خطرناڪ ماڻهوءَ جي ملڪ جي آهين
مهمانن- خاص ڪري فئملين جي وڃڻ ڪري ڊانسنگ ۽ ڊائنگ هال توڙي باقي بچيل اڪيلن همراهن جي دلين ۾ آيل مهمانن لاءِ ڪافي جاءِ ٿي پئي، جو مون ڏٺو ته ڪيترا همراهه جيڪي پنهنجن دوستن يا ملڪي شاگردن جي زالن اڳيان شرمائي ڪنڊ پاسو ڏئي رهيا هئا سي به هاڻ انهن جي وڃڻ کانپوءِ پنهنجين سڏايل گرل فرينڊن يا پاڻهي آيل انهن عورتن کي (جن جا حقوق غير محفوظ ٿي لڳا) پنهنجين دلين ۾ جايون ڏيڻ لڳا.
ملائيشيا جي ڪئپٽن ليءَ جي زال ائنا، ڀت سان لڳل ڪرسين مان هڪ تي ويٺي هئي.
”تون اڃا ويٺي آهين؟“ مون کائنس پڇيو.
”لي هلي ته هلان. هڪ ٻئي پويان بيئر جا دٻا ڏوگهي رهيو آهي.“ ائنا وراڻيو.
ائنا جي ڀر ۾ اسان جو پاڪستاني ڪئپٽن سليم ۽ راحت عزيز ويٺا هئا. راحت کي انگريزيءَ ۾چيم؛ ”ڪئپٽن ليءَ کي مفت جي شراب پيئڻ جي ايڏي پٽ آهي جو پوءِ جان ڇٽڻ مشڪل آهي. ملائيشيا ۾ به ٻيوڪو پيئي يا نه پر لي صاحب ضرور پيئندو.“
ڪئپٽن لي جي زال ائنا منهنجي ڳالهه جي تصدي ڪندي سليم ۽ راحت کي چيو: ”الطاف سچ ٿو چوي.“
”يار ائنا ڇا سوچيندي.“ ڪئپٽن سليم مون کي چيو.
”ائنا ڇا سوچيندي. ڪا لڪيل ڇپيل ڳالهه آهي ڇا. آئون پنهنجي مائٽن جي ايڏو عرصو ويجهو نه رهيو هوندس جيترو هنن جي. لي ۽ مون ملائيشيا جي نيول اڪيڊمي ۾ اٺ سال گڏ گذاريا آهن. هنن جو مڱڻو ۽ شادي به مون اڳيان ٿي هئي.“ اهو ٻڌي ائنا خوش ٿي.
”مون کي لي چوي ٿو ته آئون هلان، ٿوري دير بعد هوپاڻهي ايندو.“ ائنا ٻڌايو.
متان وئي آهين. هي چنڊو ائين ڪڏهن شراب نه ڇڏي.“ مون خبردار ڪندي جهليومانس.
بنگلاديش جو ڪئپٽن حبيب به اتي بيٺل هو، تنهن چيو: ”ڪئپٽن لي پيئي گهٽ ٿو رڳو ضايع ڪري ٿو. بيئر جو دٻو کوليو ٻه ڍڪ پيو وري وڃيو نئون دٻو کڻيو اچي. هي ڏسو.“
هن ڀر واري ٽيبل تي ڪئپٽن لي جا ڇڏيل ٻه کن دٻا کڻي اسانکي ڏيکاريا جيڪي واقعي اڌ به خالي نه هئا.
ايتري ۾کاٻي پاسي واري ڀت سان لڳل ڪرسين تان هڪ ڪينيا جو همراهه ڊانس لاءِ اٿيو. آئون ان جي جاءِ تي ٿي ويٺس. ڀروارين ڪرسين تي هڪ حبشڻ ۽ هڪ هتي جي سئيڊش عورت ويٺي هئي. راحت اڙدوءَ ۾ مون کي چيو: ”تنهنجي ڀر ۾ ويٺل آفريڪن ڇوڪري اڄ جي آيل مهمانن ۾ سڀ کان حسين ترين آهي.“
”واهه ڙي واهه راحت عزيز تنهنجا فيصلا.“ مون چيومانس.
”ڪوڙ ڪونه ٿو ڳالهايان چڱي طرح ٿورو ڏسينس. گوريون به سندس مقابلو نه ڪري سگهن.“ راحت پنهنجي ڳالهه تي پختو رهيو.
”خير هاڻ ڀر ۾ ويهي، هڪ ته مڙي مڙي ڏسڻ صحيح ناهي ۽ ٻي ڳالهه ته ههڙي چنجهي (Dim) روشني ۾ گوريون اڇيون به چٽيءَ طرح نظر نٿيون اچن سو هن ڪاري ڪوئل جا ته فقط ڏند ۽ ڪنن ۾ پيل اڇا ايئرنگ ئي نظر اچي رهيا آهن.“
بنگالي ڪئپٽن حبيب جنهن کي ٿوري ٿوري اڙدو به اچي ٿي تنهن راحت کي چيو: ”سوير مانيءَ مهل، هوءَ منهنجي ڀرسان کائي رهي هئي. مونکي ته ان وقت روشني ۾ به منجهس ڪا خاص سونهن نظر نه آئي، توکي هتي اونداهه ۾ منجهانئس ڪهڙي سونهن تجلا ڏيکاري رهي آهي.“
”بس ڪجهه آهي.“ راحت چيو.
”هاڻ ڏيو منهن. اها به ڪا ڳالهه. سائنسي طرح ثابت ڪرڻ بدران ائين ئي ٿيو زوريءَ ٿاڦڻ ته، ڪجهه آهي.“ مون چيومانس.،
”ڀلا مڙي کڻي نه ڏسينس، پراهو ته پڇينس ته هوءَ ڪٿي جي آهي.“ راحت مون کي چيو.
مون ساڻس هيلو ڪري سندس ملڪ بابت پڇيو.
”يوگينڊا جي آهيان.“ هن وراڻيو.
”خطرناڪ ماڻهو جي ملڪ جي آهن؟“ مون يڪدم چيومانس.
”ڪيئن ڀلا؟“
”ٻيو وري ڇا. عيدي امين پاڪستاني، انڊين ۽ ايشين ته ڀڄائي ڪڍيا پر پنهنجن ڪارن جي به ڀينگ ڪري ڇڏيائين.“
”اها ته ڳالهه آهي.“ هن مڃيو.
”يوگينڊا ۾ ڪٿي رهن؟“ مون پڇيومانس.
”ڪمپالا جي ڀرسان.“ هن ٻڌايو.