روز رات جو راڪاسَ گهُمَن اوندَھِہ ۾
چَنڊَ سِتارَن جا قَتل ٿِين اوندَھِہ ۾
چھرو ڪنھنجو ڪونہ سُڃاڻي سَگهبو ھاڻ
ھڪ ٻي سان ٿا سڀ شخص مِلن اوندَھِہ ۾
پِروُن تَہ ناهن اَمان جي اَفسانن جون ؟
ڪنھنجا ٿا ھي آواز سَڏِن اوندَھِہ ۾
سِجُ لَھيِ ويو، ماڳ پَري آ رستي ۾
قدم قدم تي ٿا خار چُڀن اوندَھِہ ۾
ڪين سُڪا اُس ۾ ورهيہ لنگهي ويا آھن
چاهيان ٿو شل ھيءُ گهاوَ سُڪَن اوندَھِہ ۾
سِج ، چَنڊ ، تارا اَوھان اُجالا ماڻيو
اکڙين ۾ ٿا ڪي خواب تَرن اوندَھِہ ۾
مُرڪَ مِٺيءَ سان جن جو چھرو روشن آ
نيڻَ کڻي مون ڏي ذرا ڏِسَن اوندَھِہ ۾
سِج ُ، چَنڊُ، تارا سَڀُ سَڄڻَ اُجالن جا
ڪي ڊپَ، ڪي ڀَوَ ٿا ساڻُ رَهن اوندَھِہ ۾
اَسان اُتي ئي آهيون، سڀ ھڻن ھٿوڙا
موسيٰ، عيسيٰ، نانڪ، ڪرشن اوندَھِہ ۾
اُس ۾ موتي سڏجن ڳوڙھا اکڙين جا
تشبيھہ ڏيان ڇا ؟ لُڙڪ ڳڙن اوندَھِہ ۾
اوھين وسايو ديپڪ گهَر جا ٿوري دير
سوچيو ڪِئن ٿا ڪي ساھ کڻن اوندَھِہ ۾
اُسّ اڃا جنھن وڻ تائين پھتي ناھي
خيال ڪيو سي ڪِئن ٻوُر جهَلن اوندَھِہ ۾
سِجُ، چَنڊ آتا ڀاڪر پائڻ خاطر
تنھا پَلُ هِڪُ ڪاٿان آڻِن اوندَھِہ ۾
ڪي غمگين رهن جڳمڳ روشن جڳ ۾
ڪي من مؤجي مَنَ پيا جَرڪن اوندَھِہ ۾
سڀ روشن پَل مُنھنجا چورائي ويا هو
ڪيڏو مشڪل آھي جيون اوندَھِہ ۾
ڏينھن بِہ گُذريو ڪانہ لَڌَءِ ڪا سارَ پِرين
نيڻ نِدورا ٿا واٽَ ڏِسن اوندَھِہ ۾
خؤفزدہ پيارُ رَهي شام، صُبح ، هر پَل
مُرڪڻ، ڀاڪُر ۽ پوءِ چُمڻُ اوندَھِہ ۾
روشن ذهن ٿِئي، دِل جون راھون روشن
جڏھِن پرينءَ جا ٿا خيال اَچَن اوندَھِہ ۾
اوندَھ گهاٽي بَڻجي پَوَندي آھي دوست
جي ڪَچِڙا ڪِٿِ ڪي خواب ٽُٽن اوندَھِہ ۾
ڪڏھن تَہ سِجُ اُڀري روشن بَڻِجي دُنيا
روُحَ صَدِيُن کان پيا ٿا ڀَٽِڪَن اوندَھِہ ۾
ھَٿُ هَٿَ ۾ سوگهو جهَلِجان، سازش آھي
ھِت ھِڪُ ھِڪُ ٿيِ ٿا سَڀُ وِڇڙن اوندَھِہ ۾
سِجُ نِڪري تَہ سُڃاڻي سَگهِبا چَھِرا ڪي
لِڪي لِڪي ٿا سڀ سَڄَڻ ٺَڳِن اوندَھِہ ۾
تَنھائيءَ کي ماڻَڻَ وارا ڄاڻَنِ ٿا
لُڙڪَن سان ڪِئن اَکڙيوُن جَرِڪَن اوندَھِہ ۾