موراڪو جو اڪوح عبدالوهاب
”هلو.“ وراڻيو مانس.
۽ پوءِ وچان ئي وچان پارڪن ۽ رستن سان شارٽ ڪٽ ڪندا، ايندڙ ويندڙ ماڻهو توڙي عمارت تي ٽيڪاٽپڻي ڪندا، اچي هاسٽل پهتاسين.
”يار الطاف چانهه ٿي وڃي.“ عبدالوهاب چيو.
”ٺهيو ڪنهن ٻئي دفعي، هينئر تون به ٿڪل هوندين.“ وراڻيومانس.
”ڪو خاص پروگرام نه هجي ته اچ ته گڏجي چانهه پيون، هونءَ ئي مون کي پنهنجي لاءِ ته ٺاهڻي آهي.“ هن زور ڏنو.
”پروگرام وري ڪهڙا آهن. هل ڀلا.“ مون وراڻيومانس..
عبدالوهاب گرائونڊ فلور تي رهي ٿو ۽ آئون ٽين فلور (ٽين ماڙ) تي، لفٽ ڏي وڌندي وڌندي، عبدالوهاب جي چانهه جي دعوت لاءِ موٽيس ۽ هن جي ڪمري نمبر 117 تي پهتاسين.
هتي سئيڊن ۾ به ماڙين (منزلن) جي ڳڻپ چين جپان وانگر ٿئي ٿي. انگلينڊ يا پاڻ وٽ هيٺيون گهر (پٽ وارو) گرائونڊ فلور سڏبو آهي. ان جي مٿان واري عمارت پهرين ماڙ ۽ پوءِ ٻين ٽين ماڙ ٿيندي آهي، پر هتي گرائونڊ فلور پهرين ماڙ سڏبو آهي ۽ ان جي مٿان پوءِ ٻي، ٽين، چوٿين ماڙ ٿئي ۽ ڪمرن جي نمبرن وارو کاٻي پاسي وارو انگ فلور (ماڙ) سان وابسطا هوندو آهي. جيئن عبدالوهاب جو ڪمرو نمبر 117 آهي معنيٰ هو پهرين ماڙ تي سترهين ڪمري ۾ آهي. منهنجي ڪمري جو نمبر 322 آهي معنى آئون ٽين ماڙ تي ٻاوهين نمبر ڪمري ۾ رهان ٿو.
عبدالوهاب ڪمرو کولي، مون کي ٽي وي جي سامهون واري ڪوچ تي ويهاري ٽي وي آن ڪئي. ان وقت لاس ايجنلس (آمريڪا ۾ ٿيل ڪارن جي هنگامن جي پراڻي رپورٽ C.N.N تان هلي رهي هئي. عبدالوهاب ڪتابن جي بئگ ڪنڊ ۾ رکي، اوور ڪوٽ ۽ بوٽ لاهي، پتيليءَ ۾ چانهه لاءِ پاڻي رکي هيٽر کي آن ڪيو. سامهون ٽيبل تي ڪيترائي سامونڊي دنيا سان واسطو رکندڙ مئريٽائيم لا (قانون)، مئنيجمينٽ مئريٽائيم ٽريڊ ۽ ٽرانسپورٽ جا ڪتاب رکيا هئا. هڪ ٻه کڻي ڏٺم، سڀ فرينچ زبان ۾ هئا.
”عبدالوهاب! توهان جي ملڪ ۾ مادري زبان کان علاوه ٻي ڌارين ٻولي انگريزي آهي يا فرينچ؟“
”فرينچ، پر آئون انگلينڊ ۾ ڪافي وقت رهيو آهيان ان ڪري مون کي انگريزي به اچي ٿي، پر اهڙي سٺي نه جيتري فرينچ.“
”تو گريجوئيشن انگلينڊ مان ڪئي؟“ مون پڇيو مانس.
”نه. اها فرانس جي يونيورسٽيءَ مان فرينچ زبان ۾ ڪيم. انگلينڊ ۾ ٻين مختلف ڪورسن ۽ سرڪاري ڊيوٽي خاطر رهڻ ٿيو.“
”چئبو ته پوءِ فرانس ۾ جڏهن فيلڊ ٽرپ لاءِ هلڻ ٿيو ته ترجمي لاءِ تنهنجو ئي پاسو وٺجي.“ مون کلي چيومانس.، ”تنهن لاءِ ته اتي مزو ٿي ويو، ۽ تون اسان لاءِ ڄڻ انڌن لاءِ لٺ هوندين، جو اسان کي بان زوئار کان وڌيڪ فرينچ جو ٻيو اکر به نٿو اچي.“
”ها. پر مون کي فرانس بنهه نٿو وڻي. آءِ لَو انگلينڊ.“ عبدالوهاب چيو.
”ڇو ڀلا؟“ پڇيومانس.
”بس انگريزن جو پنهنجو اسٽائيل آهي. هنن جو ڪلچر، نمونو، رسم رواج، شهر، دڪان، عمارتون. کاڌا پيتا ٻين سان وهنوار- هر شيءِ ۾پنهنجائپ جي سڳنڌ آهي. اهوئي ته سبب آهي جو هنن يورپي ڀاڙين مڙسن ۾ وري به انگريز بهتر هئا ۽ جيتري توهان جي هنن سان Attachment آهي اوتري اسان جي فرينچن سان ناهي، جن جي هٿ هيٺ اسان جهڙا ڪيترائي آفريڪي ۽ عرب ملڪ رهيا.“
پاڻي ٽهڪڻ تي پتي وجهي ٿوري دير دم تي رکي پوءِ چانديءَ جي گلن واري روايتي ڪٽليءَ ۾ چانهه وجهي اچي منهنجي اڳيان رکي. ان سان پليٽ ۾ ڪجهه پستا بادام ۽ عربي مٺائي هئي جيڪا ڪنهن زماني ۾ مون لبنان جي شهرن طرابلس ۽ بيروت ۾ کاڌي هئي. اڄڪلهه ڪراچيءَ ۾ ڊفينس مارڪيٽ ۾’گلشن سويٽ ميٽ‘ وارو به ٺاهي ٿو.
هن قسم جي روايتي ڪٽلي هن کان اڳ مون عربن جي محلاتن جي تصويرن ۾ يا اتر آفريڪا جي ملڪن تي ٺهيل هالي ووڊ جي فلمن ۾ ڏٺي هئي.
”ڇو ڀلا مٺائي نٿو کائين. مٺاڻ پسند ناهي ڇا؟“ عبدالوهاب پڇيو.
”پسند آهي، پر توهان جي عرب دنيا جي مٺائي حد کان وڌيڪ ئي مٺي ٿئي ٿي ۽ چانهه جو مزو خراب ڪريو ڇڏي.“
”پرواهه نه ڪر. ان ئي ڪري مون چانهه ڪجهه وڌيڪ مٺيري ٺاهي آهي.“
مٺائي چکي پڇيومانس ته اها ڪٿان ورتائين.
”موراڪو جي آهي.“ هن وراڻيو.
”ڪو مٽ مائٽ آيو هو ڇا؟“
”نه آئون پاڻ گذريل هفتي ويو هوس.“
”هاڻ مون کي ياد آيو. اڳئين هفتي بس سينٽرل اسٽيشن تي ترسي ته ڪجهه شاگرد ڊرائيور کي ٿوري دير وڌيڪ ترسڻ لاءِ چئي رهيا هئا. آئون اڳيان ويٺو هوس. مون سبب پڇيومان ته هڪ ٻڌايو ته ڪنهن شاگرد کي سامان لاهڻو آهي، جيڪوموراڪو پيو وڃي. مون سمجهيو چرچا پيا ڪن ته ريل رستي موراڪو پيو وڃي. ڇو جو موراڪو پهچڻ لاءِ هڪ بالٽڪ سمنڊ اڪري وچ يورپ ۾ پهچڻو آهي ۽ پوءِ اسپين مان ڀونوچ سمنڊ جو ٻيو حصو لتاڙڻو آهي. جيڪو خالد بن وليد به ٻيڙيءَ رستي اڪريو“.
”نه. آئون ريل رستي گوتوبرگ ويو هوس جتان فيريءَ ۾چڙهي فرانس پهتس ۽ اتان ڊائريڪٽ اڏام رباط هئي.“ عبدالوهاب ٻڌايو.
”ٻارن کي هتي گهرائين پيو يا نه؟“ مون پڇيومانس.
”نه. ان ڪري جو هڪ ته منهنجي زال نوڪري ڪري ٿي. پر کڻي هوءَ سال سوا نوڪري تان موڪل ڪري، پر ٻارن جي پڙهائي خراب ٿي ويندي. وڏي ڌي اٿم ان بعد ٻه پٽ، ننڍي کانسواءِ ٻئي وڏا ٻار اسڪول وڃن ٿا.“
”پر عبدالوهاب! ڌارين ملڪن جي ٻارن لاءِ هتي مالمو ۾ ڪيترائي اسڪول اٿئي.“ مون ٻڌايومانس.
”ها. انهن بابت مون معلوم ڪيو. پر اهي يا ته هتي جي ٻولي سئيڊش ۾ آهن يا انگريزيءَ ۾. منهنجا ٻار مون وانگر عربي ۽ فرينچ پڙهڻ ٿا.“
چانهه جو ڪوپ ختم ٿيڻ تي عبدالوهاب اڌ ڪوپ ٻيو ڀريو.
”چانهه ڪيئن لڳي؟“ هن پڇيو.
”تمام سٺي ٺاهي اٿئي پر سمجهي نه سگهيس ته ڪهڙي چانهه آهي؟ ڪاري، سائي، چيني.... ۽ ڪهڙي برانڊ جي- ييلو ليبل، ٽيٽلي، جاسمين....“
”مون کي پڪ هئي ته تون ان بابت ضرور سوچيندين. هيءَ گرين ٽي نموني جي آهي. پر هڪ خاص جنس جي آهي جيڪا مون موراڪو مان آندي آهي.“ هن ٻڌايو.
موڪلائڻ مهل عبدالوهاب ڪجهه چانهه جي پتي ۽ مٺائي وجهي ڏني.
”مٺائي واري پليٽ موٽائڻ وسري وڃيم ته مهرباني ڪري ياد ڏيارجانءِ.“ مون کائنس موڪلائيندي چيو.
سو اهڙي طرح گهڻو ڪري روزانو ڪنهن نه ڪنهن ڌارئين ملڪ جي باشندي سان ملڻ جو موقعو ملي ٿو.