهندڙ شين جي تعريف ڪئي. کڻي ٿي کٽي سو چيومانس ته ڪو آيو ته تولاءِ گهرائي وٺندس. پوءِ ته پروفيسر منهنجو مٿو کائي ويو. نه پاڪستان کان اچي ۽ نه هن کي تحفو ملي. ۽ پوءِ هڪ ڏينهن هڪ همراهه ان پٿر جون شيون ان ”جهونا پرانا“ مارڪيٽ ۾ وڪڻڻ آيو، جيڪي هن پشاور مان ورتيون هيون. اهي وٺي اچي پوڙهي پروفيسر کي پنهنجي طرفان ڏنم ته تولاءِ ڪراچيءَ مان گهرايون اٿم. جان ڇٽي پئي نه ته اهي مهنگيون شيون ڪير صدر جي ڪوآپريٽو مارڪيٽ مان خريد ڪري، پوءِ اهي بار هوائي جهاز ۾ ڍوئي مون تائين پهچائي ها. وڪڻڻ وارا به خوش، وٺڻ وارو به خوش، جنهن کي تحفو مليو اهو به خوش.
هڪ همراهه لالٽين وڪڻي رهيو هو جيڪو پڻ پاڪستان يا هندستان مان ورتل لڳو ٿي. قيمت پنج سؤ روپيا، چيومانس؛ ”هي ته ٽڪو به نه لهي. نئين جو مُلهه به ٽيهه چاليهن رپين کان مٿي نه هوندو“.
چوڻ لڳو: ”نه هي Antique پراڻي زماني جي شيءِ آهي. انڊيا پاسي کان منهنجي پيءُ آندي هئي. اڄ کان سٺ ستر سال اڳ جڏهن لائيٽ نه هئي ته ان پاسي جا ماڻهو هي استعمال ڪندا هئا.“
دل ۾ چيم: ”چريو ٿيو آهين. سنڌ جي ڳوٺن ۾ هينئر وڃ ته اڄ به اهي لالٽين پيا ٻرن. پاسي کان پڪن رستن تان بجليءَ جون تارون ۽ سئي گئس جا پائيپ لنگهيو پيا وڃن پر هن دؤر ۾ به اهڙن گهرن ۾لالٽين پيا ٽمڪن ۽ مائرون ڇيڻن ۽ ڪاٺين جي دونهين ۾ ڪُنا پيون رڌين.“
هڪ دفعي هتي جون رهاڪو ٽي افغاني ڇوڪريون وڪڻڻ لاءِ نون ڪپڙن جون وڏيون هڙون ٻڌي آيون. سوٽ، قميصون، سئيٽر تمام گهٽ اگهه ۾ پئي ڏنائون. مون به هڪ سئيٽر ۽ قميض کانئن ورتي ۽ جڏهن خبر پين ته پاڪستاني آهيان ته هڪ قميص مٿان مفت ۾به ڏنائون. پنهنجن پاڪستاني ساٿين کي چيم:
”مون سمجهيو افغاني رڳو پاڪستان، هندستان، برما، بنگلاديش ۾ ڪپڙن جو واپار ڪن ٿاپر هاڻ خبر پيئي ته هو ته اچي اتر قطب کان نڪتا آهن.“
ڇوڪرين کان پڇيم: ”هي ڪپڙا ڪٿان آندا اٿوَ؟“
”هي جرمني جي هڪ فئڪٽري جو رجيڪٽ ٿيل مال آهي، ڪنهن جو تند ڌاڳو ڇڄيل آهي ته ڪنهن جو ڪاڄ ٻيڙو اڻپورو آهي. فئڪٽريءَ وارن اهو مال فيڪٽري ۾ ڪم ڪندڙن کي سستي اگهه ۾ خريد ڪرڻ لاءِ آفر ڏني. اسان جا پيئر ڀائر ان فئڪٽريءَ ۾ ڪم ڪن ٿا سي اتان وٺي آيا آهن.“
ايندڙ مهيني هاسٽل کان فليٽ ۾ شفٽ ٿيڻ لاءِ ڪجهه سامان جي ضرورت هئي جهڙوڪ: ٿانوَ، پڙدا، چادرون، وهاڻا وغيره. هڪ عورت ڇت ۾ لڳائڻ جا لئمپ وڪڻي رهي هئي. هتي سيءَ هجڻ ڪري گهرن ۾ پنکا ته ٿين ڪونه. باقي لئمپ يا بلبن جا ڇٽ هرڪو مسواڙي پنهنجا آڻيندو آهي ۽ گهر خالي ڪرڻ وقت هن کي پنهنجو آندل هر سامان ڪڍڻو پوندو آهي ۽ هتي جي قاعدي موجب گهر ۾ ڇڏڻو ناهي. پنهنجي سٺي يا خراب شيءِ پاڻ سان کڻي وڃڻي آهي پوءِ ڪو ڪچري جو وڏو دٻو ڳولي اڇلي يا ههڙين مارڪيٽ ۾ وڪڻي.
گهر ڇڏڻ وقت هنڌ بسترن، ٽيبل ڪرسين ۽ کٽن ڪوچن لاءِ ته اخبار ۾ ڏبو آهي ته جيئن ڪو ضرورتمند اچي خريد ڪري وڃي. خريدار نه ملڻ جي صورت ۾ وڏو مٿي جو سور ٿي پوندو آهي. ان فرنيچر کي اڇلڻ لاءِ ٻه سؤ ڪرونا (اٺ سؤ رپيا) ڏئي ٽرڪ ڀاڙي تي ڪبي آهي جيڪا اهو فرنيچر ۽ ٻيو سامان شهرجي ڊمپ هائوس ۾ اڇلي ايندي آهي. ڊمپ هائوس وارا سؤ کن ڪرونا ان جي في الڳ وٺن، جو آخر هنن جو گدام آهي ۽ ان ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهو کانئن پگهار وٺن ٿا. پوءِ هو اهو سامان پنهنجن ماڻهن کان ڌار ڌار ڪرائين. يعني ڪاٺ جو الڳ، لوهه جو الڳ (جنهن ۾ لوهي ڪٻٽ، ريفريجريٽر، واشنگ مشين وغيره اچي وڃن) شيشي جو الڳ ۽ پوءِ ان کي مشين ذريعي چيڀاٽي مختلف ڪارخانن کي ڪچي مال جي صورت ۾ تورتي وڪڻن.
سو مٿي ذڪر ڪيل دڪاندار عورت کان اهو ڀت جو لئمپ (شيڊن سميت) وٺڻ چاهيم ٿي. هن وٽ ڇت جا لئمپ ۽ ٻه ٽيبل لئمپ پڻ هئا، جيڪي سڀ وٺڻ چاهيم ٿي پر قيمتن تي نه پئي ٺهياسين. هوءَ سيڪنڊ هينڊ مارڪيٽ جي حساب سان گهڻو اگهه چئي رهي هئي ۽ رکي رکي مونکي دليل ٿي ڏنائين.
”فلاڻن لئمپن يا بجلي جي دڪانن تان وڃي معلوم ڪر ته هيتري جو ٿو ملي. آئون ته اڌ کان به گهٽ قيمت تي وڪڻي رهي آهيان.“
هاڻ هن کي ڪير سمجهائي ته اتان وٺڻو هجي ها ته هتي ڇو اچجي ها ۽ ٻي ڳالهه ته دڪان تي نئين شيءِ ۽ Variety جا پئسا آهن. آئون هڪ وٺڻ جي ٻڏتر ۾ هوس ته بنگلاديش جو ڪئپٽن حبيب پتلون جا ور کجيندو اچي نڪتو. سندس فئملي به ايندڙ مهيني اچي رهي هئي سو مونسان گڏ هن مهيني جي آخر ۾ هاسٽل ڇڏي فليٽ ۾ شفٽ ٿيڻو هوس. پاڻ مسواڙ تي ورتل فليٽ لاءِ هر شيءِ وٺي ڇڏي هئائين. ان ڏينهن کيس ڪي وهاڻا ۽ ٽاول ملي ويا هئا سي پلاسٽڪ جي وڏي ٿيلهيءَ ۾ (جنهن ۾ ماڻهو به بند ٿي وڃي) اهو سامان وجهي، سانٽا ڪلاز وانگرڪلهي وٽان پٺيءَ تي ورائي، منهنجي اڳيان اچي بيٺو ۽ پنهنجي کلمک انداز ۾ هيلو ڪري ڀڳل سڳل اڙدوءَ ۾ خبرچار پڇڻ لڳو:
”اڙي ڀائي کيا هورها هي. آڌا گنٽا سي هم ديکهه رها هي. کيا ڇوڪري ڪا سامان لي رها هي يا ڇوڪري کو خريد رها هي.“
”يار! ڳالهه ٻڌ هن لئمپ جا هيترا پئسا پيو ڏيانس مڃي نٿي. هاڻ وٺانس يا نه؟“ مون صلاح ورتي مانس.
”اڙي اهي به تمام گهڻا آهن. ان جو به اڌ مناسب آهي.“ حبيب مون کي چيو ۽ پوءِ هن ڇوڪريءَ کي به انگريزي ۾ چيو ”منجهند جو هڪ ٿي ويو آهي. دڪان بند ڪرڻ ۾ باقي ڪلاڪ. ماٺ ڪري جلدي وڪڻي تون به گهر وڃ اسان به گهر وڃون. جي هي مٽن دلن جيڏا بلبن جا شيڊ ڪنهن نه ورتئي ته سائيڪل تي ته گهر کڻي نه ويندينءَ ۽ نه بس وارو انهن مٽن سان توکي چڙهڻ ڏيندو. پوءِ سؤ ڪرونا (چار سؤ رپيا) ٽئڪسيءَ تي خرچ ڪرڻو پوندءِ يا ٻه سؤ ڪرونا ٽرڪ واري کي ڏيڻا پوندءِ ته توکي ۽ تنهنجن مٽن کي ڍوئي گهر رسائي.“
ڇوڪريءَ کي الائي حبيب ڳالهائڻ جي جو مزاحيه انداز وڻيو يا پيش ڪيل دليل. مون کي نه فقط اهي شيڊ وڪڻي ڏنائين پر ڊنر سيٽ (جنهن ۾ فقط ٻه ڪوپ کٽل هئا) لاءِ به منٿون ڪرڻ لڳي ته جيتري ۾ وڻيم کڻان. گهڻوئي چيومانس ته اهو مفت ۾ به نه کپي مون وٽ گهڻو بار ٿي پوندو ۽ ان کي کڻڻ لاءِ مون کي ٽئڪسي ڪرڻي پوندي. ته چوي ته گهٽ اگهه ۾به کڻ. ڪئپٽن حبيب چيو: ”لو يار. آئو کڻائي ٿو هلانءِ پئسن ۾ اڌو اڌ ڪنداسين ته ٿانوَن ۾ به.“
هاسٽل پهچي ڊنرسٽ جو اڌو اڌ ڪيوسين. ڇوڪري آمريڪا لڏي پئي وئي تڏهن اهو ڊنرسيٽ وڪيائين نه ته ٻن ڪوپن جي ڀڄڻ ڪري ههڙو قيمتي ڊنرسيٽ ڪو ورلي وڪڻندو. اهي ٿانوَ عام چلهه توڙي مائڪرو ويو اوون ۽ فريزر ۾ رکي سگهجن ٿا. جنهن بابت هر ٿانوَ جي هيٺان لکيل آهي ۽ فنلئنڊ جا ٺهيل آهن. ڪئپٽن حبيب ڏسي چيو.
”سندر آهي. ڀالو (سٺو) آهي.“
چيومانس: ”اهو سڀ صحيح آهي پر هتي، هن اتر قطب جي ملڪ ۾ پاڻ وٽ ڪهڙا مهمان ايندا جن لاءِ هروڀرو ڊنرسيٽ وٺي آيا آهيون؟“
”تڏهن ته اڌو اڌڪري رهيا آهيون جيئن مهمانن لاءِ نه پر گهر ۾ ئي پنهنجي لاءِ استعمال ڪريون ۽ خدانخواسته ڪو حيدرآباد، هالا، يا نرائڻ گنج ڪوميلا کان ڪو مهمان ٿڙي ٿاٻڙي هن پاري جهڙي ملڪ ۾ تو وٽ يا مون وٽ اچي نڪتو ته هڪ ٻئي کان اوڌر تي ٿانوَ وٺي استعمال ڪري سگهون ٿا.“