زندگيءَ ۾ ساٿَ جھڙي اهم شئي تہ ڪا آهي ڪانہ
لفظ، هٿيارن کان وڌيڪ ڏُکائيندا آهن. مون پنھنجي ڀر ۾ ويٺل ڪُراڙي ڏانھن ڏٺو. دِل ۾ آيم تہ ڪا سخت ورندي ڏيانس، پر هاڻي مون ۾ ڪنھن ٻئي جهيڙي ڪرڻ جي ڪابہ طاقت ڪونہ هُئي.
”مون گاڏي ڏٺي هُئي بابا... ۽ مھرباني ڪري، جڏهن مان ڪار هلايان تہ مون تي رڙيون نہ ڪندو ڪر.“
بابا مون ڏي گُهوري نھاريو ۽ وري مُنھن موڙي دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳو.
گهر پھچي مون بابا کي ٽيليوزن جي سامھون ويھاريو ۽ ٻاهر نڪري، پنھنجن خيالن کي گڏ ڪرڻ لڳس. ڪارا ڪڪر ڄڻ وسڻ لاءِ تيار هُئا. پريان گوڙ بہ ٿي رهي هُئي ۽ مُنھنجي دل ۾ بہ هڪ گوڙ هُيو تہ مان هِن جو ڇا ڪيان؟
بابا، سدائين ٻاهر نوڪري ڪئي هُئي. هُو وڏا وڏا وڻ ڪپيندو هو ۽ مضبوط ٿُڙن کي ڪُلھن تي کڻي ايندو هو. کيس قدرت سان پيار هو ۽ هُو هِڪ سگهارو مرد هو. هُن الاءِ ڪيترا طاقت جا مقابلا کٽيا هُئا ۽ اسان جو گهر سدائين ٽرافين سان ڀريل رهيو هو.
وقت ڏاڍو تيزيءَ سان گذري ويو هو. جنھن ڏينھن هُو پھريون ڀيرو هڪ وڏو ٿُڙ کڻي نہ سگهيو هو تہ مون کيس ٻاهر هڪ بئنچ تي اڪيلو ويٺل ڏٺو هو. کيس پنھنجي وڌندڙ عُمر تي چِڙَ هُئي ۽ هاڻي جڏهن کانئس اِهو سڀ نہ پئي ٿيو تہ هُو ڏاڍو بيزار پئي ٿيو. پنھنجي ستھٺھين سالگره جي چوٿين ڏينھن تي کيس دل جو دورو پيو. تڪڙو اسپتال پھچايوسينس ۽ خوشقسمتيءَ سان هُو بچي بہ ويو، پر سندس اندر ۾ ڄڻ ڪير مري ويو هو. جياپي لاءِ سندس سَڌ ڄڻ ختم ٿي وئي هُئي. هُن ڊاڪٽرن جا مشورا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ ڪڏهن ڪڏهن تہ موٽ ۾ ڊاڪٽر تي ڪاوڙ ۽ ٽوڪون بہ ڪندو هو. وٽس ايندڙ ماڻھن جو انگ گهٽجندو ويو ۽ هڪڙي ڏينھن هُو بلڪل اڪيلو رهجي ويو هو.
مُنھنجي مُڙس ڊِڪ ۽ مون کيس پاڻ سان گڏ رهائڻ لاءِ سوچيو. اسان وٽ هڪ ننڍڙو فارم هائوس هو ۽ اسان سمجهيو پئي، تہ ٿي سگهي ٿو تہ تازي هوا ۾ کيس بھتر ماحول ملي سگهي. صلاح ڪرڻ کان هفتو کن پوءِ هُو اسان وٽ آيو، پر اسان ٻنھي کي لڳو تہ ڄڻ اسان کيس اها صلاح اجائي ڪئي هُئي. هُو مُنھنجي هر ڳالھہ تي تنقيد ڪندو هو. آهستي آهستي مان بہ بيزار ٿيڻ لڳس ۽ پنھنجي ڪاوڙ پنھنجي مُڙس تي لاهڻ لڳس، نتيجي ۾ اسان ٻنھي جا جهيڙا وڌڻ لڳا.
ڊڪ اسان جي ماهرِ نفسيات سان صلاح ڪئي، جنھن چيو تہ توهان جي پيءُ وٽان برداشت جي قوت ختم ٿي وئي آهي ۽ ٿي سگهيوَ تہ کيس ڪنھن ڪُراڙن جي مددگار سينٽر تي ڇڏي اچو. مون ٻئي ڏينھن کان نفسياتي ادارن جا نمبر ملائڻ شروع ڪيا، هر اداري مُنھنجو مسئلو ٻُڌڻ کان پوءِ اِن حالت ۾ مدد ڪرڻ کان انڪار ڪيو، ڇاڪاڻ تہ کين ڊپ هو تہ متان اِهو طاقتور ڪُراڙو اُتي اچي ڪو نقصان نہ ڪري وجهي.
جنھن مھل مُنھنجي اُميد بلڪل ختم پئي ٿي ۽ مون آخري سينٽر سان فون تي پئي ڳالھايو تہ هِڪ سنهڙي آواز مون کي چيو، ”ترس... مون هِڪ آرٽيڪل پڙهيو آهي توکي ٻُڌايان ٿي... شايد اِن مسئلي جو حل نڪري اچي.“
هُن آرٽيڪل پڙهي ٻُڌايو، جنھن ۾ اها تحقيق ڪئي وئي هُئي تہ جيڪي بہ مريض ذهني دٻاءُ جو شڪار هُئا، اُنھن جي حالت تڏهن سُڌرڻ لڳي هُئي جڏهن هُنن هڪڙو هڪڙو ڪُتو پالڻ شروع ڪيو هو.
مان اُن مھل ئي جانورن جي هڪ مرڪز ڏانھن ڀڳس. جڏهن مون سوال نامو ڀري ورتو تہ هِڪ يونيفارم واري ملازم مون کي ڪُتڙن جي گهرن تائين پھچايو. هر گهر ۾ پنج کان ست ڪُتا هُئا، جن مان هر ڪو مون تائين پھچڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. مان هِڪ هِڪ کي ڏسندي ويس ۽ هر ڪنھن کي رد ڪندي ويس. اوچتو مون کي پريان هِڪ ڪُنڊ ۾ هڪڙو ڪُتو نظر آيو، جيڪو ڄڻ پنھنجي پاڻ کي سنڀالڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو. سندس اکين ۾ الاءِ ڇا هو. اُهي ماٺڪيون هيون، صاف هيون ۽ ڄڻ ڪو پيغام ڏئي رهيو هيون. مون عملدار کي ڪُتي ڏانھن اشارو ڪندي پُڇيو، ”مون کي اِن جي باري ۾ ٻُڌائيندين؟“
عملدار پنھنجو ڪنڌ حيرت ۾ لوڏيو ۽ چيائين، ”اِهو تہ عجيب ڪُتو آهي، الاءِ ڪٿان کان آيو ۽ اچي اسان جي مرڪز جي ٻاهران در وٽ ويھي رهيو. اسان کيس اندر وٺي آياسين ۽ سوچيوسين تہ ڪو نہ ڪو سندس مالڪي ڪرڻ لاءِ ايندو. ٻہ هفتا ٿي ويا آهن پر ڪوبہ نہ آيو آهي. هِن جو وقت بہ اچي سڀاڻي تائين پورو ٿيو آهي.“
سندس آواز ۾ عجيب بيوسي هُئي ۽ سندس آخري جملي مون کي ڇرڪائي ڇڏيو. مون پُڇيو، ”تُنھنجو مطلب تہ سڀاڻي هِن کي اوهان ماري ڇڏيندؤ؟“
”ميڊم“ هُن نرميءَ سان وراڻيو، ”اِها اسان جي پاليسي آهي. جيڪڏهن ڪنھن بہ ڪُتي لاءِ ڪو مالڪ نٿو هُجي تہ اُن کي ماري ڇڏبو آهي.“
مون ڪُتي ڏانھن وري نھاريو. خاموش ناسي اکيون، ڄڻ مُنھنجي فيصلي جون منتظر هيون. مون عملدار کي چيو، ”مون کي اِهو ڪُتو گهرجي.“
پنھنجي گاڏيءَ ۾ ڪُتي کي کڻي، گهر ٻاهران هارن ڏنم ۽ سامھون ويٺل بابا کي ڏسندي رڙ ڪيم، ”بابا ڏسو مون توهان لاءِ ڇا آندو آهي.“
بابا نھاريو ۽ سندس مُنھن ۾ گهنج پئجي ويا هُئا. ”جي مون کي ڪُتو کپي ها تہ مان پاڻ نہ وڃي وٺي اچان ها ۽ ٻي ڳالھہ تہ هِي تو جيڪا هڏين جي مُٺ آندي آهي، اُنھي کان تہ ڪو سٺو ڪُتو وٺي اچين ها. اِهو پاڻ وٽ رک... مون کي نٿو کپي.“ هُو اُٿيو ۽ گهر ڏانھن وڃڻ لڳو. مون ڪاوڙ وچان رڙ ڪئي، ”بابا... پنھنجو پاڻ کي هيرائي ڇڏ... هي ڪُتو هاڻي هِن گهر ۾ رهندو.“
بابا مون تي ڪوبہ ڌيان ڪونہ ڏنو مون وري رڙ ڪئي، ”تو مون کي ناهي ٻُڌو ڇا بابا؟“ مُنھنجي ٻي رڙ تي بابا مُٺيون ڀڪوڙيون ۽ اڃا ڪُجهہ چوڻ وارو ئي هو، جو اوچتو ڪُتو مون کان رسي ڇنائي، ڀڳو ۽ وڃي سندس پيرن ۾ ويٺو. پُڇ لوڏيندي آهستي آهستي هُن پنھنجا چنبا مٿي ڪيا ۽ بابا جي بُوٽن تي ڦيرڻ لڳو. بابا جي ڄاڙي ڏڪڻ لڳي. کيس ڄڻ محبت جو عجيب احساس ٿي رهيو هو. ڪُتڙو اڃا تائين سندس پيرن کي پيار ڪري رهيو هو. بابا جُهڪيو ۽ ڪُتي کي پنھنجي هنج ۾ کڻي ورتائين.
هِڪ بھترين دوستيءَ جي اها شروعات هُئي. بابا ڪُتي جو نالو ’چائني‘ رکيو ۽ هاڻي بابا ۽ چائني جتي ڪٿي گڏ نظر ايندا هُئا. هُو سمنڊ ڪناري گڏ گهمندا هُئا. بئنچن تي گڏ ويھندا هُئا، باغن ۾ گڏ ويندا هُئا ۽ هاڻي تہ آهستي آهستي چائني بابا سان گڏ بستري ۾ بہ سُمھڻ لڳو. هُنن گڏجي پنھنجا ڪيترائي دوست بہ ٺاهي ورتا هُئا. ڪڏهن ڪڏهن مون کي ۽ ڊڪ کي سندن ٽھڪن جا آواز ٻُڌڻ ۾ ايندا هُئا تہ ڏاڍي خوشي ٿيندي هُئي.
ٽي سال الاءِ ڪيئن گذُري ويا. هِڪ رات جو اوچتو مون کي محسوس ٿيو تہ چائني ڄڻ اسان جي بيڊ روم جو در کڙڪائي رهيو هو، مون ڊڪ کي اُٿاريو ۽ اسين بابا جي ڪمري ڏانھن وياسين. بابا وفات ڪري چُڪو هو.
ٻن ڏينھن کان پوءِ مُنھنجي ڏُک ۾ اڃا بہ واڌ اچي وئي، ڇاڪاڻ تہ بابا جي پلنگ جي پاسي کان چائني بہ گُذاري ويو.
مُنھنجي مُڙس ۽ مون چائني کي سندس محبوب باغ جي پاسي کان دفن ڪيو ۽ مون کي ڏاڍي حيرت ٿي، جڏهن مون ڏٺو تہ بابا ۽ چائني جا الاءِ ڪيترا دوست هُنن کان سواءِ ويڳاڻا ٿي ويا هُئا.