محبتن جو بار ڪير کڻي سگهندو آهي؟
”توکي مون سان ڪيتري محبت آهي؟“
ڪَيون کي ڳالھائڻ ۾ هٻڪ ٿيندي هُئي. اظھار ۾ ڪمزور هوندو هو. رڳو جيڪِي پڇبو هئس، ان جو ئي جواب ڏيندو هو، پر اپٽا جو پارو چڙهيل ئي رهندو هو. هُوءَ ڄاڻندي هُئي تہ هُو پيار شديد ڪري ٿو، پر اهو سڀ ٻڌڻ بہ گهرندي هئي، مٿان وري گهر وارن جا طعنا تُنڪا... هُوءَ سڄي ڪاوڙ مٿس ڇنڊيندي هُئي. ڪَيوَن بس پيو مرڪندو هو. هن ڪڏهن بہ کيس اهو نہ چيو تہ تون اهو ڇو ٿي ڪرين؟ هُو بس، ساڻس شديد ترين پيار ڪندو هو.
يونيورسٽي مڪمل ٿي ۽ ڪَيوَن پنھنجي پڙهائي، ٻئي ملڪ ڪرڻ لاءِ پئي ويو تہ وڃڻ کان پھرين هُن، اپٽا کان سندس هٿ گهريو.
”مون کي هي سڀ چوڻ نٿو اچي اپٽا... خبر ناهي ڪيئن چئجي پر بس. مان سڄي عمر تنھنجو خيال رکڻ ٿو گهران، مان سڄي عمر توسان گهارڻ ٿو گهران، مان تنھنجي گهر وارن جي راءِ بہ ڄاڻان ٿو، پر انھيءَ کي بدلائڻ لاءِ مان شديد محنت ڪندس.“
الاءِ ڪھڙيون گهڙيون هيون، اپٽا مَڃي وئي، سندس دل ۾ بہ محبت تہ هُئي ئي هُئي، عمر بہ وڌي پئي، سندس مائٽن سندس چاھہ ڏسندي ۽ اهو بہ ڏسندي تہ اهو رشتو سالن کان هلي پيو، هنن سان راضي ٿيا. ڪَيوَن کي ٻئي ملڪ وڃڻو هو، سندس وڃڻ کان پھرين رسم ڪئي وئي، اپٽا اتي ئي رهي ۽ سماجي خدمتن جي هڪ اداري سان واڳجي وئي. جڏهن تہ ڪَيوَن ٻاهر هليو ويو.
خطن ۽ فون وسيلي اهو رابطو قائم رهيو، محبت جي ڌُن، وقت جي تارَ تي وڄندي رهي.
هڪ ڏينھن ڪم تان موٽندي، هڪ بس اسٽاپ ويجهو روڊ ڪراس ڪندي هڪ بي قابو ڪار، اپٽا کي ڌڪي وڌو، کيس اسپتال پھچايو ويو، هُوءَ لاڳيتي بيھوش رهي ۽ جڏهن هوش آيس تہ سڀني گهر وارن کي پڪ ئي نہ پئي اچي. هُوءَ موت جي مُنھن مان بچي نڪتي هُئي، ڇاڪاڻ تہ حادثو شديد هو. جاڳڻ کان پوءِ هن مائٽن جي اکين ۾ ڳوڙها ڏٺا، همٿ پڪڙيندي هُن کين آٿت ڏيڻ گهري، پر کيس احساس ٿيو تہ سندس آواز تہ هو ئي ڪونہ. هُوءَ گُونگي ٿي وئي هُئي. ڊاڪٽرن سندس مائٽن کي اڳ ۾ ئي ٻُڌايو هو تہ حادثي جي ڪري سندس دماغ تي ڌڪ لڳو آهي ۽ هُوءَ هاڻي سڄي عمر ڳالھائي ڪونہ سگهندي.
مائٽن جي دلداريءَ جي باوجود، هُوءَ هاڻ لاڳيتو روئندي رهندي هُئي. ڊاڪٽرن بہ کيس ڏاڍو سمجهايو، پر سندس ڏُک جَهڪو نہ پيو ٿئي، آخر کيس اسپتال مان گهر موڪليو ويو. جتي هر شئي ساڳي هُئي. اهو ئي آرام، اطمينان ۽ قرب هُو، پر هاڻي فون جي گهنٽي هڪ عذاب بڻجي وئي هُئي، بيل تي بيل وڄندي هُئي پر هُوءَ هاڻي ڪَيوَن کي ٻُڌائي نہ پئي سگهي تہ هن سان ڇا ٿيو آهي. هن فيصلو ڪيو ۽ ڪَيوَن کي خط لکيائين تہ هي رشتو هاڻي ختم آهي. هُوءَ مٿس بار ٿيڻ نہ ٿي گهري. خط ساڻ هن مڱڻيءَ جي مُنڊي بہ واپس موڪلي ڇڏي.
ڪَيوَن جا خط لاڳيتا آيا پئي. فونون آيون پئي، پر اپٽا، سڀني کي روڪي ڇڏيو هو تہ ڪوبہ اٽينڊ نہ ڪندو، ڪوبہ ڪا چٺي نہ لکندو.
سندس پيءَ، اپٽا جو درد ڄاتو پئي، هن گهر مَٽائي، ٻيءَ جاءِ تي ورتو تہ جيئن ماحول مَٽجي ۽ اپٽا خوشين ڏانھن موٽ کائي. اتي اچي اپٽا، ڪُجهہ پاڻ سنڀاليو، اهو پاڙو ئي ڇڏي آئي هُئي، جنھن سان اهي سڀ يادون سلھاڙيل هيون، نئين گهر اچي هُن اشارن جي زبان سکي. ڪَيون کي وسارڻ جي ڪوشش ۾، هن پاڻ کي معذورن جي اسڪول ۾ مصروف ڪري ڇڏيو.
هڪ ڏينھن سندس هڪ ساهيڙيءَ ٻُڌايو تہ ڪَيوَن موٽي آيو آهي ۽ کيس هر هنڌ ڳوليندو رهي ٿو. کيس رشتي جو ٽُٽڻ قبول ناهي، اپٽا پنھنجي ساهيڙيءَ کي چيو تہ، ”ڪَيوَن کي بلڪل بہ خبر نہ پوڻ گهرجي تہ هُوءَ هاڻي ڪٿي آهي. جي هُو ملي بہ ٿو تہ کيس چئي تہ هُو هاڻي اپٽا کي وساري ڇڏي.“
سڄو سال ڪَيوَن جي ڪا خبر نہ رهي. هڪ ڏينھن وري ان ساهيڙيءَ اپٽا کي ٻُڌايو تہ ڪَيوَن شادي پيو ڪري ۽ اهو ٻُڌائي هُن شاديءَ جو ڪارڊ اپٽا جي حوالي ڪيو، هن ڪارڊ کوليو، ڪنوار جي جاءِ تي سندس نالو لکيل هو.
اوچتو کيس سڀ ڪُجهہ ڀريل ڀريل محسوس ٿيو، ڪَيوَن سندس سامھون اچي بيٺو هو ۽ اشارن جي زبان ۾ ڳالھائي رهيو.
”مان سڄو سال ان ڪري غائب هُئس، جو مون اها اشارن جي ٻولي، مڪمل طرح سان سکڻ پئي گهري. اڳي جڏهن وات مان نڪتل لفظ، کٽُل هوندا هُئا ۽ مان توکي صحيح نموني نہ چئي سگهندو هُئس. هاڻي هر حال ۾ مان پنھنجي باقي زندگي توسان تنھنجي ٻوليءَ ۾ ڀرپور اظھار سان گذارڻ ٿو گهران. پنھنجو واعدو پاڙي مُنھنجو هٿ جهل ۽ مون کي پنھنجا سڀ آواز سمجهہ.“ اکين جا ڳوڙها بيٺا ئي نہ پئي.
اپٽا، ڪَيون جو هٿ جهلي ورتو هاڻي کيس ڪنھن بہ اظھار جي وڌيڪ ضرورت نہ هُئي