نيپالي گورکا يا شيدي غلام
عاشق جيئن ئي ڪالهه لنڊن کان موٽيو ته هتي (مالمو- سئيڊن) جي موسم جو حال پڇيائين.
”هي سڄو هفتو سيءُ نه برابر رهيو. ٽيمپريچر پندرهن ۽ ويهن جي وچ ۾ رهيو. اوڏانهن لنڊن جو ڇا حال هو؟“ اسان پڇيس.
”لنڊن ۾ ڏاڍي گرمي هئي. ڏينهن جو ٽيمپريچر 25 کان به مٿي چڙهي ويو ٿي.“ عاشق ٻڌايو.
”ابوه! پوءِ ته انگريزن جي حالت هوندي! جڏهن هتي جي موسم ۾ ئي ماڻهو ڪڇن ۾ پئي هليا.“ اسان رڙ ڪري چيو.
”نه.“ عاشق جواب ڏنو، ”اهائي ته انگريز جي خوبي آهي جو هو ويس وڳي توڙي عادتن جو بي افعالو نه آهي. فرينچ، جرمن، اسپينش، سئيڊش ڀلي ڇا به پيا ڪن پر هي هر وقت ۽ هر حال ۾ پُرتڪلف رهندو. انگلينڊ جي گرمي ته ڪجهه به نه آهي. انگريز ته هندستان، ڪينيا ۽ نائيجيريا جي گرميءَ ۾ به ڪمپليٽ سوٽ پائي ٽپ ٽاپ ٿي پوءِ ٻاهر نڪرندا هئا. هنن کي يورپين جون اهي ٽرڙپائيون هرگز نٿيون وڻن.“
”واقعي.“ اسان سندس تائيد ڪئي، ”انگريز ان ۾ پنهنجو مثال پاڻ آهن. جهنگ جبل هجي، بر بيابان هجي، انگريز ٽاءِ سوٽ ۾ نڪرندو. ڪانٽي ڇريءَ سان کائيندو ۽ ڪموٽ تي ويهي هنگندو- پوءِ ان ڪموٽ کي شڪار توڙي سير سفر تي کڻي هلڻ لاءِ ڀلي هن کي چار گورکا نوڪر يا شيدي غلام رکڻا پون.“