هاڻي ڪيترائي سوالَ لاجواب آهن
”مان توکي مڪمل محسوس ڪرڻ ٿو گهران. تُنھنجي ويجهو ٿيڻ ٿو گهران.“
”مان ڄاڻان ٿي.“
”مان پھرين نظر ۾ ئي توسان محبت ۾ جڪڙجي ويو هُئس. مون کي اهو ڏينھن ياد آهي، جڏهن مون توکي پھريون ڀيرو ڏٺو هو. پيريَن اگهاڙي ... تون هتي آچي ويٺي هُئين. پاڻيءَ ۾ پير ٻوڙيا هُيئي، گوڏن تي کاڏي رکي هيئي ۽ اکيون مون تي کُپايون هيئي. حياتي ڄڻ بيھجي وئي هُئي. آوازَ گم ٿي ويا هُئا. حياتيءَ ۾ پھريون ڀيرو پنھنجي روح جي شرمائڻ ۽ اتساهجڻ کي محسوس ڪندي مان ڄڻ ڄمي ويو هُئس، مفلوج ٿي ويو هُئس.“
”مون کي اهو سڀ ياد آهي، تون طاقتور ۽ زبردست هُئين ۽ آسماني رنگ جا سڀ عڪس تو ۾ جرڪيا پئي، جيڪو مُنھنجو محبوب ترين رنگ آهي. مون کي تنھنجي موٽَ سمجهہ ۾ نہ پئي آئي، تہ ائين ڇو پئي ٿيو! تو مُنھنجي پيرن تي ڌڪ پئي هنيا ۽ تُنھنجي گجي ٽڪرائجي رهي هُئي.“
”مون توکي احساس ڏيارڻ ٿي گهريو. مون توسان محبت ڪرڻ پئي گهري. مُنھنجي دل تو لاءِ ڪڍي پئي، مون توکي پڪڙڻ پئي چاهيو سڄي عُمر لاءِ، پر مون کي پنھنجي فطرت کان ڊپ پئي ٿيو.“
”ڄاڻان ٿي. توکي ياد آهي، تون ڪنھن کي بہ مون تائين پھچڻ ناهين ڏيندو.“ ٽڪري مُرڪي ٿي.
”هائو... بس مون کي اهو خوف هوندو آهي تہ هُو توکي مون کان چورائي ويندا.“
”چريا، مون کي تو کان سواءِ ڪنھن جي ضرورت ئي ناهي. ماڻھو، جانور، پکي، ايندا ويندا رهندا آهن. سال لنگهي ويا. سج مُنھنجا ڪلھا تپائيندو هو ۽ آسمان، سج لھڻ سان ٻرڻ لڳندو هو... مون کي بس تون ئي هر حال ۾ نظر ايندو آهين.“
”ڪاش اهو سڀ مان ڄاڻان ها... تولاءِ وڙهندي مون الاءِ ڪيترا غوراب ٻوڙي ڇڏيا.“ سمنڊ ٿڌو ساھہ ڀري ٿو.
”توکي ياد آهي، جڏهن پھريون ڀيرو پاڻ دوست بڻياسين؟“
”ڇو نہ... سج لٿو پئي ۽ تُنھنجي حسناڪي وڌي پئي، مُنھنجي پاڻيءَ گوڙ وڌايو هو ۽ هڪ هڪ لھر توکي ٻوڙڻ پئي گهريو. مُنھنجي لھر جو هڪ هڪ ڦڙو، توکي ڇھڻ پيو گهري، محبت سان، عقيدت سان.“
”مون کي بہ ياد آهي، توسان ملي جيڪا مون کي نئين خوشي ملي هُئي سا بيان نٿي ڪري سگهجي. مون کي پڪ ٿي تہ تون مون سان پيار ڪندين ۽ ڪڏهن بہ مون کي نہ ڏُکوئيندين. پاڻ ملياسين تہ ڪيڏو کِلياسين. ٽھڪ ڏناسين، رڙيون ڪيوسين. کِلي کِلي کيرا ٿي پياسين.“
”هاءِ راڻي، مون کي هڪ هڪ گهڙي ياد آهي ۽ لڳندو ٿم تہ هر گهڙيءَ پنھنجي محبت وڌندي ئي پيئي رهي.“
”لڳندو ڇو ٿئي، ائين بلڪل آهي.“
”محبت، ازل ابد جو ناتو آهي. ڀلي ان ۾ مون وانگر گوڙ هجي يا تو وانگر ساٿ... اهو رشتو وقت مضبوط ڪندو ويندو آهي.“
”هائو. تون صحيح ٿو چوين.“
”پر مان سوچيندو آهيان... اها سدائين جي محبت، جيڪا تو مون وچ آهي. انسانن ۾ ڇو نٿي رهي! هُو تہ سڀ سمجهن ٿا، پوءِ رڳو هڪ ڀيرو ملن ٿا ۽ بار بار وڇڙن ٿا. هُو اسان وانگر هڪ ڀيرو ملي، سدائين وانگر نہ وڇڙڻ جي سوچ ڇو نٿا رکن!؟“
ٽڪري ۽ سمنڊ مون ڏانھن نھاريندا رهن ٿا، هُو پاڻ ۾ ئي سوال جواب ڪن تہ چڱو آ... مون وٽ وري هنن جي سوالن جو ڪھڙو جواب آهي.!