پوسٽ مان چوري
پورٽ قاسم جي چيف انجنيئر ڪمال علويءَ چيو: ”ٽي هفتا ٿيا آهن، نه مونکي ڪراچيءَ کان خط مليو آهي ۽ نه منهنجو کين ملي ٿو.“ ۽ پوءِ مونکان پڇيو: ”توکي ملن پيا؟“
”هتان هُتان جا ته ملن پيا، مثال طور گذريل هفتي ملائيشيا ۽ هانگ ڪانگ مان پوسٽ ٿيل خط ته ملي ويا پر پاڪستان کان مون کي به نه مليو آهي. ٻيو ته ٺهيو پر جاڳو اخبار باقاعدگي سان ايندي آهي سا به ٻن هفتن کان نه آئي آهي.“ مون کين ٻڌايو.
”مون ٻڌو آهي ته اڳ ۾ به ائين هفتو ڏيڍ ٽپال کاتو بند ٿيو هو. خطن جا مڻ گڏ ٿي ويا جيڪي پوءِ هنگاما ڪندڙن يا ٻين ٻاري ڇڏيا. ڪن هنڌن تي ته علائقي جي ٽپال جو پوسٽ آفيس ٻاهران ڍير لڳايو ويو. جنهن کي مليو سو مليو باقي هيٺ مٿي ٿي ويا.“ راحت چيو.
”يار ائين به ٿيندو هجي ته ٽپالي گهر کڻي وڃي کولي ڏسندا هجن. جنهن لفافي مان نوٽ نڪتو ته رکي ڇڏيندا هوندا.“ ميزبان سرتاج چيو.
”پاڪستان ۾ ڇا لفافي ۾ نوٽ وجهي موڪلڻ جي اجازت آهي؟“ مون تعجب مان پڇيو.
”نه. اسان ته بئنڪ جي معرفت پئسا موڪليندا آهيون، پر منهنجومطلب آهي ته پاڪستان جو پاڪستان مان ٿي سگهي ٿو ڪي ڏهه ويهه روپيا لفافي ۾ وجهي موڪليندا هجن. هاڻ اهي ڏهه رپيا واپس ڪرڻ لاءِ ڪهڙا ويهي مني آرڊر ڪجن. مڪتبه اسحاقيه وارن کي نماز ۽ وضوءَ جي طريقي جي ڪتابڙي خريد ڪرڻ لاءِ ڪير ملير لانڍيءَ کان هلي جهونا بازار سندن دڪان تي ويندو يا ان جي قيمت جي ادائيگي لاءِ چئن رپئي جو ڪهڙو ويهي مني آرڊر ڪندو. پنجين رپئي جو نوٽ لفافي ۾ ئي وجهي دڪان جي مالڪ عبدالغني ڏي موڪليندو هوندو.“
”ها اها ڳالهه آهي. پر ٽپال جهڙو کاتو ان قسم جي چوري نه ڪندو هوندو، جنهن جو نعرو ئي آهي، ”ديانتداري.“ مون چيو. جواب ۾ سرتاج شڪل چٻي ڪري بيزاريءَ جو اظهار ڪندي چيو:
”يار اهڙا نعرا ۽ سلوگن ته پنهنجي ملڪ ۽ قوم جا ڪيئي آهن پوءِ؟ انهن تي ڪو هلي ته پوءِ امن قائم ڪرڻ لاءِ هي فوج، هي ڪرفيو، هي چوري چڪاري ۽ دهشتگردي ڇو ٿئي.“
”يار مون کي ته فڪر منهنجي ڏهه هزار روپين جي چيڪ جو اچي لڳو آهي، جيڪو مون انهن هنگامن دوران هڪ دوست کي خط ذريعي موڪليو آهي.“ ڪئپٽن عاشق خان چيو.
”چيڪ ته ڪڏهن به خط ذريعي نه موڪلجي.“ راحت چيو.
”پر ايتري عقلمندي ڪئي اٿم جو دوست جي نالي ڪراس ڪري موڪليو اٿم. هاڻ ٻئي ڪنهن کي نه ملي سگهندو.“ عاشق چيو.
”ڪئپٽن عاشق ڪهڙيون ويٺو ڳالهيون ڪرين،“ راحت چيو، ”اها ته ڪا وڏي ڳالهه آهي ڪانه. جنهن کي اهو چيڪ هٿ اچي ويندو سو ان نالي جو ڪنهن بئنڪ ۾ اڪائونٽ کولي، اهو چيڪ ان ۾ جمع ڪرائي ٻئي ڏينهن ڪئش ڪرائي وٺندو.“
”اوه خانا خراب! چئبو ته غريب جا پئسا هيٺ مٿي ٿي سگهن ٿا.“
عاشق رڙ ڪري چيو.
”بلڪل. ڪئين اهڙا فراڊي پلاٽي ماڻهو پيا آهن جن جي ڳالهه ڪري کڻي بس ڪر.“ راحت چيو، ”هڪ دفعي اسان جو جهاز بريمن (جرمني) کان ڪراچي اچي رهيو هو. اتي اسان جي ڪراچي آفيس سان واسطو رکندڙ هڪ سرڪاري ڪاموري جو ڀاءُ ڪو ڪورس ڪري هاڻ پاڪستان موٽيو ٿي. موقعي جو فائدو وٺي هن پنهنجا ڪتاب، ڪپڙا رڌڻي جو سامان، پليٽون چمچا ڪانٽا وغيره ۽ ٻيو هلڪو ڦلڪو سامان ۽ بچيل پئسا اسان جي چيف انجنيئر بدرمنير کي ڏنا ته هو مهرباني ڪري اچي کڻي وڃي، جيئن پاڻ ٻن هفتن بعد ٻين ملڪن جي ٽوئر هڻي هوائي جهاز رستي اچي.،“
”آئون انهن ڏينهن ۾ ان جهاز جو سيڪنڊ انجنيئر هوس. بدرمنير صاحب مون کي ۽ ٿرڊ انجنيئر کي گهرائي چيو ته هي ڪم ڪرڻو آهي. ڪمرا ننڍا اٿئون، سو ٿورو ٿورو سامان ورهائي پاڻ وٽ رکو. ٿورن ڏينهن جي ڳالهه آهي. ڪراچيءَ مان اچي کڻي ويندو يا کڻائي وڃڻ جو بندوبست ڪندو.
”جرمنيءَ مان سامان روانو ڪري پاڻ پنهنجي ڀاءُ کي خط لکيائين ته هي هي سامان ۽ هيترا پئسا روڪ آهن، جيڪي فلاڻي جهاز جي انجنيئر هٿان موڪلي رهيو آهيان. ڪو ماڻهو موڪلي گهرائي وٺجو جيئن ڪو اجايو ڪسٽم نه لڳي. هاڻ ڇا ٿيو جو اهو خط ڪنهن ٽپال جي ماڻهو يا ڪنهن شاهينگ جي هٿ چڙهي ويو ۽ جهاز جيئن ئي ڪراچيءَ پهتو ته پهرين ڏينهن ئي اهو همراهه خط سان جهاز تي پهتو ۽ سڌو مون وٽ آيو ته آئون فلاڻي همراهه جو سؤٽ آهيان ۽ سامان کڻڻو اٿم. هاڻ اسان کي ڪهڙي خبر. ويتر جو خط سندس هٿ ۾ هو جنهن ۾ هڪ هڪ شيءِ جو تفصيل هو ته بحث ڪرڻ اجايو هو. پر خدا جو شڪر ٿو ڪريان جو هڪ ڪم چڱو اهو ڪيم جو يڪدم سامان ڪڍي ڏيڻ بدران کيس پنهنجي چيف انجنيئر وٽ وٺي ويس ته هيءَ ڳالهه آهي هاڻ ڇا ڪجي. تنهن به چيو ته بلڪل صحيح آهي. کيس سامان ڏيئي ڇڏيو ۽ پاڻ روڪڙا پئسا پڻ ڳڻي هن جي حوالي ڪيا. پوءِ هو ان ئي وقت پنهنجي ڪار ۾ ٿورو ٿورو ڪري سامان ڪڍڻ لڳو ۽ ٻئي ڏينهن تائين ڪڍي پورو ڪيائين. مون کي ۽ ٿرڊ انجنيئر کي به لالچ ٿي ته ٻيلي هن جا ته ڪي ڪسٽم وارا سڃاڻو آهن ڇو نه ٿورو پنهنجو سامان به ڪڍرايون. سو گهر لاءِ ورتل استري، ريڊيو، رانديڪا کيس ڪڍڻ لاءِ عرض ڪيوسين. پاڻ وعدو ڪيائين ته جيئن ئي صاحب جو سامان نڪري بس ٿيندو ته اسان جي به مدد ڪندو. بهرحال پوءِ اسان جو سامان ته نه ڪڍيائين پر آخر ۾ اچي مهرباني جا ٻه لفظ به نه چيائين ۽ چئي به ڪيئن. چور ماڻهو پرايو سامان چورائڻ ۾ئي پورو هو ۽ شڪر جو اسان جو نه ڪڍيائين نه ته اهو به غائب ٿي وڃي ها.
”هاڻ اسان سڀ پنهنجي پر ۾ خوش ته ڪنهن آفيسر جو ڪم ڪيو اٿئون. خبر تڏهن پيئي جڏهن جهاز جي رواني ٿيڻ واري ڏينهن سامان جا اصل مالڪ اچي سهڙيا. پوءِ ته جيڪا پشيماني ٿي ان جو بيان نٿو ڪري سگهجي. گهڻو ئي پوليس ۾ رپورٽون لکرايون سين، اسان ان همراهه جا منهن مهانڊا ٻڌايا پر اڄ تائين نه مليو سو نه مليو. سو اهڙا به چور پيا آهن جيڪي پوسٽ مان خط چورايو وڃن.“