تو وٽ گهڻا بلورَ آهن؟
ڪجهہ هفتا پھرين، مان رڌڻي مان نڪري رهيو هوس، منھنجي هڪ هٿَ ۾ ٻاڦ ڇڏيندڙ ڪافيءَ جو ڪوپ ۽ ٻئي هٿَ ۾ تازي اخبار هئي. اهو منھنجي لاءِ هڪ مخصوص ڇنڇر جو صبح هو، پر ان ڏينھن مون هڪ اهڙو سبق سِکيو، جيڪو رهندڙ حياتيءَ تائين مان ڪڏهن وساري ڪونہ ٿو سگهان.
مان توهان کي ان بابت ٻُڌائڻ ٿو گهران... ڪافيءَ ۽ اخبار سان گڏوگڏ، مون پنھنجي عادت مطابق ريڊيو بہ چالُو ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن مان ڇنڇر جي صبح وارو هفتيوار ٽاڪ شو ٻُڌي سگهان. ريڊيي مان هڪ ڀرپور آواز اچي رهيو هو. لڳو پئي تہ ڪو وڏي عمر وارو سونهري آواز گونجي رهيو هجي، ڪڏهن ڪڏهن ڪي آواز ٻُڌي توهان جي دل چوندي آهي، تہ انھن آوازن جا مالڪ ريڊيي تي ڪم ڇو ڪونہ ٿا ڪن.
هُو، ’هڪ هزار بلورن‘ بابت ڪنھن انائونسر سان ڳالھائي رهيو هو، جنھن جو نالو ’ٽام‘ هيو. هُو شايد ان شو ۾ مھمان هو. سندس لهجو، پاڻ ڏانھن ڇڪيندڙ ۽ ڀرپور هو ۽ ٻُڌڻ وارن کي ڄڻ محصور ڪري رهيو. ”ڏس، ڏس ٽام، مون کي لڳي ٿو تہ تنھنجي نوڪري ڏکي آهي ۽ تون بيحد مصروف بہ آهين. مون کي پڪ آهي تہ توکي پگهار بہ چڱي ملي ٿي، پر اها ڪيڏي نہ شرم ۽ ڏک جھڙي ڳالھہ آهي تہ توکي پنھنجي گهر ۽ گهروارن کان ايترو گهڻو پري رهڻو پوي ٿو. اها حقيقت ڪيڏي نہ ڪڙي آهي تہ هڪ نوجوان، پنھنجي گهرجن جي پورائي لاءِ هڪ هفتي ۾ 60 کان 70 ڪلاڪ ڪم ڪري... ڏس... ڪيڏي نہ ڏک جي ڳالھہ آهي تہ تو پنھنجي ڌيءَ جي سالگره واري تقريب ۾ بہ شرڪت ڪانہ ڪئي.“ هُن ڳالھہ جاري رکي، ”ٽام مان توکي هڪڙي ڳالھہ ٻُڌايان... مون سان زندگيءَ ۾ هڪ شئي اهڙي ٿي آهي، جنھن ان ڳالھہ ۾ منھنجي بي انتھا مدد ڪئي آهي، تہ مان ڪھڙين ڪھڙين شين کي ترجيح ڏيان ۽ ڪھڙين کي ترسائي ڇڏيان ۽ اها سڄي حڪمت مون بہ ڪنھن جي واتان ٻُڌي آهي، جنھن کي هُن ’هزارين بلور حڪمت‘ جو نالو ڏنو هو.“
”ڏس، مان هڪ ڏينھن پنھنجي پاڻ سان ويٺس ۽ ويھي ٿورڙو حساب ڪتاب ڪيم، هڪ ماڻھو سراسري طرح تقريبن 75 سال جيئي ٿو. مان ڄاڻان ٿو تہ ڪن کي ان کان بہ وڌيڪ ڄمار ملي ٿي ۽ ڪي گهٽ بہ جيئن ٿا، پر سراسري طرح اها وڃي 75 سال بيھي ٿي. هاڻي انھن 75 سالن کي جڏهن 52 سان ضرب ڪبي تہ معنيٰ 3 هزار 9 سئو ڇنڇرَ، هڪ سراسر عمر ۾ اچن ٿا.“
”هاڻي مون کي ڌيان سان ٻُڌ ٽامَ... مان توسان هن ڳالھہ جو اهم حصو بيان ڪرڻ وارو آهيان... اها سڄي سوچَ، مون کي تڏهن آئي جڏهن مان 55 سالن جي ڄمار جو ٿي چڪو هئس.“ هُن ڳالھہ جاري رکي، ”۽ انھن 55 سالن ۾ مان 28 سوَن کان مٿي ڇنڇرَ وڃائي چڪو هئس. مون پنھنجو پاڻ کي سمجهايو تہ جي مان 75 سالَ جيئان ٿو تہ هاڻي باقي مون وٽ وڃي ڪو هزار کن ڇنڇرَ حياتيءَ جو لطف ماڻڻ لاءِ بچيا هوندا. مان تڪڙو هڪ رانديڪڙن جي دُڪان ڏانھن ڀڳس ۽ اتان وڃي، هڙ بلورَ خريد ڪيم، جنھن کان پوءِ ٻين دُڪانن جو بہ چڪر هنيم ۽ نيٺ هزار بلورَ پورا ڪيم. اهي کڻي گهر آيس ۽ شيشي جي هڪ وڏي برنيءَ ۾، پنھنجي ورڪشاپ ۾ شوڪيس جي سامھون، ريڊيي جي ڀرسان رکي ڇڏيم. تنھن ڏينھن کان وٺي، هر ڇنڇر تي، مان ان برنيءَ مان هڪڙو بلور ڪڍي اُڇلائي ڇڏيندو آهيان.“
“مون ڄاتو تہ بلورن جي گهٽ ٿيڻ سان مون حياتيءَ جي حقيقتن تي وڌيڪ غور ڪرڻ شروع ڪيو ۽ صحيح معنيٰ ۾ اصلي اهم شين بابت سوچڻ لڳس. هن ڌرتيءَ جي گولَي مٿان، ان کان وڌيڪ ڪابہ اهم ڳالھہ ناهي تہ اوهان پنھنجي ترجيحات کي سِڌو ڪريو ۽ هڪ نظم و ضبط سان اهو ڪم ڪريو... آخر ۾، هن شو مان وڃڻ کان پھرين ۽ پنھنجي پياري زال کي نيرن ڪرائڻ لاءِ هڪ خوبصورت هوٽل ۾ وٺي وڃڻ کان پھرين، مان توکي هڪڙي ڳالھہ ٻُڌائي ڇڏيان، تہ اڄ صبح جو مون ان شيشي جي بوتل مان آخري بلور بہ ڪڍي اُڇلائي ڇڏيو آهي، مان سمجهان ٿو تہ جيڪڏهن مان ايندڙ ڇنڇر تائين جيئرو هوندس تہ معنيٰ ڌڻيءَ مون کي اهو اضافي وقت ڏنو آهي، جيڪو مان پنھنجي پيارن ساڻ گذاري سگهان... تو سان ڳالھائڻ ڏاڍو سُٺو لڳو ٽام، مون کي اميد آهي تہ تون بہ پنھنجن پيارن کي ڪجهہ وقت ڏيندين... اميد تہ وري ملنداسين... صبح بخير“
هُن جي ڳالھہ ختم ڪرڻ کان پوءِ چوطرف ماٺ ٿي وئي هئي. ڪجهہ لمحن لاءِ تہ، هن شو جي ميزبان وٽ بہ ڄڻ تہ چوڻ لاءِ ڪجهہ بہ ڪونہ هو. مون کي لڳو تہ هن مھمان اسان سڀني کي گهڻو ڪجهہ سيکاري ڇڏيو هو. مون سوچيو هو تہ صبح ساڻ ڪجهہ ڪم ڪندس ۽ پوءِ جِم ويندس...پر هاڻي مان ڏاڪا چڙهي پنھنجي بئڊروم ۾ ويس ۽ پنھنجي زال کي اُٿاري چيم، ”اُٿي گُڏي... مان توکي ۽ ٻارن کي نيرن تي وٺي وڃڻ ٿو گهران.“
سندس ننڊاکڙي مُک تي مُرڪ تري آئي. ”توکي صبح ساڻ ڇا ٿي ويو؟!“
”ڪجهہ بہ خاص نہ ٿيو آهي.“ مون وراڻيو، ”وڏو عرصو ٿيو آهي، جو اسان ٻارن ساڻ ڪو ڇنڇر گڏ ناهي گذاريو ۽ ها ٻاهر هلنداسين تہ ڇا پاڻ ڪنھن رانديڪڙن جي دُڪان تي بيھي سگهون ٿا؟ مون کي ڪجهہ بلورَ وٺڻا آهن.“