ڌڻي ڪيئن ملائي ٿو!
هڪ شام جو گهر موٽندي، هڪڙي گهٽيءَ مان هڪ ٻَٽون لڌم، جيڪو کڻي ان جي اندر جو سامان ڏٺم تہ جيئن سڃاڻپ جي ڪا نشاني ملي تہ مالڪ کي اهو پھچايان، پر ٻَٽونءَ ۾ صرف ٽي ڊالر هُئا ۽ هڪ مروڙيل سروڙيل خط هو، جيڪو لڳو پئي تہ الاءِ ڪيترن سالن کان ان ۾ پيل هو.
خط جو لفافو تباھہ حالت ۾ هو ۽ جيڪا شئي کيس ڏسندي سمجهہ ۾ اچي رهي هُئي، سا ان مٿان واپسيءَ جي ائڊريس هُئي. مون خط کوليو تہ جيئن ڪا خبر تہ پوي. خط مٿان تاريخ لکيل هُئي 1924ع. اهو خط ڪو سٺ ستر سال اڳ جو لکيل هو.
زناني خوبصورت هٿ اکريءَ سان، آسماني رنگ جي ڪاغذ تي لکيل ان خطَ ۾ کاٻي طرف هڪ سھڻو گل اُڪريل هو. شروعات ’پيارا جان‘ سان ٿي رهي هُئي. جنھن مان اندازو لڳائي پيو سگهجي تہ اهو ڪنھن ڏانھن لکيل آهي. سڄو نالو مائيڪل ظاهر ٿئي پيو. لکندڙ، جان مائيڪل کي لکيو هو تہ، ”سندس امڙ کيس منع ڪئي آهي ۽ هُو هاڻي ڪڏهن بہ ساڻس نٿي ملي سگهي، ائين هوندي بہ هُوءَ سڄي ڄمار ساڻس محبت ڪندي رهندي.“ آخر ۾ صحيح ٿيل هُئي. ’هانا‘.
بيحد خوبصورت خط هو. پر سواءِ مائيڪل جي نالي هُئڻ جي، اهڙي ڪا بہ نشاني نہ پئي ملي تہ اهو ڪنھن ڏي لکيل هو. مون سوچيو جي مان آپريٽر سان ڳالھايان تہ شايد هُو خط تي لکيل موٽ واري ائڊريس جو فون نمبر مون کي رابطي لاءِ ڏئي ڇڏي.
”آپريٽر“ مون شروعات ڪئي، ”هي هڪ عجيب درخواست آهي. مون هڪ ٻَٽون لڌو آهي، جنھن جي مالڪ جي ڳولا ۾ آهيان. ڇا توهان مُنھنجي اهڙي ڪا مدد ڪري سگهو ٿا؟ جو ان ائڊريس جو فون نمبر ملي پوي، جيڪا ائڊريس خط تي لکيل آهي!“ هُن صلاح ڏني تہ مان سندس سپروائيزر سان ڳالھايان، جيڪا پاڻ مُنجهي پئي.
”ان ائڊريس تي فون آهي تہ سھي، پر اهو نمبر مان توهان کي نٿي ڏئي سگهان.“ هن چيو. اخلاقي طور هن اها مدد ڪرڻ جي آڇ بہ ڪئي تہ هُوءَ پاڻ ان نمبر تي ڊائل ڪري ۽ کين سڄي ڳالھہ ٻُڌائي، اها پڇا ڪري تہ ڇا هُو مون سان رابطو ڪرڻ گهرن ٿا. مون هاڪار ڪئي، هُن ڪُجهہ گهڙيون مون کي انتظار ڪرايو ۽ وري مون فون تي سندس آواز ٻُڌو، ”مون وٽ ڪو مھربان آهي، جيڪو اوهان سان ڳالھائڻ گهري ٿو.“
لائن ملي تہ مون پريان ڳالھائيندڙ خاتون کان پُڇيو تہ، ”ڇا هُوءَ هانا نالي ڪنھن خاتون کي سڃاڻي ٿي؟“
هن وڏو ساھہ کنيو، ”اسان هي گهر هڪ خاندان کان ٽيھہ سال اڳ خريد ڪيو هو، هُنن جي ڌيءَ جو نالو هانا هو... پر اها تہ گهڻو اڳ جي ڳالھہ آهي.“
”توهان کي اندازو آهي تہ اهو خاندان هاڻي ڪٿي هوندو؟“ مون پُڇيو.
”مون کي ياد اچي ٿو تہ هانا ڪُجهہ سال اڳ پنھنجي ماءُ کي هڪ نرسنگ هوم ۾ داخل ڪرايو هو.“ عورت وراڻيو. ”جي توهان ان نرسنگ هوم سان رابطو ڪريو تہ شايد اوهان هانا تائين بہ پھچي وڃو.“
هن مون کي نرسنگ هوم جي ائڊريس ڏني ۽ مون اتي فون گهمائي. هُنن ٻُڌايو تہ، ڪراڙي ڪُجهہ سال اڳ گذاري وئي هُئي، پر وٽن هڪ نمبر اهڙو هو، جيڪو رابطي جو ڪم ڪري سگهيو پئي ۽ شايد ان نمبر تي اها ڇوڪري رهندي هُجي.
مون سندن ٿورا مڃيا ۽ ڏنل نمبر تي فون ڪيم، جنھن عورت فون کنئين، ان ٻُڌايو تہ هانا پاڻ هاڻي هڪ نرسنگ هوم ۾ رهي ٿي. مون کي اهو سڀ بيوقوفي پئي لڳو. مون پنھنجو پاڻ کي دڙيو، ڪھڙي ضرورت آهي ايتري ڪوشش ڪرڻ جي... هڪڙو ٻَٽون لڌو هو، جنھن ۾ ڇڙا ٽي ڊالر هُئا ۽ هڪڙو خط هو، جيڪو بہ سٺ ستر سال پراڻو هو.
بس، الاءِ ڇو اهو سڀ ائين هو. مون ان نرسنگ هوم تي فون ملائي، جنھن بابت اندازو هو تہ هانا اتي رهي ٿي، جنھن همراھہ فون کنئين، ان ٻُڌايو تہ ”ها، هانا اسان وٽ ئي رهي ٿي.“
جيتوڻيڪ رات جا ڏھہ ٿي رهيا هُئا، پر مون پُڇيو تہ، ”ڇا مان هُن سان ملڻ لاءِ اتي اچي سگهان ٿو؟“ هن هٻڪَ سان وراڻيو، ”جي توهان ڪوشش ڪرڻ ٿا گهرو، تہ هُوءَ شايد ٽيليويزن ڏسڻ واري ڪمري ۾ موجود هجي.“
مون سندس ٿورا مڃيا ۽ نرسنگ روم لاءِ نڪري پيس. نائٽ نرسن ۽ گارڊ مُنھنجو آڌرڀاءُ ڪيو. وڏي عمارت جي ٽين ماڙ تي، ٽيليوزن ڏسڻ واري ڪمري ۾، نرس مون کي هانا سان ملايو.
هُوءَ ڏاڍي پياري، چانديءَ جي وارن واري ڪُراڙي هُئي، جنھن جي مُرڪ بيحد دلڪش هُئي ۽ سندس اکين جي جوت الاءِ ڇا هُئي! مون کيس وڃايل ٻَٽونءَ جي لڀجڻ واري ڪھاڻي سربستي ٻُڌائي ۽ خط ڏيکاريومانس. جنھن گهڙيءَ هُن آسماني رنگ جو لفافو ڏٺو، جنھن جي کاٻي طرف گُل اڪريل هو تہ وڏو ساھہ کنيائين ۽ چيائين، ”نوجوانَ!هي خط، مُنھنجو مائيڪل سان آخري رابطو هو.“
هُن ڄڻ ڏُور ڪٿي نھاريو ۽ خيالن ۾ ڪُجهہ گهڙين لاءِ گم ٿي وئي ۽ پوءِ نرم لهجي ۾ چوڻ لڳي، ”مان هُن سان شديد محبت ڪندي هُئس، پر ان مھل مان رڳو سورنھن سالن جي هُئس ۽ مُنھنجي ماءُ جو خيال هو تہ مان ڏاڍي ننڍڙي هُئس... هُو... ڇا تہ حسين ماڻھو هو.... اداڪار ’شان ڪانري‘ جھڙو لڳندو هو.“ وڏو ساھہ کنيائين ۽ ڳالھہ جاري رکيائين، ”هائو... بلڪل ائين ئي هو. مائيڪل گولڊ اسٽين هڪ زبردست ماڻھو هو. جي توهان کي ڪٿي ملي وڃي تہ ٻُڌائجانس تہ مان اڪثر کيس ياد ڪندي آهيان.“ هُوءَ ٿوري هٻڪي، ”کيس ٻڌائجانءِ تہ مان اڃا تائين هن سان پيار ڪندي آهيان.“ اهو مُرڪندي هُن چيو، پر ڳوڙها سندس اکين مان ٽِمِي پيا، ”مون ڪڏهن بہ شادي ڪونہ ڪئي. سمجهان ٿي تہ ڪو بہ هن جھڙو هو ئي ڪونہ.“
مون هانا جا ٿورا مڃيا ۽ موڪلايو. پھرئين منزل تائين لفٽ تان لٿس ۽ جيئن مان ان جي در ڀرسان بيٺو هوس تہ گارڊ پُڇيو، ”ڪُراڙيءَ اوهان جي ڪا مدد ڪئي؟“
مون کيس ٻُڌايو تہ، ”هُن مون کي ڪُجهہ اشارا تہ ڏنا آهن ۽ بھرحال مون وٽ نالي جو آخري حصو تہ آهي، پر مان سمجهان ٿو تہ هاڻي بس اهو معاملو ختم ئي ڪيان. سڄو ڏينھن مون هڪ ٻَٽونءَ جي مالڪ جي ڳولا ۾ وڃائي ڇڏيو آهي.“
ڳالھين ڳالھين ۾ مون ٻَٽون ڪڍيو هو، جيڪو سادي ناسي رنگ جي چمڙي جو ٺهيل هو ۽ پاسي کان ڳاڙهي رنگ جي پامڪ (فرل) لڳل هُئس. گارڊ جي نظر جيئن ئي ٻَٽونءَ تي پئي تہ هُن رڙ ڪئي، ”ترسو هي تہ مسٽر گولڊ اسٽين جو ٻَٽون آهي. ان ڳاڙهي پٽيءَ جي ڪري مان اهو ڪٿي بہ سڃاڻي سگهان ٿو. هُو سدائين اهو ٻَٽون وڃائيندو آهي. مون گهٽ ۾ گهٽ ٽي دفعا تہ اهو ڪٿي نہ ڪٿي لڌو هو.“
”مسٽر گولڊ اسٽين ڪير آهي؟“ مُنھنجا هٿ ڏڪڻ شروع ٿيا.
”هُو اٺين ماڙ تي رهندڙ هڪ ڪراڙو آهي سائين... الاءِ ڪيترن سالن کان هتي رهي پيو، اهو ٻَٽون گولڊ اسٽين جو ئي آهي. ان جي مون کي پَڪَ آهي، هن وري اهو ڪٿي واڪ ڪندي وڃائي ڇڏيو هوندو.“
مون گارڊ جي مھرباني مڃي ۽ وري نرسن جي ڪمري ڏانھن ڀڳس. مون گارڊ واري ڳالھہ ٻُڌائي. اسين لفٽ ڏانھن واپس ورياسين ۽ مون دل ئي دل ۾ اها دعا پئي گهري، تہ مسٽر گولڊ اسٽين جاڳندو هجي.
اٺين ماڙ تي پھچندي نرس چيو، ”مون کي لڳي ٿو تہ هُو اڃان تائين جاڳندو هوندو. هُو رات جو دير تائين پڙهندو رهندو آهي، ڏاڍو زبردست پيارو ماڻھو آ.“
هڪڙي اڪيلي ڪمري جي ئي بتي ٻري رهي هُئي. اتي پھتاسين تہ هُن ڪتاب پئي پڙهيو، نرس وٽس وئي ۽ کانئس پڇيائين تہ، ”ڇا هُن کان سندس ٻَٽون گم ٿي ويو آهي؟“
مسٽر گولڊ اسٽين حيرت سان ڏسندو، پنھنجي ٽرائوزر جي پوئين کيسي تي هٿ هنيو ۽ چيائين، ”اڙي اهو تہ ڪونھي.“
”هن مھربان کي ڪو ٻَٽون مليو آهي ۽ کيس لڳي ٿو تہ شايد اهو اوهان جو هُجي.“
مون مسٽر گولڊ اسٽين کي ٻَٽون ڏنو ۽ هُن ڏسندي ئي اطمينان جو ساھہ کنيو، مرڪيائين ۽ چيائين، ”بلڪل اهو ئي آهي.... اهو منجهند جو مُنھنجي کيسي مان ڪٿي ڪريو هوندو. مان توکي انعام ڏيڻ گهران ٿو.“
”نہ نہ... مھرباني“ مون وراڻيو، ”پر مون کي توهان کي ڪُجهہ ٻُڌائڻو آهي. مون اهو ڏسڻ لاءِ تہ هي ٻَٽون ڪنھن جو آهي؟ ان ۾ رکيل خط پڙهيو هو.“
سندس مُک تان مُرڪ گم ٿي وئي، ”تو خط پڙهي ورتو؟“
”نہ صرف خط پڙهيم، پر مان سمجهان ٿو تہ مان اهو بہ ڄاڻان ٿو تہ هانا ڪٿي آهي.“
هُو هڪدم پِيلو ٿي ويو. ”هانا؟ توکي خبر آهي تہ هُوءَ ڪٿي آهي؟ ڪيئن آهي؟... ڇا هُوءَ اڃان بہ ايڏي ئي سھڻي آهي، جيڏي اڳ هُئي. مھرباني ڪري مون کي ٻُڌاءِ...“ هُن منٿ ڪئي.
”هُوءَ ٺيڪ آهي ۽ اهڙي ئي سھڻي آهي، جھڙي تو ڏٺي هُئي.“ مون وراڻيو ڪراڙي هڪ گهري مرڪَ ڏني.
”تون مون کي ٻُڌائي سگهين ٿو تہ هُوءَ ڪٿي آهي؟ مان سڀاڻي کيس فون ڪرڻ ٿو گهران.“ هن مُنھنجو هٿ جهليو ۽ چيائين، ”توکي خبر آهي نوجوان، جنھن مھل اهو خط آيو هو تہ مان ان ڇوڪريءَ سان شديد محبت ڪندو هُئس. خط ملڻ سان ڄڻ مُنھنجي زندگي ختم ٿي وئي هُئي. مون شادي نہ ڪئي، مون کي لڳي ٿو تہ مون سڄي ڄمار هُن سان پيار ڪيو آهي.“
”مسٽر گولڊ اسٽين!“ مون چيو، ”مون سان گڏ اچو.“
اسان لفٽ ۾ هيٺ ٽئين ماڙ تائين آياسين. ورانڊي ۾ هلڪي روشني هُئي صرف ان ڪمري ۾ لائيٽ ٻري رهي هُئي، جتي هانا ويٺي ٽيليويزن ڏٺي. نرس هُن ڏانھن وڌي، ”هانا!“ هُن، مائيڪل ڏانھن اشارو ڪندي کيس سڏيو، ”ڇا تون هِن ماڻھوءَ کي سڃاڻين ٿين؟“
هن پنھنجي عينڪ ٺيڪ ڪئي، غور سان ڏٺائين، پر ڪجهہ نہ ڪُڇيائين مائيڪل ڄڻ سرگوشيءَ واري انداز ۾ چيو، ”هانا... مان مائيڪل آهيان... ڇا توکي مان ياد آهيان؟“
”مائيڪل“ هُوءَ ڄڻ اڀساهيءَ ۾ اچي وئي، ”مائيڪل مون کي تہ اعتبار ئي نٿو اچي. اهو تون آهين مائيڪل؟“
هُو آهستڙي هُن ڏي وڌيو ۽ ٻنھين هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. نرس ۽ مُنھنجا ڳوڙها، ڳلن تان ترڪندا رهيا، ”ڏٺوَ“ مون چيو، ”ڏٺوَ، ڌڻي چاهي تہ ڪيئن ميلاپ ڪرائي ٿو.“
تقريبن ٽن هفتن کان پوءِ مُنھنجي آفيس تي هڪ ڪال آئي، ”توهان آچر تي هڪ شاديءَ ۾ شرڪت ڪري سگهو ٿا؟ مائيڪل ۽ هانا شادي ٿا ڪن.“
اها هڪ خوبصورت شادي هُئي، جنھن ۾ نرسنگ هوم ۾ رهندڙ سڀني ماڻھن زبردست نموني شرڪت ڪئي، هانا هلڪي پيلي لباس ۾ سھڻي پئي لڳي ۽ مائيڪل آسماني ڪلر فل سوٽ ۾ بلند قامت ٿي محسوس ٿيو.
هُنن مون کي پنھنجو آنر ڪيو. اداري کين پنھنجو ڪمرو الاٽ ڪري ڇڏيو. سٺ سالن جي جدائيءَ کي ڀرپور خاتمو مليو هو.