الطاف شيخ ڪارنر

ملير کان مالمو تائين

الطاف شيخ جو هي سفرنامو ”ملير کان مالمو تائين“ سئيڊن بابت آهي۔ مالمو سئيڊن جو شهر آهي جتي ورلڊ مئريٽائيم يونيورسٽي آهي۔ جتي دنيا جي مختلف ملڪن جي ڏيڍ سئو کان وڌيڪ مئرين انجنيرن ۽ ليڪچرارن کي ٻن سالن جو ڪورس ڪرڻ کانپوء ايم ايس سي جي ڊگري ڏني ويندي آهي۔ الطاف شيخ صاحب پڻ هتي ٻه سال گذاريا ۽ ميريٽائيم ايڊمنسٽريشن (انجنيئرنگ) جي ڊگري حاصل ڪئي۔ سندس هن سفرنامي ۾ سئيڊن بابت تمام گهڻي ڄاڻ ڏنل آهي۔
  • 4.5/5.0
  • 1420
  • 799
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • الطاف شيخ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ملير کان مالمو تائين

جانورن کان بدتر سمجهڻ

اهڙي طرح هڪ ٻئي ڏينهن بس جو انتظار ڪري رهيو هوس ته پاڻ سان گڏ هڪ آفريڪن عورت کي ساڳي بس جو انتظار ڪندي ڏٺم. هيلو هيلو ڪرڻ بعد هن ٻڌايو ته هوءَ گهانا جي آهي ۽ هتي پنهنجي مڙس سان گڏ رهي ٿي جيڪو پڻ گهانا جو شيدي آهي. سندس مڙس Volvo ڪمپنيءَ ۾ نوڪري ڪري ٿو.
”تون ڪڏهن هتي آئينءَ؟“ مون پڇيومانس.
”ست اٺ مهينا ٿيا آهن.“ هن وراڻيو.
”تنهنجو مڙس؟“
”اهو اٺ نوَ سالن کان هتي رهيل آهي ۽ سئيڊش پاسپورٽ اٿس. گذريل سال گهانا اچي مون سان شادي ڪيائين ۽ هتي وٺي آيو. مون کي هن جي آڌار تي هتي جي شهريت ملي ويندي پر اميگريشن ڊپارٽمينٽ چيو آهي ته هتي جي زبان ”سئيڊش“ سکڻ ضروري آهي. سو روزانو صبح جو هتي جي هڪ اسڪول ۾سئيڊش سکڻ ويندي آهيان،جتان هينئر موٽان پئي.“
”ڀلا هي شهر ۽ ملڪ توکي ڪيئن ٿو لڳي.“ مون ٻيو سوال ڪيومانس.
آفريڪا جي ٿي ڪري سندس ملڪ ۽ شهر جي مقابلي ۾ سئيڊن جو هي شهر مالمو هر لحاظ کان هزار دفعا بهتر چئي سگهجي ٿو. پر اڀرا سڀرا هر هڪ کي پنهنجا ڪک وڌيڪ ياد اچن ٿا. سوهن به ان سوال جي جواب ۾ ڪو گهڻو خوشيءَ جو اظهار ڪرڻ بدران ٿڌائي سان وراڻيو.
”بس ٺيڪ آهي. ڇا ٿي چئي سگهان.“
”تنهنجي معنى ڪو گهڻو پسند ناهي. پنهنجو ڳوٺ ۽ پنهنجو وطن ياد اچئي ٿو؟“ مون پڇيومانس.
”سندس اکين مان سندس ساڻيهه جي سڪ نمايان هئي، چپن تي هلڪي مرڪ آڻي چيائين، ”بلاشڪ“.
”ڪمال آهي!“ مون کائنس چڱي طرح جواب حاصل ڪرڻ لاءِ پڇيو:”ههڙي ماڊرن ملڪ، صاف سٿري هوا پاڻي، باغ بستان، عمارتون ماڊرن بسون لاريون، گهمڻ جي جاين هوندي به توکي پنهنجو ڳوٺ ٿو وڻي.“
ڪنڌ جي ڌوڻ سان هائوڪار ڪندي هن اهو ٻڌائڻ چاهيو ته انهن مڙني ڳالهين جي باوجود هوءَ پنهنجي فيصلي تي اٽل آهي. يعني هي سڀ ڳالهيون کائنس ڳوٺ لاءِ سڪ، اوسيئڙو ۽ پيار ختم ڪري نه سگهيون آهن.
”آخر ڇو ڀلا؟“ مون وري زور ڏنومانس.
”هنن ملڪن جون هي ”ماڊرن ڳالهيون“ سڀ ڪجهه نه آهي. انسان رڳو ايئرڪنڊيشنڊ بس ۾ سفر نٿو ڪرڻ چاهي. هن لاءِ هي پرائيون عمارتون ۽ ڌارئين ملڪ جا باغ بهار پنهنجا بڻجي نٿا سگهن. انهن کان علاوه ۽ ان کان وڌيڪ مٽ مائٽ، دوستن ساهيڙين جي سڪ آهي. هتي جي سڀني ڳالهين کان وڌيڪ منهنجي ديس جا رس ڀريا گيت، ڳوٺ جي ساهيڙين جيڏين جا کلڪا ۽ مٽن مائٽن جو دلي پيار آهي.“
”بلڪل صحيح ٿي چوين. هتي هر شيءِ دولت ۽ مال ۾ ماپي وڃي ٿي. هتي هر انسان جسماني لست پويان آهي ۽ نه روحاني راهت پٺيان. پئسو ناهي ته هتي پٽ پيءَ کي نٿو پڇي ۽ هتي جا ڏهه پاسپورٽ هجڻ بعد به اسان هتي اوپرا محسوس ٿا ڪريون. اهوئي ڪجهه ڪجهه آهي جيڪو تون محسوس ٿي ڪرين ۽ چوڻ چاهين ٿي؟“ مون پڪ ڪئي.
”هائو.“ هن وراڻيو، ”هتي جا ماڻهو اسان ڌارين کي ڪيڏو نفرت جي نگاهه سان ڏسن ٿا. هو اسان جي ملڪ ۾ اچن ٿا ته اسين هنن جا سؤ نخرا کڻندي خوشي محسوس ڪريون ٿا. پر پاڻ اسان کي ڪيڏو نيچ سمجهن ٿا. وري به توهانجي چهري جو رنگ ڪارو نه آهي ۽ توهان سان صحيح هلن ٿا. پر اسان آفريڪن ڪارن کي جانورن کان به بدتر سمجهن ٿا.“
سندس نالو ويدا آهي. پاڻ هتي ئي اسان جي هاسٽل کان ٿورو اڳيان رهي ٿي. ڳالهين ڪندي بس اچي ويئي هئي ۽ ڳالهين جو پويون اڌ بس ۾ ڪندا رهياسين. اسٽوڊنٽ گاٽن بس اسٽاپ اچڻ تي کيس خدا حافظ چئي هيٺ لٿس:
”حياتي رهي ۽ وري ملاقات ٿي ته ضرور ڪچهري ڪنداسين. هر اهو ماڻهو جيڪو رنگ ڏسي ٻئي کي گهٽ سمجهي ٿو، ان کي اهو سوچڻ کپي ته ڪاري تن واري جو اجرو من به ٿي سگهي ٿو. هو کائنس به وڌيڪ پڙهيل ڳڙهيل ۽ ڄاڻو ٿي سگهي ٿو.“
هي ڪهڙي ملڪ جي ڇوڪري آهي؟
هڪ ڏينهن بس اسٽاپ تي سئيڊن ۽ مختلف ملڪن جي ماڻهن ۾ هڪ سترهن ارڙهن سالن جي گول مٽول ڇوڪري بيٺي هئي، جيڪا باوجود گوري چٽي رنگ جي، يورپين نٿي لڳي. ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته هوءَ سهڻي ۽ پرڪشش هئي. سندس منهن جا هڏا چينين ڪورين وانگر نمايان نه پر جپانين، ٿائي ۽ انڊونيشين جهڙا گول هئا. پر قدبت ۾ کانئن وڌيڪ صحتمند لڳي ٿي، ان ڪري ان پاسي جي ٿي نٿي سگهي. عراقي، ايراني يا ڪنهن ٻئي عرب ملڪ جي به ٿي نٿي سگهي، جو ايران ۽ عراق پاسي جون ننڍيون ڇوڪريون توڙي عورتون اسان جي پاڪستاني عورتن يا سکڻين جيان ڳچيءَ ۾ نوڙ جهڙي پوتي (دوپٽو) پائڻ بدران اڇي رنگ جويا گلن واري ڪپڙي جو رومال (جنهن کي عرب ’حجاب‘ چون ٿا ۽ ايراني روسري) ٻوڪيءَ وانگي مٿي کي ٻڌي هلن، جنهن مان هڪ وار به نظر نٿو اچي. (ملئي پڻ ان نموني جو رومال ٻڌن جنهن کي تودونگ سڏين ٿا) آفريڪا جي ته ڪنهن به ملڪ جي نٿي ٿي سگهي جو سندس نه رنگ ڪارو هو نه وار گهنڊيدار. ڪي ڪي آمريڪي ڇوڪريون پيءَ يا ماءُ جرمن، فرينچ، انگريز، پورچوگالي هجڻ ڪري رنگ جون اڇيون به آهن پر منجهن پنهنجي اصليت جو ڪونه ڪو اوسڻ ضرور هوندو آهي. پوءِ يا وار قرقلي ٽوپيءَ وانگر گهنڊي هوندا اٿن يا چپ بي ڊولا يا وري نڪ پڪوڙي جهڙو- جنهن کي اسان جا جهازي دوست اڇيون شيدياڻيون سڏيندا آهن.
پر هيءَ اڇي شيڊياڻي به نه هئي. سندس نقشن ۾ ڏاڍي ملاوٽ هئي جنهن ۾ عرب، پاڪستاني، ايران، جپان جهڙن ملڪن جي سهڻين ڇوڪرين جا سهڻا سروپا موجود هئا. قد بت جي قداور هجي ها ته کيس روس جي ڪنهن رياست آذربائيجان، تاجڪستان، ازبڪستان وغيره جي سمجهان ها. پاڻ لئٽن آمريڪا جي ملڪن چلي، پيرو، ڪولمبيا وغيره جي چئي سگهجي ها. پر اتي جي ماڻهن جا نڪ سنها ۽ چهنبائتا ٿين، پر هن جو نڪ چپ اکيون شاعر جي سونهن هئا. بهرحال ان قد بت ، نڪ نقشي سان هاڻ منهنجي ڌيان ۾ جيڪي ملڪ هئا سي وچ آمريڪا جي اڪيڊار ۽ گئاٽمالا هئا يا وري يورپ جو يونان. سڄي عمر دنيا جا ڌڪا کائڻ بعد ماڻهو سڃاڻڻ مون لاءِ ڏکيو ڪم نه هئڻ کپي پر اڄ واقعي ڪيترن ڏينهن بعد پهريون دفعو منجهي پيو هوس. سندس ويجهو پهچي ’هيلو‘ چئي کائنس سندس ملڪ جو نالو پڇيم. پاڻ مرڪندي رهي.
”وچ آمريڪا جي ملڪ سان تنهنجو تعلق آهي؟“ مون انگريزيءَ ۾ پڇيو مانس.
پاڻ ٽهڪ ڏيئي ڪنڌ سان نهڪار ڪيائين. ”انگريزي ته سمجهين ٿي نه؟“ مون پڪ ڪرڻ چاهي ته هوءَ واقعي جيڪي ڪجهه آئون پڇي رهيو آهيان سمجهي پئي يا نه. ڇو ته ان اسٽاپ تي ذهني گهٽتائي وارا (Mentally Retarded) اسڪولي ٻار به بيٺل ملندا آهن، جيڪي ڳالهه هجي يا نه، پيا ڏند ڪڍندا يا رڙيون ڪندا يا بس اسٽاپ جي شيشي جي ڀت ۾ منهن هڻي چپ ئي چپ بيٺا هوندا آهن. بس اچي هلي ويندي آهي پر جيسين پور پوين تيسين مجال آهي جو چڙهن. ۽ هن پاسي جا ماڻهو وري اهڙا آهن جو هڪ ٻئي جي ڀرسان ڀلي ڪلاڪن جا ڪلاڪ بيٺا هجن پر ٻئي کان خير عافيت يا نالو ڌنڌو به هرگز نه پڇن. اهو آئون مڙيئي پڇ پڇ ڪندو رهندو آهيان. ڪنهن نئين ڳالهه يا ڪهاڻي جي ڳولا ۾ اڪثر کوٽ کوٽ ڪندو رهندو آهيان. بهرحال مٿئين سوال پڇڻ تي هن انگريزيءَ ۾ ئي جواب ڏنو.
“Yes. I Understand English.”
”ته پوءِ ٻڌاءِ ته ڪهڙي ملڪ جي آهين؟“ مون پڇيومانس.
” You Guess? تون سل ته ڪهڙي ملڪ جي آهيان.“
”ڪنهن عرب يا ايراني ملڪ سان واسطو اٿئي.؟“
”نه.“ پنهنجي مرڪ قائم رکندي هن وراڻيو.
”ڏکڻ آمريڪا جي ڪنهن ملڪ جي رهاڪو آهين؟“
”نه.“
”يورپ يا آفريڪا جي ته پڪ تون نه آهين پر يونان ۽ مالٽا جي هجڻ ۾ شڪ اٿم.“
”نه. انهن ملڪن سان به منهنجو واسطو ناهي.“
”ته پوءِ تون ئي ٻڌاءِ.“ مون چيومانس پر ان ئي وقت وري منع ڪندي چيومانس.“ ترس ڀلا هڪ ٻه ٻيو ڌڪو هڻي وٺان.“
”ضرورو.“ هن چيو.
”ڀلا ايترو ٻڌاءِ تون ڪهڙي کنڊ جي آهين؟“
“”ايشيا جي.“
”عرب ۽ ايراني به نه آهين ته پوءِ تنهنجوملڪ ڳولڻ ڏاڍو ڏکيو ڪم آهي. ڀلا ڪرد ته نه آهين؟“.
”نه.“
واقعي تو مون کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو آهي. گذريل ٽيهن سالن کان منهنجو مختلف ملڪن ۾ اتي جي ماڻهن سان واسطو رهندو اچي پر تو جهڙن نڪ نقشن واريءَ جو ملڪ سمجهه ۾ نٿو اچي. تون چوين ٿي ته ايشيا جي آهين پر مون کي يقين نٿو اچي. ڇو ته ترڪي، ايران کان عربستان تائين جي جڏهن نه آهين ته پاڪستان، هندستان، بنگلاديش، انڊيا کان برما تائين جي به ناهين. ٿائلينڊ، ملائيشيا،چين کان جپان تائين ملڪن مان به ڪنهن سان تنهنجو پڪ واسطو ناهي. روس پاسي جي به نٿي لڳين. پر جي انهن مان ڪنهن ملڪ مان آهين ته پڪ تنهنجي ماءُ يا پيءُ ٻئي ملڪ جو هوندو.“
”نه. اهي به ساڳي ملڪ جا آهن. هونءَ باءِ دي وي تون انڊين آهين.“
”نه. پاڪستاني، پر پاڪستاني، هندستانين ۽ بنگالين جا هڪ ئي جهڙا نقش آهن. سواءِ اتر ۾ رهندڙ پٺاڻن جي، تون جي پاڪستاني هجين ها ته آئون توکي پٺاڻ ئي سمجهان ها. بهرحال هاڻ تون ئي ٻڌاءِ ته ڪٿي جي آهين؟“
وڏو ٽهڪ ڏيندي چيائين، ”اچي ويجهو پهتو هئين. آئون افغاني آهيان. منهنجا ماءُ پيءٌ ٻئي افغانستان جا آهن.“
”چئبو ته هن چوڻيءَ موجب ڪڪو ڪڇ ۾ ڍنڍورو شهر ۾، پنهنجي پاڙي جي ملڪ جو نالو وٺڻ بدران وڃي ڪوه ڪاف کان نڪتو هوس.“
”توهان به هتي سئيڊن ۾ Settled آهيو؟ هن پڇيو.
”نه. هتي جي يونيورسٽيءَ مان ايم ايس سي ڪرڻ لاءِ ٻن سالن لاءِ آيو آهيان. باقي تون پڪ سياسي پناهه هيٺ رهيل هوندينءَ.“ مون پڇيومانس.
”ها. افغانستان ۾ خونريز فساد ۽ مستقل جنگ ۾ منهنجا ڪيترائي مائٽ مارجي ويا ۽ اسين بي گهر ٿي وياسين. پشاور پاڪستان وڃڻ بدران اسين روس، لئٽيويا، رومانيا مان ڌڪا کائي کائي اچي هتي نڪتاسين“.
”ڪيترن سالن کان سئيڊن ۾ آهيو؟“
؟سئيڊن ۾ به ست سال اچي ٿيندا.“ هن وراڻيو.
”چئبو ته پنهنجو وطن ڇڏڻ وقت ته تون تمام ننڍي هوندينءَ؟“
”ان وقت آئون نون سالن جي هيس. پر بندوق جا ٺڪاءَ ۽ لاشن جا ڍير ۽ انهن مان نڪرندڙ بدبوءِ اڃا تائين منهنجي دماغ مان نٿي نڪري.“
”اهي اسان جي ملڪن جو بدقسمتيون آهن ۽ ان قسم جون ٽرئجڊيون اسان جي پنهنجي Choice ناهي پر اسان تي مڙهيون ويون آهن. دل جا اهي اونها گهاءَ وقت ئي ميساري سگهي ٿو.“ مون چيومانس ۽ غمگين ماحول مان نڪرڻ لاءِ مون کائنس سئيڊن بابت پڇيو ته پاڻ ۽ سندس ماءُ پيءُ ڪيئن محسوس ڪن ٿا.
Beggers Can not be Chosers” وارو حساب آهي. اسان کي وڻي يا نه وڻي، اسان کي هتي رهڻو آهي ۽ هتي جي ماحول سان سمجهوتو ڪرڻوآهي. هتي جا مڙيئي ماڻهو اهو ته نٿا سمجهن ته اسين ڪهڙين مجبورين هيٺ آيا آهيون. هو ته اهوئي چوندا ته اسان سندن دولت ڏسي پئسو ڪمائڻ لاءِ مجبوريءَ جو بهانو ڪري هتي سئيڊن ۾ ٽڪي پيا آهيون.“ هن چيو.
”ڀلي سمجهن. ڇا ٿو ڪري سگهجي. پاڻ يورپي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن ۾ سوين سال لوٽ کسوٽ ڪندا رهيا. ڪجهه ته اسان ايشيا ۽ آفريڪا جي رهاڪن جو به حق آهي يا نه؟“
منهنجي ان چرچي تي کلڻ لڳي. جنهن بس جو آئون انتظار ڪري رهيو هوس ان جي سامهون اچڻ تي مون کائنس موڪلايو.
”تون ته شايد ٻي بس ۾ وڃي رهي آهين، مون کي هن ۾ وڃڻوآهي.“
”مون کي تيرهون نمبر بس ۾ فوڪٽ پارڪ ۾ وڃڻو آهي، جتي منهنجو پيءَ سيڪنڊ هئنڊ ڪپڙا وڪڻي ٿو.“
”چڱو حياتي رهي ته وري گس پنڌ ملاقات ٿي ويندي تيسين خدا حافظ.“
”اوڪي سلام اعليڪم.“ هن پڻ موڪلايو ۽ آئون سلام جو جواب ڏيندو اچي بس ۾ ويٺس.