نانگڻ جوڳڻ
چارلي چپلن، جڏهن پنھنجي فلم ’لائم لائيٽس‘ جي بي پناھہ ڪاميابيءَ کان پوءِ روم آيو ۽ اٽليءَ جي حڪومت کيس شرفِ مھماني بخشيو تہ هُن ’فورو روما نوَ‘ ۾ پنھنجي مختصر تقرير ساڻ عوام آڏو صرف پنھنجي هڪ جهلڪ ڏيکارڻ جي اجازت ڏني هُئي. ماڻھو مٿس مُئا پئي، سو کين اُها کن پل جي جهلڪ بہ منظور هُئي. چارلي چپلن روم آيو تہ آفيسن ۾ ملازمن پنھنجي مرضيءَ سان موڪل ڪئي. بس هر هنڌ سندس ڳالھہ هُئي.
مان ’ويئا وينيتو‘ تان لنگهي رهيو هئس تہ مون هڪڙي هُجوم کي پاڻ ڏانھن ايندي ڏٺو. مردن ۽ عورتن جي اُن چرئي هجوم ۾، چارلي چپلن هڪ ڊنل ڪُوئَي وانگر ڊوڙي رهيو هو ۽ کيس ٻاهر نڪرڻ لاءِ جاءِ نہ پئي ملي. مون جو پنھنجي محبوب ايڪٽر کي ان حال ۾ ڏٺو تہ سَٽَ ڏئي، هجوم جي اندر پھچي، کيس پنھنجي ٻانھن ۾ ڀري ورتم ۽ هر حالت جو مقابلو ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويس. پنھنجي هڪ حمايتيءَ کي ڏسي کيس حوصلو ٿيو ۽ هُن گهٽيل آواز ۾ ”هوٽل...هوٽل“ چيو ۽ پنھنجي هوٽل ڏانھن اشارو ڪيائين. اُن هجوم ۾ هڪ سگهارو اٽالين جوان بہ اچي ويو ۽ هُن بہ مُنھنجو هٿ جهلي ورتو. هاڻي جڏهن اسان ٻہ ٿي وياسين تہ چارلي چپلن کي وڌيڪ همٿ ٿي. اسين کيس بحفاظت هوٽل وٺي آياسين. هجوم هوٽل جي ٻاهر بيٺو تہ هُن ڏڪندي ڏڪندي اسان جا ٿورا مڃيا ۽ نالا پُڇيائين. اٽالين جو نالو ’سالو توري‘ هو. چارلي چپلن اسان ٻنھي جا ٿورا هر هر ادا ڪندي چيو، ”سڀاڻي شام جو پنجين وڳي مون ساڻ چانھہ پيئجو... مُنھنجي عزت ٿيندي“ پوءِ هُن مُنھنجو نالو واضح ورتو ”ڏس اشفاق... وسارجانءِ نہ... سڀاڻي شام جو پنجين وڳي نہ تہ مان وري ڪنھن ڪم ۾ ڦاسي ويندس... ۽ ها سالو توري... تون بہ ياد ڪجانءِ...“
ايڏو وڏو اعزاز... اسان جا تہ وات ئي پَٽجي ويا هئا. ٻئي ڏينھن اسين پوڻين پنجين وڳي هوٽل پھتاسين تہ خبر پئي، چارلي چپلن، اطالوي ايڪٽرن کي خطاب ڪري رهيو آهي.
اسان چيو، ”کيس ٻُڌايو، هُو پاڻ ئي ٻاهر اچي ويندو.“
سيڪريٽريءَ چيو، ”اهو ناممڪن آهي، هن مھل هُن سان ڳالھہ ٻولھہ نٿي ڪري سگهجي.“
مون چيو، ”هُن تائين اسان جي چٺِي پھچايو“
ورندي ملي، ”انتظار ڪريو... اهڙو ڪُجهہ اسين ڪري نٿا سگهون.“
خطاب کان پوءِ ماني ٿي... رات جا سوا ڏھہ ٿي ويا، اسين ائين ئي لائونج ۾ ويٺا رسالا ڏسندا رهياسين. آخر سوا ڏهين وڳي سيڪريٽري صاحب کي عرض ڪيوسين تہ چارلي چپلن کي صرف ايترو ٻُڌايو تہ ’اشفاق ۽ سالو توري انتظار پيا ڪن... ڇا حڪم آهي!؟‘
سيڪريٽري کي اسان تي قياس اچي ويو، اندر ويو، پنجن منٽن کان پوءِ موٽيو ۽ مُرڪندي چيائين، ”مبارڪ هُجيوَ... توهان جو پيغام ڏنم، موسيو چپلن چوي ٿو تہ مان تہ انھن ٻنھي نالن وارن همراهن مان ڪنھن کي بہ نٿو سُڃاڻان“
لئنچوتي، چيني آرٽ ۽ ادب جو اسڪالر هو، مُنھنجو دوست هو ۽ فرانس وڃي رهيو هو. مون کي بہ گڏ کنيائين. اُتي ڪنھن فرانسيسي اديب سان کيس ملڻو هو. هڪ هوٽل وياسين، ”هل... سارت سان ملاقات جو ٽائيم آهي.“
هڪ اڌ کُليل در واري ڪمري تي ٺڪ ٺڪ ڪيائين. اندران آواز آيو، ”آنترَي آنترَي.“
اندر گهڙياسين تہ دريا پاسي کُلندڙ دريءَ ويجهو ميز رکيو، هڪ ماڻھو کُليل گريبان ۽ کُنجيَل ٻانھن واري قميص پھريو ڪُجهہ لکي رهيو هو. اسان کي ڏسي اُٿي بيٺو. مُنھنجي دوست مُنھنجو تعارف ڪرايو، ”مُنھنجو پيارو دوست اشفاق احمد، پاڪستان مان آيو آهي ۽ مختصر ڪھاڻيون لکندو آهي... هڪ مجموعو ڇپيو اٿس ۽ ٻيو تيار آهي.“
هُن شخص ڏاڍي گرم جوشيءَ سان هٿ ملايو، ”آن شانتي... آن شانتي...“ مُنھن بلڪل ٿڌو هُئس ۽ اکيون ٽيڏيون... ڏاڍو بور ماڻھو هو.
هُنن ٻنھي پاڻ ۾ فرينچ پئي ڳالھائي ۽ مون کي اوٻاسيون پئي آيون. هُن همراھہ اخلاقن مون کان پُڇيو، ”توهان جا ڪردار اختياري زندگي گذاريندا آهن يا اضطراري؟“ هاڻي اسان جي گفتگو شروع ٿي وئي پر مختصر. وري لئنچوتي ساڻس ڳالھائيندو رهيو. اڌ ڪلاڪ کان پوءِ نڪتاسين. ان ٽيڏي سان مون هٿ ملايو ۽ ٻاهر نڪري آياسين.
ٽيوب ڏانھن ويندي، مون پنھنجي دوست تي ڇوھہ ڇنڊيا، ”هوٽل مئنيجر سان ايڏو وقت برباد ڪيئي!؟“
هن چيو، ”خُدا جي واسطي هُو مئنيجر ناهي... فرانس جو وڏو اديب آهي.“
”هوندو“ مون چيو، ”ذهين لڳو پئي پر ايترو وقت وڃائڻ جي ڪھڙي ضرورت هُئي.“
چيائين، ”خُدا جو خوف ڪر هُن جي هڪ هڪ گهڙي قيمتي هوندي آهي. هُو فل ٽائيم رائيٽر آهي ۽ هن هوٽل جي مالڪ کيس اهو ڪمرو مستقل ڏنو آهي، ڇاڪاڻ تہ اُن ۾ هوٽل جي عزت آهي. هُو رڳو فرانس جو نہ، سڄي دنيا جو وڏي ۾ وڏو ليکڪ آهي.“
مون چيو، ”مون تہ ڪڏهن اُن جو نالو ناهي ٻُڌو“
چيائين، ”جي تو سارت جو نالو ناهي ٻُڌو تہ تون جاهل آهين... چريو آهين، بيڪار آهين.“
مون کي بہ چِڙ اچي وئي، ”سارت ڪير؟!“
”سارت... مطلب سارت... هن مھل رُوءِ زمين تي ٻيو ڪو سارت ڪونھي.“
”اهو تہ سارتر آهي... مُنھنجو محبوب ليکڪ سارتر...يان پال سارتر...“ مون چيو.
هن چِڙ وچان چيو، ”تو جھڙا اڻ پڙهيل سارتر چوندا آهن... هُو سارت آهي سارت...“
مون جڏهن ٻُڌو تہ مان اهڙي عظيم ماڻھوءَ سان ملي آيو آهيان تہ مون کيس منٿون شروع ڪيون تہ هڪ ڀيرو وري وٺي هل ۽ سارتر سان ملاقات جو شرف ڏي. هڪ پوڙهي مائي وانگر چيلھہ تي هٿ رکندي هُن چيو، ”تنھنجو دماغ خراب آهي؟ توکي سارت ڇا ٿو لڳي؟ دُنيا جي هن عظيم فلسفيءَ سان ملڻ ڪو سئولو آهي ڇا...؟ هُن سان ڪير ٿو روز روز ملي سگهي....؟ تُنھنجي مٿي ۾ مغز ڳري ويو آهي اشفاق.“
]اشفاق احمد صاحب جي ’بابا صاحبا‘ تان ترجمو ڪيل[