ڪَھِڙا ڪَھِڙا خواب اَچن ٿا
پَلڪُن تي ئيِ قتل ٿِين ٿا
ڪو بِہ نماڻو ماڻھو ڪاٿي !
پَنھنجي پَنھنجي ھوڏَ هَلن ٿا
پيارُ، وفا، نينھُن، نيزاريون سڀ
ڦاسائڻ جا ڄار لڳن ٿا
هوريان هوريان ڪوريو سائين
پٿر پڻ ڪي ساھُ کڻن ٿا
سوچي سوچي قتل ڪيو ھاڻ
مُردن ۾ پِڻ روُحَ رَهَن ٿا
ڪَچڙو سُپنو ڪُسِجي ويندو
پَل پَل اَھِڙا پوُرَ پَوَن ٿا
چئُہ ڪِئن لُڙڪن کي مان روڪيان
روز نئين ڪا واٽ وٺن ٿا
شاھُہ اَڱڻ ۾ ويڳاڻو آ
جوڳي جادو ڪون ھڻن ٿا
خواب رُسي ويا عرصو پَھِريان
نيڻ ندورا واٽَ تَڪِن ٿا
ڇانوَ ملي ڪا ساعت هڪڙي
پير ڦَٽيل اَرمانَ چَون ٿا
سادا سودا ماڻھو جيڪي
سڀني جي اک ۾ کَٽڪن ٿا
ورهيہ، صدين يُگ اَوتار مَٽيا
ساڳيا ساڳيا سوُرَ سَلِن ٿا
ڪنھن باھِہ لڳائي ، واڪا ڪَن
لِڪي لِڪي جي چِڻگَ ھَڻن ٿا
سور اِلاهي ناسوُر بڻيا
انتقامُ سَڀُ اِئين وٺن ٿا
اونداھو آ سارو رَستو
ٿورا ڪي لمحا جَرڪن ٿا
سُپنا، ياديون، اَرمانَ پِريِن
هِڪُ هِڪُ ٿي سَڀُ ساٿُ ڇڏِن ٿا