خوشيءَ کي ڪَيان سَڏُ اَچي ٿيِ اُداسيِ
بِنا ڪوٺَ ئي گهَر ٽِڪي ٿيِ اُداسيِ
گهڻان ئي ڪَشالا ڪَيا موُن بِہ آهن
ڪڏھن ڪيِنَ تَنھا ڇَڏي ٿيِ اُداسيِ
ڪَڏھن تون، ڪَڏھن ياد تُنھِنجي رَهي ساڻُ
کَڻان نانءُ تُنھِنجو ڊِڄي ٿيِ اُداسيِ
لَڳي پالتوُ ڪَنھن ٻِليءَ جيان اُداسي
ڌِڪي ڪَڍُ، وَري گهَرِ گهِڙي ٿيِ اُداسيِ
کڻيِ اَکِ ڏِسان روزُ آڪاشَ ڏي ٿو
پَريِ ڪا لَھي پر، لَھي ٿيِ اُداسيِ
پِريِن پَرڀَرو ٿا وَٺَنِ جاءِ هَردَم
اَچيِ ڀَر ۾ ويھي رَهي ٿيِ اُداسيِ
جَڏھن مُنھِنجي گهَر تون اَچيِن پيرُ پائي
وڃي ڪَنڊ ڪَنھِن ۾ لِڪي ٿيِ اُداسيِ
ڪَڍين پيرُ ٻاھر اَڱڻَ مُنھِنجي مان مَسَ
دَريِ دَر مان ڌوُڪي اَچي ٿيِ اُداسيِ
اُداسيءَ ۾ پِڻ آ تَصّور پريِنءَ جو
ڪَڏھن دِلرُبا جيان وَڻي ٿيِ اُداسي
ڪَڏھن بَند گهَرَ جو ڪَيان ڪيِنَ دَرُ مان
اَچي ٿيِ اُداسيِ، وَڃي ٿيِ اُداسيِ
اَڃا ياد ِآھي پريِنءَ جي چُمَڻَ جيِ
پريِنءَ جيان لَبَن سان چُمي ٿيِ اُداسيِ
غزل ناھي موُن وَٽِ، پريِن ناھي موُن وَٽِ
ڀَري مونکي ڀاڪُر رُئي ٿيِ اُداسيِ
پريِن ياد آيو جڏھن مونکي هوريان
هَٿَن ۾ ڏَئيِ ھَٿُ ڇُھي ٿيِ اُداسيِ
پَکيُن کان پُڇان مان، وَڻنِ کان پُڇان مان
پريِنءَ سان مِلڻَ لءِ لُڇي ٿيِ اُداسيِ
اَڪيلو مان جيِئَرو ، مَرَڻ کان بِہ بَدتَر
ھِيانءُ مُنھِنجو ڏاري ڇَڏي ٿيِ اُداسيِ