هڪ اک جو پيار
مون کي ياد آھي تہ ھڪڙي ڏينھن ھوءَ منھنجي اسڪول ھلي آئي. مون کي ڏاڍو عجيب لڳو، ھوءَ مون سان ائين ڪيئن ڪري سگهي ٿي! مون ھُن تان اکيون ھٽائي ڇڏيون ھيون ۽ اسڪول مان ڀڄي ويو ھئس. ويندي ويندي بہ ھڪ نفرت ڀري نگاھہ وڌي ھئي مانس. ٻئي ڏينھن تي منھنجي ھر ڪلاس فيلو، اسڪول ۾ مون تي کِلندي چيو ھو، ”اڙي.... تنھنجي ماءُ کي تہ صرفَ ھڪ اک آھي. ھن کي ٻي اک ڇو ڪونھي؟“
مون پنھنجو پاڻ کي دفن ڪرڻ پئي گهريو ۽ منھنجي اِھا بہ وڏي خواھش ھئي تہ منھنجي ماءُ ڪٿي گم ٿي وڃي، اُن ڏينھن مون ھُن سان زبردست جهيڙو ڪندي چيو ھو ”جي تون سڄي دنيا جي سامھون مون کي کل جو سامان پئي ٿي بڻائين تہ ان کان اِھا ڳالھہ چڱي ناھي تہ تون مري وڃين؟“
منھنجي ماءُ ڪابہ ورندي ڪونہ ڏني ھئي، مون ھڪڙو سيڪنڊ بہ ڪونہ سوچيو ھيو تہ مان کيس ڇا پيو چوان. مون کي مٿس ڏاڍي ڪاوڙ ھئي ۽ سندس ڪنھن بہ جذبي جو مون کي ڪوبہ احساس ڪونہ ھو.
ان رات جو مان اوچتو ننڊ مان جاڳي پيس، اُڃ لڳي ھئم، رڌڻي ڏانھن ويس تہ جيئن فرج مان پاڻي ڪڍي سگهان، تہ مون ڏٺو تہ منھنجي ماءُ اڪيلائيءَ ۾ روئي رھي ھئي. ھن پنھنجي آواز کي گُهٽي رکيو ھيو تہ جيئن مان جاڳي نہ سگهان. مون کيس ھڪ نگاھہ ڏٺو ۽ موٽي آيس. مون ھن سان ڏاڍو بيدرديءَ سان ڳالھايو ھو ۽ اھا ڳالھہ منھنجي دل کي لڳي رھي ھئي، پر تنھن ھوندي بہ مون کي ان ڳالھہ کان شديد نفرت ھئي تہ منھنجي ماءُ کي ھڪ اک ڇو آھي؟ ساڳيءَ جاءِ تي مون کي پنھنجي غربت کان بہ شديد نفرت ھئي.
مون کي بس ان گهر کان نڪرڻو ھيو. ھُن سان ڪوبہ تعلق نہ رکڻو ھيو. تنھن جي ڪري مون ڏاڍي محنت سان پڙھائي ڪئي ۽ پرڏيھہ پڙھڻ لاءِ نڪري آيس. سَيول يونيورسٽيءَ ۾ مون کي اسڪالرشپ ملي ۽ مون بي انتھا محنت سان پنھنجي پڙھائي مڪمل ڪئي.
پوءِ مون شادي ڪئي، پنھنجو ھڪ گهر ورتو. مون کي ٻار ٿيا ۽ پنھنجي خاندان ۽ پنھنجي خوبصورت گهر ۾ مان ھڪ آسودي حياتي گذارڻ لڳس. حياتيءَ ۾ خوشيون وڌ کان وڌ اچي رھيون ھيون. جو ھڪ ڏينھن اوچتو امان ان نئين گهر تائين اچي پھتي، مون کي لڳو ڄڻ منھنجي مٿان آسمان اچي ڪريو، مون رڙ ڪئي ”تون ڪير آھين؟“
پنھنجيءَ ھڪ اک جي ڪري ھُن منھنجي ڌيءَ کي بہ ڊيڄاري ڇڏيو ھو، جيڪا رڙيون ڪري ڀڄي وئي ھئي. مون پنھنجي ڪاوڙ کي سچو ڏيکارڻ لاءِ کانئس وري پڇيو ”تون ڪير آھين...؟ مان توکي نٿو سڃاڻان.“
ھن سالن کان مون کي ڪونہ ڏٺو ھو ۽ ھوءَ پنھنجن پوٽن پوٽين سان بہ ڪونہ ملي ھئي. جنھن مھل ھوءَ در وٽ آئي تہ منھنجا ٻار مٿس کلڻ لڳا ۽ مون رڙ ڪري کانئس پڇيو تہ ھوءَ بنا سڏ جي ڇو آئي آھي؟ رڙيون ڪندي چيم، ”منھنجي گهر تائين اچڻ جي تو ھمت ڪيئن ڪئي؟ مٿان وري تو منھنجي ٻارن کي ڊيڄاري ڇڏيو... نڪر ھتان... ھاڻي جو ھاڻي....“
منھنجي ان عمل تي منھنجي ماءُ ڏاڍو آھستڙي چيو ”معافي گهران ٿي، مون کي لڳي ٿو تہ شايد مان غلط ايڊريس تي پھتي آھيان.“ ھوءَ مڙي ۽ منھنجين نگاھن کان غائب ٿي وئي. ڌڻيءَ جو شڪر جو ھُوءَ ٽري وئي ۽ ھن مون کي ڪونہ سڃاتو. مون کي ڏاڍو اطمينان ٿيو ھو، مون پنھنجو پاڻ کي سمجهايو تہ ھاڻي اھڙي قسم جي حادثي کي مان ڪڏھن بہ ياد ڪونہ ڪندس.
ھڪ ڏينھن اسڪول مان دعوت نامو آيو تہ پراڻا شاگرد اچي ملي وڃن. مون پنھنجي زال سان ڪوڙ ڳالھايو تہ مان ھڪ ڪاروباري دوري تي وڃي رھيو آھيان ۽ پنھنجي شھر ۾ وڃي اسڪول جي سنگتي ساٿين سان ملي آيس. اتان موٽندي الائي ڇو مان پنھنجي پاڙي مان بہ گهمندو آيس. منھنجي پاڙي وارن ٻڌايو تہ منھنجي ماءُ مري چڪي ھئي. مون کان ھڪڙو ڳوڙھو نہ نڪتو ٿيو. پاڙي وارن مون کي ھڪ خط ڏنو، جيڪو ھوءَ مون لاءِ ڇڏي وئي ھئي.
”منھنجا پُٽ، مون کي لڳي ٿو تہ منھنجي زندگي ڏاڍي وڏي ٿي وئي آھي ۽ شايد مان ھاڻي سيُول اچي نہ سگهان ۽ توکي پاڻ وٽ گهرائڻ جي ھمت مان نٿي ڪري سگهان. مان ھر وقت تو بابت سوچيندي رھندي آھيان، مان معافي ٿي گهُران تہ مان تنھنجي گهر آيس ۽ تنھنجي ٻارن کي اچي ڊيڄاريم. مون کي ڏاڍي خوشي ٿي، جڏھن اِھا خبر پيم تہ تون ھتي پنھنجي اسڪول جي دعوت تي ايندين، پر مان بيماريءَ جي ڪري شايد بستري تان اٿڻ جي لائق نہ ھجان. مان شرمسار آھيان، جو مان سڄي عمر تنھنجي لاءِ پريشانيءَ جو سبب بڻيس ۽ تنھنجي جواني سدائين پريشان رھي.... ڏِس... جڏھن تون ننڍڙو ھئين تہ تنھنجو ھڪڙو حادثو ٿيو ھيو، ۽ تنھنجي ھڪ اک وڃائجي وئي ھئي، ھڪ ماءُ جي حيثيت ۾ مان ڪيئن پئي ڏسي سگهان تہ تون ھڪ اک سان جوان ٿين، تنھن ڪري مون پنھنجي ھڪڙي اک توکي ڏئي ڇڏي. مان پنھنجي اُن پٽ لاءِ بيحد فخرمند آھيان، جيڪو نئين دنيا کي پنھنجي ٻنھي اکين سان ڏسي ٿو ۽ منھنجي جاءِ تي ھر منزل پَسي ٿو. تون الاھي ڀيرا مون تي ڪاوڙئين، پر مون سوچيو تہ اِھو سڀ تون مون سان پنھنجي محبت جي ڪري ڪرين ٿو.
منھنجي مڙني محبتن ساڻ... تنھنجي ماءُ.“
منھنجي دنيا ختم ٿي وئي. مون ان ماڻھوءَ سان نفرت ڪئي پئي، جيڪو صرف منھنجي ڪري جي رھيو ھيو. مون کي لڳو تہ منھنجي ٻنھي اکين ۾ ڄڻ ڪا روشني ئي ناھي.