هتي جي بائبلوٽيڪ
مالمو شهر ۾ ٽي چار لئبرريون آهن جن مان مُک ۽ وڏي لئبرري هيءَ ”مالمو اسٽئڊس بائبلوٽيڪ“ نالي شهر جي وچ ۾ آهي. اها هتي جي اهم بس اسٽاپ ”گستائو اڊولف ٽورگ“ وٽ آهي. منجهس سئيڊش ڪتابن کان علاوه عربي، ايراني، اڙدو ۽ ٻين ڪيترين زبانن جا ڪتاب آهن. پر سڀ کان خاص ڳالهه جيڪا هن لئبرري کي دنيا جي ٻين ڪيترين لئبررين کان اهم حيثيت ڏئي ٿي اها آهي رسالن ۽ اخبارن جي گهڻائي. هن لئبرري ۾ نه فقط سئيڊن ۽ ڀروارن يورپي ملڪن جا مڙيئي رسالا ۽ اخبارون آهن پر دنيا جي ڪيترن ئي ڏورانهن ملڪن ۽ زبانن جا رسالا ۽ اخبارون هتي اچن ٿيون. پاڪستان کان ڪراچيءَ جي روزنامه اخبار ’جنگ‘، ’ڊان‘ ۽ هفتيوار’اخبار جهان‘ رسالو باقاعدي اچي ٿو. ٿي سگهي ٿو. لنڊن، نيويارڪ جهڙن شهرن جي ڪن لئبررين ۾ به ايتريون اخبارون ۽ رسالا ايندا هجن. پر سئيڊن جو ملڪ جنهن جو ڪو ايشيا آفريڪا ۽ عرب ملڪن سان نه ماضيءَ ۾ اهڙو واسطو رهيو ۽ نه هينئر آهي، ان جي هڪ ٽنڊوآدم جيڏي شهر جي هڪ لئبرريءَ ۾ انگلينڊ، فرانس، اسپين، پورچوگال، جرمني وغيره جون اخبارون ته ملن پر بنگلاديش جي روزاني بنگالي اخبار ”اتفاق“ کان وٺي مصر ۽ سعودي عرب جون عربي اخبارون، ايران جون ايراني، ڪولمبيا، برازيل، چليءَ جون اسپيني اخبارون. نائيجير، گهانا، گنيءَ جون فرينچ اخبارون هن لئبرريءَ ۾ اچن ٿيون. ساڳيو حال رسالن جو آهي. ڪتابن ۽ رسالن کان علاوه هن لئبرريءَ ۾ وڊيو ۽ آڊيوڪيسٽ پڻ ملن ٿا.
مزي جي ڳالهه اها ته هن لئبرري (بائبلوٽيڪ) جو ميمبر ٿيڻ جي ڪابه في ناهي ۽ ڪتابن کڻڻ جو به تعداد مقرر ناهي. پهرين ڏينهن ئي ڀر ۾ بيٺل هڪ همراهه کان پڇيم:
”هڪ ئي وقت ڪيترا ڪتاب وٺي سگهجن ٿا.“ هن کي ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي ته وري پڇيومانس:
”منهنجو مطلب آهي هڪ کڻي سگهجي ٿو يا ٻه يا ٽي.
”جيترا وڻنوَ؟“ هن وراڻيو جواب مان مطمئن نه ٿيڻ ڪري لئبررين عورت کان اچي پڇيم. جنهن سٺي انگريزي ڳالهائي ٿي.
”جيترا کڻي سگهو مهيني لاءِ بارو ڪري سگهو ٿا. اڃا به گهڻا کپنوَ ۽ هٿن ۾ نٿا کڻي سگهو ته هڪ ڪرونا (چئن رپين) جي، اسٽال تان پلاسٽڪ جي ٿيلهي وٺي ان ۾ ڀري سگهو ٿا.“
اها ڳالهه مون کي وڻي. يعني اڌارو ورتل ڪو ڪتاب گهر اچي پسند نه اچي يا ڏينهن اڌ ۾ پڙهي پورو ڪري ڇڏجي ته مٽائڻ لاءِ ذري ذري اچڻ جي ضرورت ناهي. جو هڪ ئي وقت مهيني جو راشن ڏهه ٻارهن کن ڪتاب کڻي سگهجن ٿا. اها ٻي ڳالهه ته لئبرري وچ شهر ۾ آهي جتان اسان کي يونيورسٽي ويندي ۽ موٽندي بس بدلائڻي پوندي آهي ۽ هر ٻئي ٽئين ڏينهن اڌ ڪلاڪ کن لائبرري هليا ويندا آهيون ۽ فرحت جي فرحت به ڪندا آهيون ته ’ڊان‘، ’جنگ‘ ۽ ’اخبار جهان‘ به پڙهي وٺندا آهيون ۽ هاڻ ڳوٺان اهي اخبارون هتي گهرائڻ جي خرچ جي بچت آهي ۽ فقط سنڌي اخبار ’جاڳو‘ گهرائڻي پوي ٿي.
’جاڳو‘ يا ڪنهن ٻي سنڌي اخبار جي هيڏانهن ڏورانهن ڏيهه جي لئبرري ۾اچڻ جي اميد نٿي رکي سگهجي، جو ڪا سنڌي اخبار پاڪستان جي سفارتخانن ۾ ئي ڪانه ٿي اچي. سفارتخانا ته پري جي ڳالهه آهي ملڪي هوائي ڪمپني پي آءِ اي جي هوائي جهازن ۾ئي نظر نٿي اچي!
هتي جي لئبرري جي اها به سٺي ڳالهه آهي جو اندر گهڙڻ وقت پاڻ سان آندل ٿيلهو، بئگ، ڪتاب يا ڪو ٻيو سامان ٻاهر رکڻو نٿو پوي. پاڻس ان کڏ کڻي سگهجي ٿو. اڄڪلهه جي ماڊرن ٽيڪنالاجيءَ مان فائدو وٺي هنن لئببريءَ جو هر ڪتاب چقمقي ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو وٺڻ مهل Demagnetized ڪري ڏين ٿا. ان ڪري لئبرري وارا ڪتاب جي چوريءَ جي ڊپ کان آجا آهن. ڪو ڀُل ۾ يا ڄاڻي واڻي چوريءَ جي نيت سان ڪتاب لڪائي ٻاهر نڪرڻ جي ڪندو ته گيٽ وٽ لڳل چڪاس ڪندڙ اوزار Scannerيڪدم آن ٿيو وڃي ۽ الارم وڄي ٿو. هن قسم جو حفاظتي اوزار اڄڪلهه تمام عام ٿي ويو آهي ۽ هر دڪان ۽ آفيس ۾ ان جو استعمال ٿئي ٿو. ڪوبه چور، اڻ خريد ڪيل يا بنا موڪل جي ڪابه شيءِ ٻاهر ڪڍڻ لاءِ ڪيڏي به ڪوش ڪري ڪامياب نٿو ٿي سگهي.
هن لئبرري جو ميمبر ٿيڻ تمام سولو ڪم آهي. ڇا جا ڊگها فارم ڇا جا فوٽو، بس رڳو سندن ٽن انچن جي ڪارڊ تي پنهنجو نالو ۽ سئيڊن ۾ رهائش جو نمبر لکي ڏيو. ان ئي وقت توهان کي ڪارڊ ملي ويندو. ڪارڊ تي هڪ ڪوڊ نمبر (جيئن منهنجي تي 9247907120956) لکيل ٿئي ٿو.
ان کان علاوه ڪارڊ تي ڪجهه ٿلهيون سنهيون ليڪون ڇپيل ٿين، جيڪي فقط اسڪئنگ مشين پڙهي اندازو لڳائي سگهي ٿي ته هي ڪارڊ ڪنهن جو آهي ۽ سندس اتو پتو ڇاهي. ليڪن جي ڊهڻ يا خراب ٿيڻ تي يا اسڪئنگ مشين جي ڪم نه ڪرڻ تي لئبررين مٿيون نمبر ڪمپيوٽر ۾ وجهي مون بابت معلومات حاصل ڪري سگهي ٿي ته ڪٿي رهان ٿو. ڪيترا ڪتاب لئبرري مان اڌارا ورتا اٿم ۽ ڪڏهن واپس ڪرڻا اٿم وغيره. مٿيون نمبر منهنجي پرسنل نمبر سان واسطو رکي ٿو. جيڪو هتي جي اميگريشن ۽ رجسٽريشن آفيس طرفان مليو اٿم- جن کي منهنجي چرپر جو رڪارڊ ۽ علم رهي ٿو.
ان ئي قسم جون ليڪون ۽ نمبر هر ڪتاب جي آخري صفي تي به ٿين. جن مان ڪتاب جي نالي ۽ قيمت جي خبر پوي ٿي. ڪتاب اڌارا وٺڻ مهل لئبررين هڪ هڪ ڪتاب جونالو لکڻ بدران ميمبر جوڪارڊ وٺي مشين ۾ وجهندو آهي ۽ پوءِ مشين سان ڳنڍيل ٽارچ نما پين کڻي هڪ هڪ ڪتاب جي ليڪن مٿان گهمائيندي آهي. ان بعد ڪتاب ۽ ڪارڊ موٽائي ڏيندي آهي. ائين ڪرڻ سان مشين ذريعي آٽوميٽيڪلي منهنجي نالي تي اهي ڪتاب اچيو وڃن ۽ ساڳي وقت انهن ڪتابن جي چقمقي خاصيت ضايع ٿيو وڃي ۽ بنا الارم وڄڻ جي، ميمبر اهي ڪتاب لئبرري کان ٻاهر کڻي وڃي سگهي ٿو. اهڙيءَ طرح واپسيءَ تي مشين چيڪ ڪري ٿي ته ڪٿي مهيني کان وڌيڪ دير ته نه ڪيائين ڇو جو مهيني کان مٿي هر روز جو رپيو ٻه کن ڏنڊ آهي.
ان ڏينهن ڪجهه ڪمپيوٽر ۽ ڪجهه ڪئلڪيولس (مئٿس) جا ضروري ڪتاب چونڊي، دخل وٽ ويٺل هڪ ٻي انچارج آفيسر ڇوڪريءَ کي چيم:
”آئون ته نٿو سمجهان ته توهانجي زبان (سئيڊش ۾ ڪو گهڻو ادب ۽ شعر و شاعري آهي پر جيڪي ڪجهه هوندو سو سئيڊش زبان ۾ ئي هوندو.“
”نه ڪجهه ترجما به آهن جيڪي پڙهي سگهو ٿا.“ هن وراڻيو ۽ ترجمن جي سيڪشن مان ڪجهه شاعريءَ جاڪتاب ڪڍي ڏنائين.