پُٽُ ڪنھن کي کپي؟
سيارو آيو تہ ملڪ تي جنگ مڙهجي آئي. نوجوان کي محاذ تي وڃڻو پيو ۽ ڪجهہ هفتن کان پوءِ ڪراڙي کي هڪ تار ملي تہ سندس پُٽ غائب ٿي ويو آهي. ڪراڙو پيءُ وڌيڪ خبرن لاءِ انتظار ڪندو رهيو ۽ کيس اهو خوف ورائي ويو تہ هاڻي هُو پنھنجي پُٽ کي ڪڏهن بہ ڏسي ڪونہ سگهندو. ڪجهہ ئي ڏينھن ۾ سندس خوف يقين ۾ مَٽجي ويو. پنھنجي هڪ ساٿي سپاهيءَ کي بچائيندي، هُن جو پُٽ مري چڪو هو. اداس ۽ اڪيلي پيءُ ڏک ۾ گهڙيون گهارڻ شروع ڪيون.
خوشين جا اهي لمحا جيڪي اڳ هوندا هيا، هاڻي نہ رهيا. عيد جي هڪ ڏينھن صبح جي ويل سندس در تي ٺڙڪو ٿيو. جنھن مھل هُو در ڏانھن وڃي رهيو هو تہ سامھون لڳل هڪ شاهڪار تصوير کيس ياد ڏياريو تہ سندس پُٽ گهر نہ پيو اچي. هُن در کوليو ۽ ڏٺائين تہ هڪ سپاهي پنھنجن هٿن ۾ هڪ وڏو دٻو کنيو بيٺو آهي.
سپاهيءَ ڪراڙي سان پنھنجو تعارف ڪرائيندي چيو، ”مان اوهان جي پُٽ جو دوست آهيان ۽ اهو ئي ماڻھو آهيان جنھن کي بچائيندي هن جان ڏني. ڇا مان ڪجهہ لمحن لاءِ اندر اچي سگهان ٿو؟ مون کي اوهان کي ڪجهہ ڏيکارڻُو آهي.“
جڏهن ٻنھي پاڻ ۾ ڪچھري شروع ڪئي تہ سپاهيءَ کيس ٻُڌايو، تہ ڪيئن نہ سندس پُٽ آرٽ ۽ ثقافت سان پنھنجي پيءَ جي محبت کي دوستن ۾ بيان ڪندو هو. ”مان پاڻ بہ هڪ آرٽسٽ آهيان“ سپاهيءَ چيو، ”۽ توهان کي هي تحفو ڏيڻ ٿو گهران.“
ڪراڙي جيئن ئي تحفي تان ڪاغذ پري ڪيا تہ ڏٺائين تہ اها سندس پُٽ جي تصوير هئي. جيتوڻيڪ ڪنھن وڏي مصور جو ڪم نہ هو، پر وري بہ ڇوڪري جا نقش چِٽا هئا.
پنھنجي جذبن کي قابوءَ ۾ رکندي، ڪراڙي، سپاهيءَ جا ٿورا مڃيا ۽ ساڻس واعدو ڪيو تہ تصوير کي آتشدان جي مٿان ٽنگيندو. سپاهيءَ جي وڃڻ کان ڪجهہ ڪلاڪ پوءِ ڪراڙي پنھنجو ڪم پورو ڪيو ۽ لکين ڊالر مھانگين تصويرن کي سِرڪائي وچ ۾ اها عام رواجي تصوير ٽنگي وئي. هاڻي روز هُو ان تصوير جي سامھون اچي ويھندو هو ۽ کيس لڳندو هو تہ ڄڻ سندس پُٽ هزارين ماڻھن جون حياتيون بچايون هجن. آهستي آهستي کيس ٻين هنڌن تان بہ سندس پُٽ جي بھادريءَ جا قصا معلوم ٿيا ۽ سندس پُٽ جي تصوير ڄڻ تہ هُن لاءِ املھہ خزانو بڻجي وئي.
هُن پنھنجي پاڙي وارن کي ٻُڌايو تہ اهو سڀ کان اهم تحفو آهي. بھار آئي تہ هُو بيمار ٿيو ۽ گذاري ويو. پويان سندس شاهڪارن جو خزانو رهجي ويو. سنڀاليندڙن اهو فيصلو ڪيو تہ سندس ميڙي چُونڊيءَ کي نيلام ڪيو وڃي ۽ ان لاءِ عيد جي ڏينھن کي چُونڊيو ويو. آخر اهو ڏينھن بہ آيو، جنھن ڏينھن وڏا وڏا شوقين ان خزاني کي هٿ ڪرڻ لاءِ دولتن جا انبار کڻي آيا. نيلام هڪ تصوير سان شروع ٿيو، جنھن جو نالو فھرست ۾ شامل نہ هيو. اها تصوير ڪراڙي جي پُٽ جي هئي. نيلام ڪندڙ شروعاتي ٻولي لڳائڻ لاءِ سڏ ڪيو، پر چوطرف ماٺ هئي. ”سئو ڊالرن سان ٻولي ڪير شروع ڪندو؟“ هن زور سان پڇيو، پر ڪٿان بہ ڪو جواب ڪونہ آيو.
پويان ڪٿان ڪنھن چيو، ”هن تصوير جي ڪنھن کي ضرورت آهي. هي تہ رڳو هن جي پُٽ جي تصوير آهي. انھي کي ڇڏيو ۽ چڱين شين جو نيلام شروع ڪيو.“ ان آواز ۾ ڪيترا ٻيا آواز بہ شامل ٿي ويا، پر نيلام ڪندڙ زور سان چيو، ”نہ... اسان کي پھرين هيءَ تصوير ئي وڪڻڻي آهي. هاڻي ٻُڌايو تہ پُٽ ڪنھن کي کپي؟“
آخرڪار، ڪراڙي جي هڪ پراڻي دوست چيو، ”اها تصوير ڏهن ڊالرن ۾ ملي سگهندي؟ مون وٽ تہ بس ايترا ئي پئسا آهن.“
”ڪو ان کان مٿي ٻولي هڻندو؟“ نيلامي ڪندڙ پڇيو.
ڪجهہ دير جي ماٺ کان پوءِ هُن چيو، ”هڪ، ٻہ... وڪجي وئي.“
سڄو ڪمرو آوازن سان ڀرجي ويو. ڪٿان ڪنھن چيو، ”جان ڇُٽي، هاڻي پاڻ قيمتي شين جي نيلامي ڪري سگهون ٿا.“
نيلام ڪندڙ حاضرين ڏي نھاريو ۽ ٻُڌايائين تہ نيلامي ختم ٿي چڪي آهي. سڄي ڪمري ۾ ڄڻ تہ بي اعتباري ۽ حيراني ڀرجي وئي. ڪنھن ڳالھايو ۽ پڇيائين، ”ڇا مطلب آ تہ نيلامي ختم ٿي وئي؟! اسين هتي ڪنھن ڪراڙي جي پُٽ جي تصوير وٺڻ ڪونہ آيا هئاسين. ٻين شاهڪارن بابت ڇا خيال آهي... هتي تہ ڪروڙين روپين جون قيمتي شيون پيل آهن. اسان کي وضاحت ڏني وڃي.“
نيلامي ڪندڙ وراڻيو، ”ڳالھہ بلڪل سادي آهي. پيءَ جي وصيَت موجب جيڪو پُٽ کڻندو، تنھن کي سڀ ڪجهہ ملندو.“
ان ڏينھن کان ئي اهو نياپو اڃا تائين حيات آهي، اهو هڪ محبت ڪندڙ پيءَ جو اهڃاڻ آهي. اُهو پيءُ جنھن جي پُٽ ٻين مٿان پنھنجي جان گهوري هئي.