مھاڳ
ڪي شخص مڃيندا آھن تہ ’غزل‘ شاعريءَ جي سڀ کان سَولي صِنفَ آھي. ڪرڻو ئي ڇا آھي ! رَديف، قافيو کڻي ڪو بہ خيال اُن ۾ لکي وٺجي تہ غزل تيار ٿي ويو. پر مُنھنجو مَڃڻ آھي تہ غزل رَديفَ ۽ قافيي جي راندِ نہ آھي. اِھا ڳالھہ ٺيڪ آھي تہ غزل تي ڪنھن بہ موضوع جي پابندي ناھي، پر انھي جو مطلب بلڪل اھو نہ کڻڻ کپي تہ ڪنھن بہ خيال کي رَديف ۽ قافيي ۾ فِٽ ڪري وٺجي تہ غزل جو شعر تيار ٿي ويو.
مان اھو مڃان ٿو تہ غزل شاعريءَ جي سڀ کان ڏُکي صِنفَ آھي. رَديف قافيو تہ غزل جي صرف ٻاھرين چمڙي آھي. غزل جو روحُ تہ آھي ’خيال‘؛ ۽ غزل جي روحَ کي جيڪو سؤندريہ پراپت ٿئي ٿو اھو ’جماليات‘ سان پراپت ٿئي ٿو. تنھنڪري غزل ۾ نہ رڳو خيال پر احساس جي سوکيمتا ۽ جَمالياتَ جو پُٽ پڻ ھئڻ ضروري آھي. مون ھڪ نماڻي ڪوشش ڪئي آھي تہ غزلن ۾ احساس، خيال ۽ جماليات پاڻَ ۾ ھِڪُ ٿي ھِڪُ يونِٽ بڻجي اَسانجي سامھون اَچي سَگهن. ھونءَ تہ اڄ جي دؤر ۾ پڻ روايتي غزل، ترقي پسند غزل، جديد غزل لکيو پيو وڃي، پر ايڪويھين صَدي بعد جَديديت جي صَدي آھي. اڄ اَسانجي زندگي گهڻن ئي طريقن سان بدلجي وئي آھي. ٽيڪنالاجيءَ جو اثر ايترو تہ ٿي ويو آھي جو اِنساني جذبا، اِنساني اَحساس، اِنساني رشتا ڄڻ تہ کوکلا ٿيندا پيا وڃن. ائين پيو لڳي ڄڻ ڪانچَ جي ڇيھون ڇيھون ٿيل ڪنھن پيچري تان اَسان سَڀُ اَنڌيري ۾ بنا ھڪ ٻئي کي ڄاڻندي سُڃاڻندي، بنا ھڪ ٻئي جو ھٿ پڪڙي ۽ بنا ھڪ ٻئي جي آواز کي جهٽيندي اَلائي ڪھڙي منزل ڏانھن سفر ڪري رھيا آھيون. بعد جديديت جي اَھڙي پيڙا، اَھڙو دَردُ، اَھڙي اَڪيلائي اَسان سڀني جي آسپاس اَدِرشيہ روپ ۾ مؤجود آھي. اَسان ساھُہ ڇو ٿا کڻوُن ڪيستائين کڻنداسين، ڪنھنکي پيار ڪيون ٿا، ڪنھن سان نفرت ڪيون ٿا، ڇا صحيح آھي، ڇا غلط آھي، اھي سڀ مُلھہ، اڄ ائين ٿو لڳي تہ چوُر–چوُر ۽ ڇيھون–ڇيھون ٿي پيا آھن. ان حالت ۾ بہ پنھنجي دِل، ذھن کي قابوءَ ۾ رکندي ڪنھن احساس کي جماليات سان جهٽي، غزل جي ڪنھن شعر ۾ قلم بند ڪرڻ ڪنھن بہ شاعر لاءِ ھڪ وڏي چُنؤتي آھي. مون پوري ڪوشش ڪئي آھي تہ بعد–جديِديت جي انھن احساسن کي، ان سنويدنا کي پنھنجي غزل ۾ آڻي سَگهان. ٻي ڳالھہ اِھا تہ مان اَرجن حاسد ۽ واسديو موھيءَ جي غزل کان متاثر رھيو آھيان. اَسانجي ٻنھي اُستادن غزل کي پيار، وفا، بيوفائيءَ جي دائرن کان ٻاھر ڪڍي ھڪڙو اِنٽيليڪچوئل رنگ بخشيو آھي تہ غزل ۾ خيال جي اونھائي ھئڻ تمام ضروري آھي. واسديو موھيءَ رديف جي نواڻ تي پڻ زور ڏنو آھي ۽ مون ھن مجموعي ۾ شامل گهڻي قدر غزلن ۾ نَوان رَديف آڻڻ جي پوري ڪوشش ڪئي آھي. رَديف جي نئين ھئڻ سان خيال ۾ پڻ تازگي اَچي وڃي ٿي. مان مَڃان ٿو تہ منھنجا غزل گهَڻ–ڪُنڊا آھن، يعنيٰ منھنجي شعرن ۾ خيال گهڻ–ڪُنڊا آھن. ھڪ ئي وقت خيال گهڻن ئي سطحن تي الڳ الڳ طريقن سان سفر ڪري ٿو، تنھنڪري پاٺڪ کي ڪٿي ڪٿي شعر جي معنيٰ کي سمجهڻ لاءِ گهڻي محنت ڪرڻي پوي ٿي. ٻي ڳالھہ اھا تہ ڪا بہ ھڪڙي مقرر معنيٰ غزل جي شعر ۾ ناھي. ھر ھڪ شعر الڳہ الڳہ معنائون، جُدا جُدا پاٺڪن تائين پھچائي ٿو. جيترو شعر جي گَھِرائيءَ ۾ وينداسين، اوتريون ئي وڌيڪ معنائون، اوتريون ئي گوناگون معنائون اَسان جهَٽي سَگهنداسين. منھنجو مڃڻ آھي تہ شاعري ھڪ Open Ended فارمولو آھي. ائين چئجي تہ ھڪ ھڪ شعر پاڻ ۾ ھڪ ھڪ فارمولو آھي. اُن فارمولي کي سمجهي اَسان زندگيءَ جي الڳ الڳ مسئلن، الڳ الڳ حالتن کي سمجهي ۽ ماڻي سگهون ٿا. تنھنڪري ڪا بہ ھڪڙي مقرر معنيٰ شعر ۾ ڳولھڻ اَجائي آھي. اصلي ڪسؤٽي تہ پاٺڪ آھي. پاٺڪن کي اگر منھنجو ھيءُ مجموعو پسند پئجي ويو تہ مان مڃيندس تہ مونکي سڀني کان
وڏو انعام حاصل ٿي ويو.
ذھن ۾ ڪو خيال اچڻَ کان وٺي ڪتابي روپ ۾ غزل پاٺڪن تائين پھچڻ ھڪ تمام ڊگهو سفر آھي. ان ۾ گهڻن ئي جو سھڪار درڪار ٿئي ٿو. سڀني کان پھرين مان سَدا حيات پنھنجي ماتا شريمتي لڪشمي ديوي آسوداڻي ۽ سدا حيات منھنجي پتا شري ھرديالداس آسوداڻيءَ کي ياد ڪرڻ چاھيندس. انھن ننڍپڻ کان وٺي منھنجي من ۾ پڙھڻ لکڻ جو شؤنق پيدا ڪيو ۽ ڌيري ڌيري مون شاعريءَ ڏانھن رُخ ڪيو. منھنجو مڃڻ آھي تہ اَڄ مان جيڪو ڪجهہ بہ لکي سگهيو آھيان اھو منھنجي ماتا ۽ پتا جي آسيس آھي. پڙھڻ لاءِ ۽ شاعري ڪرڻ لاءِ گهڻو وقت گهُربل ھوندو آھي. مان ھتي پنھنجي ڌرم پتني آرتي، ڌيءُ آسٿا ۽ پُٽ وِنَيہ جا پڻ ٿورا مڃڻ چاھيان ٿو تہ ھُنن مونکي گهر جي ننڍين وڏين ذميوارين کان آجو ڪيو تہ مان پنھنجو ڌيان پڙھڻ لکڻ تي لڳائي سَگهان. اگر ھو ائين نہ ڪن ھا تہ منھنجي لاءِ شاعري ڪرڻ شايد ممڪن نہ ھُجي ھا. مان پنھنجي ننڍي ڀاءُ، جيڪو خود ھڪ سُٺو شاعر آھي، راجيش آسوداڻي ’رقيب‘ کي پڻ ڌنيواد ڏيڻ چاھيان ٿو تہ ھن منھنجا غزل وقت بِہ وقت ٻُڌي پنھنجا قيمتي رايا مونکي ڏنا. ھتي مان پنھنجي عزيز دوست ڀڳوان ٻاٻاڻيءَ جو پڻ تھہ دِل سان شڪريہ ڪرڻ چاھيان ٿو تہ ھن پنھنجي مصروف زندگيءَ مان وقت ڪڍي منھنجي ھن ڪتاب جي مئنيو اسڪرپٽ تيار ڪري، ڪتاب جي ٽائيپنگ، ڪمپوزنگ ۽ ڪَوَر ڊزائين ڪئي آھي ۽ پنھنجا قيمتي رايا پڻ ڏنا آھن.
ناريِ لڇواڻي صاحب سنڌيءَ جا ناميارا شاعر آھن. کين شاعريءَ جي تمام سُٺي سَمجهہ آھي. مُنھنجي نماڻي وينتيءَ تي ھُنن وَقتَ مان وَقتُ ڪَڍي ھِن مَجموعي کي پنھنجي عالماڻي نَظر مان ڪڍيو آھي. جيڪي بہ زيروُن، زَبروُن، خيال، وَزَن جون ڪَميون پيشيون غزلن ۾ ھُيون، اُھي دُرست ڪري ھِن مَجموعي کي پَڙھندَڙن تائيِن پَھُچائڻ جي لائق بَڻايو آھي.اِن قُرب ڀَرئي سَھڪارَ لاءِ مان کين دِل سان شُڪرانہ چَوڻُ چاھِيان ٿو. ناريِ لڇواڻي صاحب مُنھِنجا عَزيز دوستَ آھن. مُنھِنجي سَڀني مَجموعَن کي ھُنن پَنھِنجي نظر مان ڪَڍي ھميشھہ ئي پَنھِنجا قيِمتيِ رايا ڏِنا آھن ۽ مُنھِنجي شاعريءَ کي وَڌيڪ معياري بَڻايو آھي.
آخر ۾ مان پنھنجي پبلشر ۽ اُنھن سڀني دوستن، جن سِڌي اڻسِڌي روپ ۾ ھن مجموعي کي تيار ڪرڻ ۾ پنھنجي مدد يا پنھنجا رايا ڏنا آھن، انھن سڀني جو پڻ ڌنيواد ڪرڻ چاھيان ٿو.
–ڊا. ونود آسوداڻي
3 سيپٽيمبر 2021