سانولڙا درد ڏنا ٿئي ڇو؟ سانولڙا درد ڏنا ٿئي ڇو؟ عيدون اسان جون زهر ڪري وئين، هي ڇا ڪيو آ تو؟ ڪنهن کي ٻڌايان درد ڪهاڻي، ساٿي نه ساريان ڪو. اکيون اُداسي زُلف پريشان، ليڙون لٽا ٿيا پو. ’عبد‘ مُئي کان پو پيو چوندين، مون لئه مرندو هو.