ماجرا ڇا آهي
اهي ملڪ جيڪي خط استوا تي يا ان جي ويجهو ويجهو آهن انهن تي سج جا ڪرڻا سڌا پون ٿا. اونهاري توڙي سياري ۾ سخت گرمي ٿئي ٿي. انهن ملڪن ۾ ٻارهوئي ڏينهن رات هڪ جيڏا ٿين ٿا. سج اڀرڻ سان تکي روشني ٿي ويندي آهي ۽ لهڻ شرط اونداهه ڪانڀار، پرهه ڦٽي، باک ڦٽڻ يا سج لهڻ بعد شفق جي لالائي ۽ منهن اونداهي جهڙيون شيون ٿين ئي ڪونه. ملائيشيا، انڊونيشيا، سنگاپور، ڪينيا، زائر، اڪيڊار ۽ ڪولمبيا وغيره جي اها موسم ۽ ڏينهن رات جو حساب ان ريت آهي.
جيئن جيئن خط استواکان پري اتر ڏي يا ڏکڻ ڏي وڃبو ته اونهاري ۾ ڏينهن ويندا وڏا ٿيندا راتيون ننڍيون ٿينديون وينديون. تان جو اتر قطب ۽ ڏکڻ قطب ۾ هڪ هيڪاندو وڏو ته ٻي بنهه ننڍي نه برابر. مثال طور اونهاري ۾ اتر قطب جي ويجهو ملڪ ۾ ڏينهن ذري گهٽ چوويهه ڪلاڪن جو ٿئي ٿو ۽ رات نه برابر. بلڪه لڳندو ائين ئي ته يڪو ڏينهن ئي ڏينهن لڳو پيو آهي ۽ سياري جو مهينو کن وري يڪي رات (اونداهه) پئي هلندي آهي.
پاڪستان خط استوا کان ڪو تمام گهڻو پري ناهي پر تڏهن به ايترو آهي جو اونهاري ۾ ڏينهن چوڏهن ڪلاڪن جو وڃيو ٿئي ۽ رات ڏهن ڪلاڪن کن جي. ڪجهه مٿڀرو اتر ۾ يعني افغانستان، تاجڪستان، ازبڪستان، ڪزاخستان ۽ ترڪي يونان بلغاريه ڏي هلبو ته ڏينهن رات ۾ اڃا به وڏو فرق ايندو ۽ موسم ويندي ٿڌي ٿيندي. هي ملڪ سئيڊن، جتان هي مضمون لکي رهيو آهيان خط استوا کان تمام گهڻو پري اتر ۾ آهي. بلڪه ائين سمجهڻ کپي ته آخري اسٽاپ آهي. ان بعد اتر قطب- دنيا جي چوٽي اچي ٿي جتي ٻارهوئي برف لڳي پئي آهي. هتي سئيڊن ۾ ڏينهن رات جو تمام وڏو فرق آهي. اڄڪلهه وچ اونهارو آهي ۽ ڏينهن ويهه ٻاويهه ڪلاڪن جو ٿئي ٿو. پنهنجي ملڪ ۾ سوا ستين بجي ڌارين لهندو هوندو ۽ ماڻهو رات جي ماني اٺين تائين کائيندا هوندا. هتي به رات جي ماني ائين ئي نائين بجي ڌاري کائون ٿا پر سج لهڻ جو نالو نه وٺندو آهي. ٻئي ڏينهن ملڪل نه هوندي آهي ته دريءَ تي ٿلها پردا ڏئي خيالي رات جو سوچي سمهي رهندا آهيون. پر ٻيو ڏينهن جي موڪل جو هوندو آهي ته ماني بعد وري والي بال يا فٽ بال راند لاءِ نڪري ويندا آهيون. ڏهين يارهين موٽڻ تي به روشني هوندي آهي. ڇو جو اڄڪلهه هتي سج رات جو يارهين سوا يارهين لهي ٿو. سانجهي نماز بعد به ڪافي روشني هوندي آهي. جيتوڻيڪ سج لهي چڪو هوندو آهي. ٻارهين هڪ بجي ڌاري تارا ڪتيون ٽيڙو آسمان تي نظر ايندا آهن پر سگهوئي ڪلاڪ اندر سڀ غائب ٿي ويندا آهن ۽ صبح جو ٻي بجي تائين سج اڀري ايندو آهي.يعني سمهڻي نماز جو وقت هڪ وڳو ته فجر جو پوڻا ٻه هوندو آهي. هتي رهندڙ مسلمانن جو صحيح طرح امتحان هوندو آهي جن کي ڪلاڪ به سمهڻ بعد فجر لاءِ اٿڻو پوي ٿو ۽ انهن لاءِ فجر ائين آهي جيئن تهجد.
سو هتي سئيڊن ۾ اڄڪلهه اونهارو آهي. سج يارهين کانپوءِ لهندو آهي. اوندهه ٻارهين بجي ڌاري ٿيندي آهي. سج ٻين بجي ڌاري اڀري پر ان کان اڳ ئي روشني ٿي ويندي آهي. يعني صحيح معنيَ ۾ اونداهه ڪانڀار ڪا ڪلاڪ اڌ مس ٿي ٿئي. آئون ڪوشش ڪري ڏهين بجي سمهي رهندو آهيان. جلدي اک کلڻ تي، بنا واچ ڏسڻ جي، سمجهه ۾ نه ايندو آهي ته آيا رات جا يارهن کن ٿيا آهن ۽ سج اڃا غروب ئي نه ٿيو آهي يا صبح جا ٽي ٿي ويا ۽ سج اڀري به چڪو آهي. ڇو جو ٽين چئين بجي ڌاري سج ڪافي مٿي چڙهي ايندو آهي ۽ ائين لڳندو آهي ڄڻ ڏينهن جا ڏهه يارهن ٿي ويا آهن. پر چوڌاري ماٺ، دڪان بند ۽ رستا سنسان ڏسي وري سمهي رهندو آهيان. هنن ملڪن ۾ ماڻهو سج اڀرڻ لهڻ تي نه پر واچ ۾ ٽائيم ڏسي هر ڪم ڪن ٿا.
ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهيان ته خط استوائي ملڪن مان- يا ويندي اسان جي ملڪ مان ڪنهن ماڻهوءَ جون اکيون بند ڪري رات جو ٽين بجي هتي آڻي پوءِ کيس ان وقت بنا گهڙيال ڏسڻ جي شهر ۾ ڇڏجي ته هوته وائڙو ٿي ويندو ته هن شهر کي ڇا ٿي ويو آهي جو هيڏو سج اڀري آيو آهي پر ڪو ماڻهو ڇيڻو نظر نه پيو اچي. رستي تي لاري موٽر ناهي. دڪان بند ٿيا پيا آهن ۽ ڪتا ٻلا توڙي پکي پکڻ اکيون پوري ڇپ هڻيو ويٺا آهن. ماجرا ڇا آهي.
ڏينهن رات جو فرق هجڻ ڪري مجبورن هتي هر ڪم واچ جي ڪانٽن مطابق ڪرڻو پوي ٿو. اسان جي مرحوم ڏاڏي جيڪا اصولن جي سخت هئي ۽ سج لهڻ تي ڏيو ٻاري ڪلمو پڙهي اسان کي مانيءَ تي ويهاريندي هئي ۽ سج لٿي کانپوءِ گهٽيءَ ۾ هرگز کيڏڻ نه ڏيندي هئي. هن جو فرمان هوندو هو ته سج لهڻ جو جيئن ئي وقت ٿئي گهر موٽو ۽ سانجهي نماز کانپوءِ يڪدم ماني کائي سمهي رهو. هن کي واچ جا ڪانٽا ۽ انگ سمجهه ۾ نه ايندا هئا پر ڏينهن جو سج جي ۽ رات جو تارن جي چرپر مان صحيح وقت جو اندازو لڳائي وٺندي هئي. مرحومه جي هتي هجي ها ته ڪڏهن فائدي ۾ ڪڏهن نقصان ۾ هجون ها. اونهاري ۾ راند لاءِ سو وقت ئي وقت هجي ها. پر ماني ضرور دير سان ملي ها جو جيسين سج لهي ۽ رات جو ٻه ڪلاڪ کن مس سمهون ها ته فجر لاءِ اٿاري ها. اها ٻي ڳالهه آهي ته سياري ۾ سمهڻ لاءِ ڪافي ملي ها جو سيارو ٿيڻ سان ڏينهن تکو تکو سسڻ لڳي ٿو ۽ رات انگهي انگهي ٻاويهه ڪلاڪن جي ٿيو پوي.