ڪَلھَہ سُپِني ۾ ڀاءُ ڏِٺو آ، ڳوٺ هَلوُن
بابو مُنھنجو خوبُ رُنو آ، ڳوٺ هَلون
پيارُ ڪَيو هو ڪَنھِن، ڪَنھن سان ڪيرُ ٻُڌائي
هيِرَ رُني، رانجهو رُئڻو آ، ڳوٺ هَلون
ويسَ وڳا مون نَوان نَوان پاتا آهن
ليڙوُن ليڙوُن روحُ ٿِيو آ، ڳوٺ هَلون
ذَهَنُ وِڪيو آ، خوابَ وِڪيا موُن شَھر اَندَر
کائي ويو دل کي ڦُرِڻو آ، ڳوٺ هَلون
پِپُر اَڃا ٻاھوُن ڦَھِلائي بيِٺو آ
شَھر سَڄو جهيڙو جهَڳڙو آ، ڳوٺ هَلون
يارَ هَلي آ، چَنڊُ سَڏي ٿو راتِ سَڄيِ
سانجهيءَ ٽاڻي سِجُ لَٿو آ، ڳوٺ هَلون
گهَڙو مَٿي تي، پياسَ اَکيُنِ ۾ ڏاڍي ٿَسِ
ڦُڙو ڦُڙو ٿي سمُنڊ سُڪو آ، ڳوٺ هَلون
رَکي ڏِئو تُلسيءَ تي، گُم سُم بيِٺيِ آ
ٿِيو پَر پايَل جو ڇِمڪو آ، ڳوٺ هَلون
شاھُہ سَچَل سِنڌوءَ ڪَپَ تي ڳائي پيو ڪو
مَنَ مَندَر ۾ گهِنڊُ وڳو آ، ڳوٺ هَلون
سُڪيِ وَئيِ گَنگا، سُڪي وَئيِ جَمنا، پر
سِنڌوُ جَلُ ڏِسُ ڪونَ سُڪو آ، ڳوٺ هَلون
ڪَنھِن تَہ سَڏِيو ھوندو مونکي هوريان هوريان
ڪَن تائين پَھُتو ڀُڻڪو آ، ڳوٺ هَلون
سَڀُ ڪُجهُہ وِسِري ويو آ يادِ ڪَيان ڇا ڇا!
هِڪُ چَھِرو ڌُنڌلو ڌُنڌلو آ، ڳوٺ هَلون
اَمان اَڃا اوسيڙي ۾ بيبوءَ جيِ آ
بابو اَکِ پائي ويٺو آ، ڳوٺ هَلون
گهَرَ جي چانئُٺِ تي جوڳي آيا ھوندا
وَري وَڳو ڪو تنبورو آ، ڳوٺ هَلون