شاعري

ھٿ پڪڙجانءِ

نامياري شاعر ۽ محقق ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ جي غزلن جو مجموعو ”ھٿ پڪڙجانءِ“  اوهان اڳيان پيش آهي. ادبي کيتر ۾ ڪيل شيوائن لاءِ ڊاڪٽر ونود آسوداڻيءَ کي اکل ڀارت سِنڌي ٻولي ۽ ساهتيہ سڀا، جئپور پاران 2014 ۾ راشٽريہ پُرسڪار سان نوازيو ويو. 2015 ۾ سندس غزلن جي ڪتاب ”ڀُڻ-ڀُڻ“ کي اين.سي.پي.ايس.ايل. جو پنجاھ ھزار روپين جو راشٽريہ ساهتيڪ پُرسڪار ڏنو ويو.

Title Cover of book ھٿ پڪڙجانءِ

زِندَگيءَ سان مِلون سُٺو لَڳَندو

زِندَگيءَ سان مِلون سُٺو لَڳَندو
پاڻُ پَرکي وَٺون سُٺو لَڳَندو

چَنڊ تي رَھندو آ، ٻُڌو آ موُن
ڪنھِن پَکيءَ کان پُڇون سُٺو لَڳَندو

تون بِہ اُس وِڪڻيِ گهَر اَچِج جَلدي
شامَ جو گڏُ وِھون سُٺو لَڳَندو

ڪو بِہ واٽھَڙوُ ڀَل اَچي نَہ اَچي
ديِپُ ٻاري رَکون سُٺو لَڳَندو

ھَڙ نہ حاصِلُ ٿِئي تَڏھن بِہ پِريِن
ڪا پِرولي ڀَڃوُن سُٺو لَڳَندو

ڳالِھہ مَنزِل جي توُن نَہ ڪَرِ مونسان
گَڏجي ھِڪَ وِکَ کَڻوُن سُٺو لَڳَندو

اَڄُ پِريِن سَچُ چَوان اُداس آ مَنُ
شيامُ، حاسِدُ پَڙھوُن سُٺو لَڳَندو

وِرتَ، اُپواسَ تو رَکيا ليڪِن
ٿورو ويسھُہ رَکوُن سُٺو لَڳَندو

آءُ اوري اَڃا، اَڃا اوري
پائي ڀاڪُر رُئون سُٺو لَڳَندو

زِندَگيِ ٿي حِجابَ ۾ گُذري
ٻارَ بَڻجيِ پَئون سُٺو لَڳَندو

موُن اَلائي خوشيِ وِڃائيِ ڪِٿي
ڦارَ پائي ڏِسوُن سُٺو لَڳَندو

بَندَگيِ توُن پِريِن، عِبادَتَ توُن
تُنھِنجي پوُڄا ڪَيوُن سُٺو لَڳَندو

تُنھِنجي هٿ ۾ بِہ گُلُ آ مُنھِنجي پِڻ
هارُ گڏجي پُئوُن سُٺو لَڳَندو

اُڃّ اُلفَتَ جي آ اَندَر ۾ اَڃا
ڪو سُڪَلُ گُل چُموُن سُٺو لَڳَندو

ڀَؤ وڪوڙي ويو زَماني کي
ويھُہ ڀَر ۾ کنگهوُن سُٺو لَڳَندو

آھيِن چُپ چاپ توُن ۽ ماٺِ اَسان
ٿوري ڀُڻ ڀُڻ ڪَيوُن سُٺو لَڳَندو