منھنجي ماءُ، دنيا جي خودغرض ترين امڙ هئي!
جڏهن ٻار نيرن ۾ چاڪليٽ کائيندا آهن، تہ مان رٻَ پيو کائيندو هُئس يا وري بيدا ۽ ڊبل روٽي مُنھنجو نصيب هوندا هُئا. جڏهن ٻيا لنچ ۾ بوتلون پيا پيئندا هُئا يا برگر پيا کائيندا هُئا تہ مون وٽ سدائين گهر جو ٺھيل سينڊوچ هوندو هو. بس توهان حال ڄاڻي سگهو ٿا، مان ٻين ٻارن کان مختلف هوندو هُئس، پر اُن ڀوڳنا ۾ مان ڪو اڪيلو ڪونہ هُئس. مُنھنجي ڀيڻ ۽ ٻہ ٻيا ڀائر بہ اِن خودغرض ماءُ کي ائين ئي ڀوڳيندا هُئا، جيئن مان ڀوڳيندو هُئس.
امان جو ان ڳالھہ تي زور هوندو هو تہ کيس خبر هُئڻ گهرجي، تہ اسين سڀ ڪٿي آهيون. ائين لڳندو هو ڄڻ ڪنھن زنجير سان ٻڌل هُجون. کيس ان ڳالھہ جي پَڪَ ڪرڻي هوندي هُئي تہ اسان جا دوست ڪھڙا ڪھڙا آهن ۽ اسين ڪيڏانھن ڪيڏانھن وڃون ٿا. سندس ان ڳالھہ تي اصرار هوندو هو تہ جي اسين هِڪ ڪلاڪ جي موڪل وٺي گهران وڃون ٿا تہ اهو هڪ ڪلاڪ کان گهٽ تہ ٿي سگهي ٿو، هڪ ڪلاڪ کان هڪ منٽ بہ مٿي ٿي نٿو سگهي. مون کي اهو سڀ تسليم ڪندي، شرم اچي ٿو پر هُوءَ واقعي بہ سڀ ائين ئي ڪندي هُئي.
ائين بہ ٿيندو هو تہ ڪڏهن ڪڏهن اسين پنھنجي منَ ماني ڪندا هُئاسين ۽ پوءِ بابا جي سُوٽَ جو پراڻو پَٽو اسان جي مرمت ڪندو هو. ڇا توهان ان ڳالھہ جو تصور ڪري سگهو ٿا، تہ هڪ پٽو ٻارن کي ڪُٽي ٿو صرف ان ڪري جو اُنھن نافرماني ڪئي هُئي!؟ هاڻي توهان کي سمجهہ ايندي هوندي نہ تہ امان ڪيڏي نہ خودغرض هُئي.
اسان کي صاف ڌوتل ڪپڙا پائڻا پوندا هُئا ۽ اُن کان اڳ وهنجڻو ضرور پوندو هو. ٻيا ٻار ساڳيا ساڳيا ڪپڙا الاءِ ڪيترا ڏينھن لاڳيتا پيا پائيندا هُئا. اسان لاءِ بي عزتيءَ جو شديد ترين احساس اهو بہ هوندو هو، تہ هُوءَ اسان جا ڪپڙا پاڻ سبندي هُئي تہ جيئن پئسا بچائي سگهجن. اسان جي ماءُ الاءِ ڇو اهڙي هُئي! جيڪا ٻين کان الڳ الڳ پئي لڳندي هُئي.
اڃان اُن کان وڌيڪ بدتر ڳالھہ ٻُڌو. اسان کي هر رات نائين وڳي کان اڳ سمھڻو پوندو هو ۽ هر صبح جو اٺين وڳي اُٿڻو لازم هو. پنھنجي دوستن جيان اسان ٻپھريءَ تائين ننڊون نہ ڪري سگهندا هُئاسين. اُن مھل جنھن مھل هُو ننڊن جا مزا ماڻيندا هُئا، اسان جي ماءُ اسان کان ڪم ڪرائيندي هُئي. اسان کي ٿانوَ ڌوئڻا پوندا هُئا، بسترن جون چادرون سِڌيون ڪرڻيون پونديون هيون. هر قسم جو کاڌو رڌڻ سِکڻو پوندو هو. اسان کي لڳندو هو تہ هُوءَ سڄي رات جاڳي، اسان تي مختلف ظلم ڪرڻ لاءِ سوچيندي رهندي هُئي. سمھندي ئي ڪونہ هُئي. هُوءَ سدائين اسان کي صرف ۽ صرف سچ ڳالھائڻ لاءِ چوندي هُئي، پوءِ ڀلي اُن ۾ موت ڇو نہ اچي.
جڏهن اسان مُڇن جي ساوَڪ سان ٿياسين تہ هُوءَ اڃان وڌيڪ هوشيار ٿي چُڪي هُئي ۽ اسان جون حياتيون اڃان وڌيڪ ڏُکيون بڻجي ويون هيون. اسان جو ڪوبہ دوست گهٽيءَ ۾ گاڏيءَ جو هارن ڪونہ وڄائيندو هو، ڇو جو هُوءَ سوچيندي هُئي تہ متان ڪو پاڙي ۾ آرام ڪندو هُجي يا وري بيمار هُجي. سڀني دوستن کي گهر جي در تي اچي سڏڻو پوندو هو، جيڪو اسان کي ڏاڍو شرمسار ڪندو هو. مون کي ميڪسيڪو فرار ٿيڻ جو وجھہ بہ نہ پئي مليو ۽ مٿان وري جڏهن مُنھنجا دوست پنھنجين ڇوڪرين دوستن سان ٻارنھن تيرهن سالن جي عُمر ۾ گڏجي گهمي ڦري سگهيا پئي، تہ امان مون کي اها اجازت پندرنھن سالن جي عُمر کان پوءِ ڏني، جڏهن مان ڏاگهہ ٿي چُڪو هُئس.
اُنھن سالن ۾ اسان ڪابہ واڌ ويجهہ نہ ڪئي. اسين پنھنجن دوستن وانگر، ڪوڙ بدوڙ هڻي، هنڌ ۾ سمھي، بيمار هُئڻ جي اداڪاري نہ ڪري سگهندا هُئاسين ۽ اسڪول کان ڀڄي نہ سگهندا هُئاسين. هُو تہ ڳالھہ ڳالھہ تي موڪل ڪندا هُئا ۽ اسان کي ضرور بہ ضرور سُٺيون مارڪون ۽ فُل حاضري وٺڻي هوندي هُئي. اسان جي دوستن جا رزلٽ ڪارڊز مختلف رنگن سان ڀريل هوندا هُئا، فيل ٿيڻ لاءِ ڳاڙهو رنگ ۽ پاس ٿيڻ لاءِ ڪارو. اها بہ مصيبت هُئي، جو امان کي اهو ڪارو رنگ ڏاڍو پسند هو ۽ اسا جا ڪارڊز سدائين ڪارا رهيا. ڪاري کان سواءِ ڪوبہ ٻيو رنگ انھن تي چِٽجي نہ سگهيو.
جيئن جيئن وقت گذرندو رهيو، اسان سڀ شرمناڪيءَ جي حالتن مان گُذرندا رهياسين. سڀني ٻارن هاءِ اسڪول مان گريجوئيٽ ڪيو. امڙ اسان جي، ڪُجهہ داٻا، ڪاوڙ ۽ سختيون ڪندي رهي ۽ ڪير بہ اسڪول مان، سواءِ عزت جي، ٻيو ڪُجهہ بہ حاصل نہ ڪري سگهيو. اسان کي تہ ڪڏهن ڪنھن ڪلاس مان بہ ڪونہ ڪڍيو.
امان، ماءُ جي حيثيت سان مُڪمل ناڪام وئي. سندس چئن ٻارن مان سڀني اعليٰ تعليم حاصل ڪئي. اسان مان ڪوبہ ڪڏهن گرفتار نہ ٿيو، نہ ڪا طلاق ڏنائين ۽ نہ وري زال يا مُڙس تي هٿ کنيائين. اسان مان هر هَڪ ڀاءُ وطن جي خدمت ۾ حصو ادا ڪندو رهيو. هاڻي اُن سڄي شرافت لاءِ اسان ڪنھن کي ڏوهي چئون؟! بلڪہ ٺيڪ... سڄو ڏوھہ اسان جي خودغرض ماءُ جو ئي آهي... ڏسو نہ ڪھڙيون ڪھڙيون شيون اسان نہ ڪري سگهياسين! ڪڏهن احتجاج ۾ شريڪ ٿي نہ سگهياسين، نہ ڪٿي باھہ ڏنيسين نہ ڀڃ ڊاھہ... نہ ڪا چوري نہ گوڙ، جيڪو لکين ماڻھو ڪندا آهن.
هُن اسان کي خُدا جو خوف محسوس ڪرائيندي، پرورش ڪئي ۽ ايماندار ماڻھو ٺاهيو. اُن ڳالھہ کي بُنياد بڻائيندي، مان پنھنجن ٽن ٻارڙن جي پرورش ڪري رهيو آهيان ۽ مُنھنجو قد ٿورو اوچو ٿئي پيو، ڇو جو مان بہ اُن مھل فخر محسوس ڪندو آهيان، جڏهن مُنھنجا ٻار، مون کي، خودغرض پيءُ سڏيندا آهن.
مان ڌڻيءَ جو بيحد شڪرگُذار آهيان، جنھن مون کي دُنيا جي خود غرض ترين ماءُ ڏني.