ڏيکُ
کين ڏسندي ٻاهر ويٺل سيڪريٽريءَ هڪ لمحي ۾ سوچي ڇڏيو تہ، اهڙي سادي ۽ پراڻي نموني جي لباس وارن ماڻھن جو هاروَرڊ ۾ ڪھڙو ڪم آهي. اهي تہ ڪئمبرج تائين بہ رسي نٿا سگهن.
سيڪريٽريءَ جي کڄيل ڀِرُن کي ڏسندي مرد، نرم آواز ۾ چيو، ”اسان کي صدر سان ملڻو آهي.“
”هُو سڄو ڏينھن مصروف آهي.“ سيڪريٽريءَ وڏائيءَ مان چيو.
”اسين سڄو ڏينھن انتظار ڪري سگهون ٿا.“ عورت وراڻيو.
سانده چار ڪلاڪ، سيڪريٽري هُنن کان لنوائيندي رهي. هُن سمجهيو پئي، تہ اِهي مھمان بيزار ٿي پوندا ۽ هليا ويندا پر هُو نہ ويا. سيڪريٽري هاڻي پاڻ بيزار ٿيڻ لڳي، کيس مُونجهہ بہ ٿيڻ لڳي هُئي ۽ وٽس ٻيو ڪوبہ حيلو نہ بچيو هو سواءِ اِن جي تہ هُو صدر کي وڃي ٻُڌائي.
”سر، ڪُجهہ منٽن لاءِ اوهان سان ملندا ۽ هليا ويندا.“
صدر بہ الاءِ ڇا سمجهي وڏائيءَ سان هاڪار ڪئي، پر کيس اِهو ٻُڌي ڏاڍو عجيب لڳو هو تہ سندس ملاقاتي پُراڻي انداز جي لباس ۾ ٻاهر ويٺل آهن. جڏهن هُو اندر آيا تہ پنھنجي چھري تي فخر ڀريندي، وڏي وڏائيءَ سان مھمانن کي چيائين، ”ڪم ڪھڙو آهي؟“
عورت ٻڌايو، ”اسان کي هڪڙو پُٽ هو، جيڪو هڪ سال هاروَرڊ ۾ رهيو هو. کيس اُن سان ڏاڍو پيار هو پر سال کن اڳ هُو هڪ حادثي ۾ گُذاري ويو. مان ۽ مُنھنجو مُڙس سندس ياد جي حوالي سان، ڪئمپس ۾ ڪٿي بہ ڪو يادگار جوڙڻ چاهيون ٿا.“
صدر کي ڳالھہ دل سان تہ لڳي هُئي، پر وري بہ هُن پنھنجو پاڻ سنڀاليو پئي.
”محترمه، اسان هر اُن ماڻھوءَ لاءِ تہ ڪو يادگار نٿا ٺاهي سگهون، جيڪو هِتي هڪڙو سال رهيو هُجي يا وري ڪنھن حادثي ۾ گُذاري ويو هُجي. جي اسين ائين ڪندا وتون تہ اسان جي يونيورسٽي تہ ڪو قبرستان لڳندي.“
”نہ نہ“ عورت تڪڙي وضاحت ڪئي. ”اسان ڪو مجسمو کڙو نٿا ڪرڻ چاهيون، اسان تہ سوچيو پئي تہ اسان هارورڊ کي ڪا عمارت تحفي ۾ ڏيون.“
صدر جا تارا ڦري ويا، هُن هڪ نگاھہ وري هِنن ٻنھي اڌڙوٽ زال مُڙس کي ڏٺو، سندن سادن سودن ڪپڙن کي گهوري ڏٺائين ۽ چيائين، ”عمارت؟... توهان کي خبر آهي تہ هڪ چڱي عمارت ڪيتري رقم ۾ ٺھندي آهي. اسان هارورڊ ۾ رڳو هڪ پلانٽ لڳائڻ تي پنجهتر لک ڊالر خرچ ڪيو آهي... توهان کي سمجهہ ۾ اچي ٿو؟“
سڀ ڄڻ ماٺ ٿي ويا هُئا. صدر کي لڳو تہ هاڻي هِنن ديسي ماڻھن مان جان ڇُٽندي.
زال پنھنجي مُڙس ڏي ڪنڌ ورائيندي چيو، ”تہ ڇا ڪنھن يونيورسٽي شروع ڪرڻ لاءِ ايترا ٿورا پئسا کپندا آهن!؟ ڇو نہ پاڻ پنھنجي يونيورسٽي شروع ڪيون؟“
مُڙس هاڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو ۽ صدر جو مُنھن ڏسڻ وٽان هو.
بيگم ۽ مسٽر ليلينڊ اسٽانفورڊ اُتان اُٿيا. سِڌو پالو آلٽو ڪيليفورنيا ويا ۽ پنھنجي نالي سان اُتي هڪ يونيورسٽي قائم ڪيائون، جيڪا سندن پُٽ جي ياد جو حوالو آهي ۽ جنھن کي ’اسٽانفورڊ يونيورسٽي‘ سڏيندا آهن.