ڪھاڻيون

ھڪڙي ملندي آھي زندگي

هن ڪتاب ۾ زندگيءَ جا انيڪ حقيقي روپ پڙهندڙن لاءِ موجود آهن، جيڪي سبق آموز تہ آهن، پر حياتيون بدلائي ڇڏڻ جي سگهہ رکندڙ بہ آهن. ڪجهہ ڪھاڻيون پڙھي حساس ماڻھوءَ جي اکين جا بند ڀڄي پون ٿا. هي ڪتاب اسان کان سواءِ اسان جي اُسرندڙ نسل منجهہ ڪيتريون ئي مثبت تبديليون آڻڻ جي طاقت رکي ٿو، جن جي ڪري سوچ مَٽجي سگهي ٿي ۽ ائين ٿيڻ سان اسان جو هي موجودہ تباھہ حال سماج يقينن سٺي سوچ سان ترقيءَ ڏي وڌي سگهي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 70
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ھڪڙي ملندي آھي زندگي

محبت جي سِڪن جو آواز ڪڏهن ٻُڌو ٿوَ؟

مون کي جيستائين ياد اچي ٿو، آچار جي اُها خالي شيشي، مُنھنجي مائٽن جي بئڊروم ۾ ڪپڙن جي الماريءَ پاسي رکيل هوندي هُئي. بابا جڏهن بہ سمھڻ جي تياري ڪندو هو تہ پنھنجن ڪپڙن جا کيسا خالي ڪندو هو ۽ سِڪن کي ان خالي بوتل ۾ وجهي ڇڏيندو هو.
بوتل ۾ سِڪن جي ڪرڻ مھل پيدا ٿيندڙ آواز مون کي سدائين موهيندا هُئا. بوتل خالي هوندي هُئي تہ آواز ڄڻ موسيقيءَ سان ڀرپور هوندا هُئا. جيئن جيئن بوتل ڀرجندي ويندي هُئي، تيئن تيئن آواز مَٽبو ويندو هو ۽ آخرڪار اهو هڪ ٿُلھو، بي ڊولو ۽ گهٽ ٻُڌجندڙ آواز بڻجندو هو. صبح جو جڏهن دريءَ مان سج جا ڪرڻا، ان خالي ميز تي پوندا هُئا، جيڪا ڪپڙن جي ڪٻاٽ جي ڀرسان رکيل هُئي ۽ جنھن تي اها بوتل سِڪن کي سنڀالي ويٺي هوندي هُئي، تہ مان انھن چلڪندڙ سڪن ۾، سج جي ترورن کي ڏسي حيران ٿي ويندو هُئس. لڳندو هو تہ ڄڻ ڪنھن جھازي، بحري قزاق، وڏو ڪو خزانو ميڙي رکيو هُجي.
جڏهن بوتل ڀرجي ويندي هُئي تہ بابا رڌڻي ۾ ويھي، بينڪ وڃڻ کان پھرين، سڪن کي ڦيرائيندو هو ۽ پوءِ ڳڻيندو هو. بئنڪ ڏي سڪا کڻي وڃڻ بہ هڪ عجيب جھان هو. هڪ خوبصورت پاٺي جي دٻي ۾ سھڻي سٽاءَ سان انھن کي رکي، بابا سدائين پراڻي ٽرڪ جي سيٽ تي ويھندي، اهو پاٺي جو دٻو پنھنجي ۽ مُنھنجي وچ ۾ رکندو هو. هر واري جڏهن اسان بينڪ ڏانھن ويندا هُئاسين تہ بابا، پُراميد نگاهن سان مون ڏانھن نھاري چوندو هو. ”اهي سڪا، توکي ڪپڙي جي مل ۾ ڪم ڪرڻ کان سدائين بچائيندا مُنھنجا پُٽَ، تون مون کان چڱي حال ۾ جيئندين، هي پراڻيءَ مل وارو شھر توکي ڪڏهن بہ پاڻ وٽ رهڻ لاءِ مجبور نہ ڪندو.“ تنھن کان سواءِ هر ڀيري، جڏهن هُو سڪن وارو اهو دٻو، بئنڪ جي ڪيشيئر ڏانھن سرڪائيندو هو تہ چوندو هو. ”هي مُنھنجي پُٽ جي ڪاليج ۾ خرچ ڪرڻ لاءِ بچايل آهن، هُو سڄي عُمر مون وانگر مل مزوري ڪونہ ڪندو.“
اسين هر واري، پئسن جمع ڪرائڻ جي جشن کي آئسڪريم کائڻ سان ملھائيندا هُئاسين. مان سدائين چاڪليٽ ۽ بابا ونيلا آئسڪريم کائيندا هُئاسين. جڏهن آئسڪريم وارو، پئسا ڪٽي بچيل ريزگاري بابا کي ڏيندو هو تہ هُو پنھنجي مٺ تريءَ ۾ ڦاٿل سِڪا مون کي ڏيکاريندي چوندو هو، ”گهر پڄندي ئي اسين برنيءَ کي وري ڀرڻ شروع ڪنداسين.“
هُو سدائين بوتل ۾ پھريون سڪو ڪيرائڻ جو موقعو مون کي ئي ڏيندو هو، جڏهن اهو بوتل جي ترَي ۾ ڪرندي جِهڻ جِهڻ ڪندو هو تہ اسين ان مختصر عرصي ۾ هڪٻئي ڏانھن نھاريندا هُئاسين. ”تون هنن آڌين، رپين، سِڪن تي ئي سھي، پر ڪاليج ضرور پھچندين... ڏسجانءِ، مان اهو ڪري وٺندس.“
ڏينھن لنگهي ويا. مون ڪاليج پاس ڪيو ۽ ٻئي شھر ۾ نوڪريءَ تي لڳي ويس، هڪ ڏينھن بابا وارن وٽ گهمڻ آيس تہ ڏٺم تہ سندس بئڊروم مان آچار جي برني غائب هُئي. ان شايد پنھنجو مقصد پورو ڪيو هو ۽ هاڻي اتان هٽائي وئي هُئي. جنھن جاءِ تي اها رکيل هوندي هُئي ان کي خالي ڏسي مُنھنجي نڙيءَ ۾ ڄڻ ڪُجهہ اٽڪڻ لڳو. مُنھنجو پيءُ گهٽ ڳالھائُو هو. هن ڪڏهن بہ مون کي مستقل مزاجيءَ ۽ يقينيءَ بابت ڪا نصيحت ڪانہ ڪئي هُئي. اهو سڀ تہ مون کي ان خالي برنيءَ مان مليو هو، جيڪي ڪُجهہ گُلن جھڙا لفظ بہ نہ سمجهائي سگهن ها.
جڏهن مُنھنجي شادي ٿي تہ مون پنھنجي زال سوزن کي پنھنجي حياتيءَ ۾ ادا ڪيل، آچار جي برنيءَ جي اهم ڪردار بابت تفصيل سان ٻُڌايو، مُنھنجي دماغ ۾ ان جي ساراھہ سڀني کان اتم هُئي ۽ مون کي خبر نہ هُئي تہ بابا ان سان ڪيترو پيار ڪندو هو. گهر ۾ کڻي ڪھڙيون بہ حالتون هُجن، بابا برنيءَ ۾ سِڪا ڪيرائڻ نہ وساريندو هو. حد تہ اها هوندي هُئي تہ گرمين جي موسم ۾ مل بند ٿيڻ جي ڪري بابا گهر ويھندو هو ۽ اسان کي هفتي ۾ الاهي ڀيرا سُڪل چڻن جي ڀاڄي تيار ڪرڻي پوندي هُئي تہ بہ ان برنيءَ مان هڪڙو سِڪو بہ نہ ڪڍيو ويندو هو. بلڪہ ان جي جاءِ تي بابا مون کي چوندو هو، ”جڏهن تون ڪاليج پڙهي پورو ڪندين تہ توکي وري چڻا کائڻا نہ پوندا، ايستائين، جيستائين تُنھنجي دل نہ چوي.“
اسان جي ڌيءَ جيسيڪا جي ڄمڻ کان پوءِ پھرين عيد اسان مائٽن سان گڏ ڪئي، رات جي ماني کائڻ کان پوءِ امان ۽ بابا، ننڍڙيءَ کي صوفَي تي ويھاري ساڻس راند رهڻ لڳا. جيسيڪا آواز ڪڍڻ شروع ڪيا تہ سوزن کيس بابا جي ٻانھن کان ورتو، ”شايد ڊائپر مٽائڻ جي ضرورت آ“ هُوءَ ننڍڙي کي بابا امان جي ڪمري ۾ کڻي وئي تہ جيئن ڊائپر مَٽائي اچي ۽ جنھن مھل اهو مَٽائي موٽي تہ سندس اکين ۾ عجيب آب هو، هن جيسيڪا کي پنھنجي ڏاڏي جي حوالي ڪيو ۽ مُنھنجو هٿ جهلي، مون کي بابا وارن جي ڪمري ۾ وٺي آئي. ”ڏس“ هن اکين سان، ڪپڙن جي ڪٻاٽَ ڀرسان رکيل ٽپائيءَ ڏانھن اشارو ڪيو ۽ مُنھنجي حيرت جي انتھا نہ رهي. جڏهن مون ڏٺو تہ اها برني اتي ئي رکيل هُئي، ڄڻ تہ اتان ڪڏهن غائب ٿي ئي ڪانہ هُئي. هيٺيون اڌ اڳ ۾ ئي سڪن سان ڀريل هُئس. مان برنيءَ وٽ پھتس، کيسي ۾ هٿ وڌم ۽ اتي رکيل سڪن جي مٺ ڀري ٻاهر ڪڍيم، الاءِ ڇا پئي ٿيم. برنيءَ ۾ سڪا وڌم تہ ٺيڪ ان مھل بابا جيسيڪا کي ڪڇ ۾ کڻي ڪمري اندر داخل ٿيو، اسان جون نگاهون مليون تہ هن مرڪيو ۽ جيسيڪا ڏي نھاريندي چيائين، ”هاڻي هن کي بہ تہ ڪاليج وڃڻو آهي.“