اُس کي مُٺ ۾ جهَلجي جيڪر
ٿورو سِجَ سان وِڙھجي جيڪر
روز شام جو وڇڙي وڃي ٿو
ھُن وَٽِ رات ڪا ٽِڪجي جيڪر
روز صبح جو ننڊ ڦٽائي
کِڙڪي کولي رکجي جيڪر
اڃا سندس آڱر هٿ ۾ آ
شاھَہ کي وَر وَر پَڙھجي جيڪر
پياس ذرا موَٽِائي ڏي تون
خالي مٽڪو ڀرجي جيڪر
تون پڻ مونکي ڪونہ سُڃاڻين
ھڪ آکاڻي کڻجي جيڪر
اُميدون، يادون، سُپنا سَڀُ
ٻوجهُہ اِھو ڪِٿِ سَٽِجي جيڪر
خود کي ھَرائي خوشي مِلي
داؤ نَئون ڪو ھَڻِجي جيڪر
ڪَنھِن چورايو ويسھُہ جڳ مان
ڪَنھِن جوڳيءَ کان پُڇِجي جيڪر
مان بِہ قلندر بڻجي پوندس
پَچَر پرينءَ جي ڇَڏِجي جيڪر
برپٽ جي واريءَ ۾ موتي
ھوندو، ڳولھي ڪَڍِجي جيڪر
چُرپُر دل ۾ ڏاڍي آھي
بيھوشيءَ ۾ رَھِجي جيڪر
ھن جي خوشبوءَ جي چانڊوڪي
اَکِ ۾ سوگهي رَکَجي جيڪر
ھٿ هٿ ۾، خاموشي آھي
مُٺ ڀِڪوڙي ڏِسِجي جيڪر
ڇَڏي ويا مونکي مُئل مَڃي
هاڻي سُرجي پُرجي جيڪر
ٽيڙيون ميڙيون ٺاھي ليڪون
نَئيِن عِبارتَ لَکِجي جيڪر
ليِڙون ليِڙون وَرثي کي پِڻ
سُئي سَڳي سان سِبجي جيڪر
ٺڳي ڪري ٿو ھرڪو مون سان
هاڻي خود کي ٺَڳِجي جيڪر
سُپنن جي سرحد تي تون مان
گڏجون، موقعو بَڻجي جيڪر
چَنڊُ کڻي ويو مُنھنجو ڇو هوُ
ڏوھُہ خدا تي مَڙھجي جيڪر
وعدو پَنھِنجو، قؤلُ بِہ پَنھنجو
وعدي تان ڪُجهُہ ڦِرجي جيڪر
گل کڻي ويا رقيب سارا
مُکڙي ڪا ھِڪَ ڇِنِجي جيڪر
چِڻگ لَڳيِ آ عَرصي کان پو
سَڀ ڪُجهُہ ساڙي ڇَڏِجي جيڪر
سَکڻو سُپنو نينھَن جو مون وَٽِ
بازارِ وَڃيِ رَکِجي جيڪر