مائٽن جي محبت جو وڻ، ڪيترو ڪم اچي سگهي ٿو
اولاد ٿيو ناهي ۽ زندگيءَ جو سلسلو مَٽيو ناهي. جيڪي ڪُجهہ پنھنجو هوندو آهي اُهو سڀ پرايو لڳندو آهي. پنھنجي اولاد جي خوشي پاڻ کان مٿي محسوس ٿيندي آهي ۽ سندن انگل آرا، حياتيءَ جي سونھن محسوس ٿيندا آهن. اولاد فرمائش ڪري ۽ مائٽ پوري نہ ڪري يا پوري ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪري، اِهو تہ ٿي نٿو سگهي. هر مائٽ حسبِ حال پنھنجو پاڻ کي پتوڙيندو آهي تہ جيئن سندس اولاد جون آسون پوريون ٿي سگهن. اُها ٻي ڳالھہ آهي تہ اولاد مان ڪيترن کي اُن ڳالھہ جي خبر بہ ڪانہ پوندي آهي.
گهڻا سال اڳ صوفن جو هڪ وڏو وڻ هيو، جنھن سان هڪ ٻارڙو ڏاڍو پيار ڪندو هو. هُو روز ان وڻ جي چوڌاري اچي راند رهندو هو. ڪڏهن هن جي مٿان ڏارن تي چڙهي ويندو هو تہ ڪڏهن سندس ڇانوَ ۾ سمھي رهندو هو. کيس وڻ سان ڏاڍي محبت هئي ۽ وڻ کي بہ هن سان ڏاڍو پيار هو. وقت گذرندو ويو. ننڍڙو ٻار هاڻ وڏو ٿي ويو هو ۽ وٽس هاڻ وڻ جي چوڌاري راند رهڻ جو وقت نہ هيو.
هڪ ڏينھن اهو ڇوڪرو وڻ وٽ آيو تہ وڻ ڏاڍو اداس هيو. هُن ٻارڙي کي چيو تہ، ”اچ مون سان راند کيڏ.“
ڇوڪري وراڻيو، ”مان هاڻي ٻار ناهيان. مان هاڻي وڻن جي چوڌاري وڌيڪ نٿو کيڏڻ گهران. مون کي رانديڪا کپن ۽ انھن رانديڪن لاءِ وري پئسا کپن.“
وڻ چيس، ”مون وٽ پئسا تہ ڪونھن، پر تون ائين ڪر جو منھنجا سڀ صوف پٽي وٺ ۽ اهي وڃي وڪڻ. تو وٽ پئسا ٿي پوندا.“ ٻار کي تہ ڄڻ خوشي ورائي وئي. هن سڀئي صوف پٽيا ۽ خوش خوش روانو ٿي ويو. تنھن کان پوءِ هُو ڳچ عرصو نہ موٽيو. وڻ وڌيڪ اداس ٿي ويو. هڪ ڏينھن اهو ڇوڪرو جيڪو هاڻي مرد بڻجي چڪو هو، سو وڻ ڏانھن موٽي آيو. وڻ هُن کي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. وڻ چيس، ”اچ مون سان راند رھہ.“
همراھہ وراڻيو، ”مون وٽ راند کيڏڻ لاءِ وقت ڪونھي. مون کي پنھنجي ڪٽنب لاءِ ڪم ڪرڻو آهي. اسان کي مٿي لڪائڻ لاءِ هڪ گهر گهرجي. تون منھنجي ڪا مدد ڪري سگهين ٿو؟“
وڻ جواب ۾ چيو، ”مون وٽ ڪو گهر تہ ڪونھي، پر تون منھنجا سڀئي ٽارَ ڪپي سگهين ٿو تہ جيئن پنھنجو گهر ٺاهي سگهين.“
همراھہ سندس سڀئي ٽارَ ڪپيا ۽ خوش خوش روانو ٿي ويو. وڻ کيس خوش ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو، پر اهو شخص وري وٽس موٽي نہ آيو. وڻ وري اڪيلو ٿي ويو هو ۽ اداسي کيس وڪوڙي ويئي هئي.گرمين جي هڪ ڏينھن جو اهو شخص موٽيو تہ وڻ وري خوش ٿي ويو. ”اچ ۽ مون سان راند رھہ.“ وڻ چيس.
همراھہ وراڻيو، ”مان پوڙهو پيو ٿيان، پاڻ کي آرام ڏيڻ لاءِ ٻيڙيءَ جو سفر ڪرڻ ٿو گهران، ڇا تون مون کي هڪڙي ٻيڙي ڏئي سگهين ٿو؟“
”منھنجو ٿُڙ ڪَپِ ۽ وڃين ٻيڙي ٺاھہ، تون پرانھان سفر ڪري سگهين ٿو ۽ خوش رهي سگهين ٿو.“
همراھہ ٿُڙ ڪٽيو تہ جيئن ٻيڙي ٺاهي سگهي. ٻيڙي ٺاهي سمنڊ ۾ نڪري ويو ۽ الاهي وقت وري واپس نہ موٽيو. آخرڪار ڪافي سالن کان پوءِ جڏهن هُو موٽيو، تہ وڻ چيس، ”منھنجا ٻچا، مون وٽ توکي ڏيڻ لاءِ هاڻي ڪجهہ بہ ڪونھي. صوف تہ هاڻ مون وٽ آهن ڪونہ.“
همراھہ وراڻيو، ”ڪائي ڳالھہ ڪانھي. مون وٽ بہ تہ هاڻي ڏند ڪونھن.“
وڻ چيو، ”مون وٽ ٿُڙ بہ ڪونھي جنھن تي تون چڙهي سگهين.“
همراھہ چيو، ”وڻ تي تہ هاڻ مان بہ چڙهي ڪونہ ٿو سگهان.“
وڻ روئندي چيس، ”مان سچي بہ توکي ڪجهہ ڪونہ ٿو ڏئي سگهان. بس منھنجيون پاڙون بچيون آهن، جيڪي بہ هاڻي مري رهيون آهن.“
همراھہ چيو، ”هيترن سالن جي سفر مون کي ٿَڪائي وڌو آهي، مون کي هاڻ ڪجهہ بہ نٿو گهرجي. بس آرام ڪرڻ لاءِ ڪا جاءِ کپي ٿي.“
وڻ ڳوڙها اگهيا ۽ چيائين، ”آرام ڪرڻ لاءِ پراڻي وڻ جون پاڙون زبردست جاءِ هونديون آهن. اچ انھن تي ويھہ ۽ آرام ماڻ.“
ٻئي ڏاڍا خوش هيا ۽ ٻنھي جا ڳوڙها ڳڙي رهيا هئا.
***
وڻ اصل ۾ اسان جا مائٽ هوندا آهن، جڏهن اسين ٻار هوندا آهيون تہ سندن چوڌاري کيڏڻ گهرندا آهيون. جڏهن وڏا ٿيندا آهيون تہ کين ڇڏي ويندا آهيون ۽ تڏهن وٽن موٽندا آهيون، جڏهن اسان کي ڪنھن شئي جي گهرج هوندي آهي يا وري اسين ڪنھن مصيبت ۾ ڦاٿل هوندا آهيون. ڪجهہ بہ ٿي پئي، مائٽن وٽ سدائين اسان کي ڏيڻ لاءِ ڪجهہ نہ ڪجهہ ضرور هوندو آهي تہ جيئن اسين خوش ٿي سگهون.
ڪھاڻي پڙهندي شايد توهان کي لڳو هجي تہ ٻار وڻ لاءِ ظالم هيو، پر اهڙا تہ اسين سڀ هوندا آهيون ۽ اهڙي ئي نموني پنھنجن مائٽن سان سلوڪ ڪندا آهيون. اسين هر ڳالھہ ۾ کين ذميوار سمجهندا آهيون. بس ساراھہ رڳو ان مھل ڪندا آهيون، جڏهن الاهِي دير ٿي ويندي آهي.
اِن دير کان جان ڇڏايو. زندگي جڏهن بہ مھلت ڏئي ٿي تہ ائين ڇو نٿا ڪيو تہ کين وقت ڏيو، ساڻن گڏ ويھو ۽ اُنھن سڀني احسانن جي مڃتا ڪيو، جيڪي اُنھن اسان سان ڪيا آهن. اسين هُنن جا ٿورا لاهي تہ نٿا سگهون، ڳائي تہ سگهون ٿا.