نظارا سَمورا ڏِسان ٿو دَريءَ مان
ڪڏھن ڪين ڪُجهہ پڻ ڪُڇان ٿو دَريءَ مان
مان خود کان ڊِڄان ۽ دُنيا کان ڊِڄان پِڻ
اَچي دوستُ ڪو جي مِلان ٿو دَريءَ مان
حَياتي سَموري تہ بُزدل رَھيُس مان
ڪڏھن ڪي ٻَٽاڪون ھَڻان ٿو دَريءَ مان
لنگهي لاشُ رستي تان ڪنھنجو وَري ٿو
ٽِمن نيڻَ پَر گُلَ وِجهان ٿو دَريءَ مان
ٻُڌان کَڙڪو دَرَ تي، نَہ دَرُ آنءُ کوليان
رُڳو ’ڪيرُ آھي؟‘ پُڇان ٿو دَريءَ مان
مَتان نِنڊَ ۾ تُنھنجي رُخنو پَوي ڪو
اَچان ٿو دَريءَ مان وَڃان ٿو دَريءَ مان
سِتارن، نَہ سِجَ چنڊَ روشن ڪيو مَنُ
سَڄي دُنيا ھَٿَ سان ڇُھان ٿو دَريءَ مان
ٿي جهنڪار ڇَم ڇم سُريلي اڱڻَ ۾
لِڪي ٿورڙي مان ٻُڌان ٿو دَريءَ مان
مَٿي تي رکي پيرَ اوندھِہ ڀَڄي ٿي
جَڏھن تِروِرو ٿي گهِران ٿو دَريءَ مان
نَہ گونجي فضا ۾ رُئڻُ راڙو منھنجو
مگر ٿورو سُڏڪيِ پَوان ٿو دَريءَ مان
ڏِنو اَرڳُ پنھنجي اَڱڻ ۾ جڏھن ھُن
ڪَڻا سوُنھَن جا ڪي پَسان ٿو دَريءَ مان
ڪڏھن ويجهو تنھنجي اَچڻُ ڪونَ چاھيو
گهڻو توکي سُھڻو لڳان ٿو دَريءَ مان