شاديءَ جھڙو ٻنڌڻ ڪو ٻيو آهي؟
هُوءَ ماٺ ڪري ويھي رهي. مون کي سندس اکين ۾ الاءِ ڇو ڏاڍو ڏُک نظر آيو.
هڪدم الاءِ ڇا ٿي ويو هو. مُنھنجو وات ڄڻ کُليو ئي نہ پئي، پر مون کي، کيس پنھنجي سوچ ٻُڌائڻي هُئي تہ مون کي کائنس طلاق پئي گهرجي.
مون موضوع کي آهستڙي آهستڙي اُڀاريو. مُنھنجن اکرن مٿس الاءِ ڪھڙو اثر پئي ڪيو، هُن ماٺ ڪري مون کي ٻُڌو ۽ نرم آواز ۾ پُڇيائين، ”طلاق ڇو؟“
مون سندس سوال کي لنوائي ڇڏيو، جنھن ڳالھہ ڄڻ کيس ڪاوڙائي وڌو. هُن ٿانوَ اڇلائي ڇڏيا ۽ مون کي رڙ ڪري چيائين، ”تون انسان ئي ناهين.“
اُن رات اسان ٻنھي رات جو پاڻ ۾ اکر بہ نہ ڳالھايو. هُوءَ سڄي رات روئندي رهي، مون ڄاتو پئي تہ هُوءَ ڄاڻڻ گهري ٿي تہ اسان جي شاديءَ کي ڇا ٿيو هو، پر مون وٽ کيس مطمئن ڪرڻ لاءِ ڪو مضبوط جواب تہ هو ئي ڪونہ. مان پنھنجي دل ’جين‘ کي ڏئي چُڪو هُئس ۽ هاڻي مون کي هِن سان قطعي محبت ڪونہ هُئي.
دِل اندر ڏوھہ جي احساس کي محسوس ڪندي، مون طلاق نامو تيار ڪرايو، جنھن ۾ کيس اسان جو گهر، اسان جي ڪار ۽ اسان جي ڪمپنيءَ جو ٽيھہ سيڪڙو حصو آيا پئي. هُن طلاق نامي ڏانھن نھاريو ۽ اُن کي ٽُڪر ٽُڪر ڪري ڇڏيائين. اُها عورت جنھن مون سان ڏھہ سال گُذاريا هُئا. هاڻي مون لاءِ اجنبي پئي ٿي. مون کي سندس وقت، ذريعن ۽ جوانيءَ جي زيانيءَ تي قياس پئي آيو، پر مان هاڻي ڇا پئي ڪري سگهيس، جڏهن مون کي جين سان شديد محبت ٿي چُڪي هُئي. آخرڪار هُن مُنھنجي سامھون رڙيون ڪري رُنو. مون کي اِن ڳالھہ جو اندازو هو. سندس اهڙي انداز جو روئڻ مُنھنجي لاءِ راحت هو. طلاق ڏيڻ جو خيال ڪيترن ئي هفتن کان مُنھنجي مَنَ ۾ هو ۽ حالتن جي هِن رُخ ۾ تہ اُهو وڌيڪ مضبوط بڻجي ويو.
ٻئي ڏينھن مان ڪم تان دير سان موٽيس تہ ڏٺم، هُوءَ ٽيبل تي ويٺي ڪُجهہ لکي رهي هُئي. مون رات جي ماني ڪونہ کاڌي هُئي، پوءِ بہ مان سِڌو سمھڻ هليو ويس ۽ جلدي سُمھي پيس، ڇاڪاڻ تہ مون جين سان هڪ زبردست مصروف ڏينھن گُذاريو هو. رات وچ ۾ مان جيڏي مھل بہ جاڳيس پئي تہ ڏٺم پئي تہ هُوءَ اُتي ئي ويٺي هُئي ۽ ڪُجهہ لکي رهي هُئي. مون کي هاڻي هُن جي رتي ڀر بہ پرواھہ ڪونہ هُئي. ڀلي پئي لکي، مان ڪنڌ ورائي وري سمھي پيو هُئس.
صبح ساڻ هُن طلاق بابت پنھنجون شرطون مُنھنجي سامھون رکيون. کيس مون کان ڪُجهہ بہ نہ پيو گهرجي. بس سندس خواهش هُئي تہ کيس طلاق کان پھرين هڪ مھيني جو نوٽيس گهرجي. هُن عرض ڪيو هو تہ اُن هڪ مھيني ۾ اسين ٻئي هڪ عام رواجي حياتي گذارڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪيون. سندس سبب ڏاڍو سادو هو. هِن مھيني ۾ اسان جي پُٽ جا امتحان ٿيڻا هُئا ۽ هُن نہ پئي چاهيو تہ اسان جي پُٽ جو امتحان، اسان جي شادي ٽُٽڻ جي ڪري خراب ٿئي.
اها ڳالھہ مون لاءِ قابلِ قبول هُئي، پر هُن هڪ ٻي ڳالھہ لاءِ بہ فرمائش ڪئي هُئي. هُن چيو هو تہ ڇا مون کي ياد آهي تہ پنھنجي شاديءَ واري ڏينھن مان ڪيئن کيس هنج ۾ کڻي، شاديءَ واري بيڊ روم تائين پھچايو هو. هُن اهو عرض ڪيو تہ اِهو سڄو مھينو مان روز کيس پنھنجي بيڊ روم مان ٻاهرئين دروازي تائين کڻي اچان. مون کي تہ هُوءَ چري لڳي، ڏاڍي کِل آيم پر پوءِ پنھنجن آخري ڏينھن جي ساٿ کي فضيلت سان گذارڻ لاءِ، مون سندس اها عجيب شرط بہ قبول ڪئي.
مون جين کي پنھنجي زال جي طلاق بابت شرطن جي خبر ڏني تہ هُوءَ ڏاڍو کِلي ۽ چيائين تہ، ”مائي چري ٿي پئي آهي.“ ڏاڍي سختيءَ سان جين اِهو جملو چيو، ”هُوءَ کڻي ڇا بہ ڪري، طلاق تہ کيس ٿيڻي ئي آهي.“
جڏهن کان مون کيس طلاق ڏيڻ جو سوچيو هو تہ الاءِ ڇو مون کي هُن سان گڏ گذارڻ لاءِ لمحن جي ضرورت ئي ڪونہ پئي هُئي. هاڻي جڏهن هيترن ڏينھن کان پوءِ مان کيس پنھنجين ٻانھن ۾ کڻي ڪمري کان ٻاهر آيس تہ مُنھنجي پُٽ تاڙيون وڄايون ۽ کِليو تہ بابا امان کي هنج ۾ کنيو پيو اچي. ڪمري کان مھمان خاني تائين، وري ٻئي در تائين، وري ٻئي ڪمري جي در تائين تقريبن 15 ميٽر مان کيس ٻانھن ۾ کڻي گهمندو رهيس. هُن پنھنجون اکيون بند ڪري ڇڏيون هيون ۽ مُنھنجي ڪَن ۾ سرگوشي ڪندي چيو هُئائين، ”اسان جي پُٽ کي اسان جي طلاق جي خبر نہ پوڻ گهرجي.“
گهر جي در تان هُوءَ بس پڪڙڻ لاءِ بيھي رهي ۽ مان اڪيلو ئي پنھنجي آفيس هليو ويو هُئس. ٻئي ڏينھن، هنج ۾ کڻي هلڻ جو اِهو عمل ڪُجهہ سَوَلو ٿي ويو. کڻي هلڻ دوران مون کي احساس ٿيو تہ مون تہ ڪيترن ڏينھن کان کيس ڏٺو ئي ڪونھي. هُوءَ هڪدم پوڙهي ٿي وئي هُئي، سندس چھري تي گهنج پئجي ويا هُئا ۽ سندس وار اڇا ٿي رهيا هُئا، اسان جي شاديءَ ڄڻ کيس پيڙهي رکيو هو. هڪ لحضي لاءِ مون سوچيو تہ مون هِن سان ڇا ڪري ڇڏيو.
چوٿين ڏينھن جڏهن مون کيس هنج ۾ کنيو تہ لڳم تہ ڄڻ چاھہ موٽي پيو ٿو. هيءَ اُها ئي عورت هُئي، جنھن پنھنجي حياتيءَ جا ڀرپور 10 سال مون کي ڏنا هُئا.
پنجين ۽ ڇھين ڏينھن بہ مون کي اِهو ئي احساس ٿيو تہ اسان جي پنھنجائپ وڌي پئي. مون جين کي اِن بابت ڪُجهہ بہ نہ ٻُڌايو. لڳم پئي تہ مھينو ڄاڻ ڪِي گُذريو. هر گذرندڙ ڏينھن مون کي طلاق لاءِ طاقتور بڻائي رهيو هو.
هڪ صبح جو هُوءَ پائڻ لاءِ ڪپڙن جي چونڊ ڪري رهي هُئي. ڪيترائي وڳا ڏٺا هُئائين، پر کيس لڳو پئي تہ اُهي سڀ کيس ويڪرا ٿي رهيا هُئا، مون کي احساس ٿيو تہ هُوءَ تہ وزن ۾ ڪرِي پئي آهي ۽ پوءِ مون سوچيو، تڏهن تہ مان کيس ايڏو سوَلائيءَ سان کڻي سگهان ٿو. اوچتو مُنھنجي اندر کي ڌڪ لڳو تہ هُن پنھنجي اندر ۾ ڪيڏو نہ درد ۽ ڪاوڙ لڪائي رکي آهي. لاشعوري طور مان اڳيان وڌيس ۽ سندس مٿي کي ڇھيم.
تنھن مھل ئي اسان جو پُٽ آيو ۽ چيائين، ”بابا امان کي ڪڇ ۾ کڻڻ جو وقت اچي ويو آهي.“ هُو روز پنھنجي پيءُ کي اهو عمل ڪندي ڏسندو هو ۽ هرِي ويو هو. مُنھنجي زال، ننڍڙي کي پاڻ ڏانھن سڏيو ۽ ڇِڪي ڀاڪر پاتائينس. مون پنھنجو مُنھن ڦيري ڇڏيو تہ متان هِن گهڙيءَ مان ڪمزور ٿي وڃان ۽ طلاق بابت پنھنجو فيصلو بدلائي نہ ڇڏيان.
مون کيس هنج ۾ کنيو ۽ روز جيان اِن ڪرت کي مُڪمل ڪيو. اڄ الاءِ ڇو سندس وزن اڃا بہ هلڪو پئي لڳو.
آخري ڏينھن تي جڏهن مون هُن کي پنھنجين ٻانھن ۾ کنيو تہ مان الاءِ ڇو هِڪ وک بہ نہ پيو هلي سگهان، اسان جو پُٽ اسڪول ويو هو. مون پنھنجي زال کي ٻانھن ۾ سگهارو جهليو ۽ چيم، ”مون کي ڪڏهن خيال ئي نہ آيو تہ اسان جو اتساھہ ختم ٿي ويو آهي.“
مان آفيس ويس، ڪار مان ٻاهر نڪتس ۽ بنا گاڏيءَ جي لاڪ ڪئي اندر ڀڳس تہ جيئن مان پنھنجو فيصلو نہ بدلايان. ڊوڙندي ڏاڪا چڙهيس. جين در کوليو ۽ مون کيس چيو، ”سوري جين... مون کي هاڻ طلاق نٿي کپي.“
هُن مون ڏي نھاريو، حيرت سندس مُنھن تي واضح هُئي. مُنھنجي نرڙ کي ڇھيائين ۽ پُڇيائين، ”توکي بُخار تہ ناهي؟“ مون سندس هٿ پنھنجي پيشانيءَ تان هٽايو ۽ چيم، ”سوري جين... چيم نہ... تہ مون کي هاڻي طلاق نٿي کپي، مُنھنجي شادي شدہ زندگي شايد اِن ڪري خراب ٿي وئي هُئي، جو اسان هِڪٻئي تي ڌيان نہ پئي ڏنو ۽ هاڻي جڏهن مون کي اهو احساس ٿو ٿئي تہ مان کيس شاديءَ واري ڏينھن پنھنجي هنج ۾ کڻي گهر وٺي ويو هُئس تہ مون کي موت تائين اِهو ساٿ نہ ٽوڙڻ گهرجي.“
جين ڄڻ جاڳي پئي. هُن مون کي چماٽ وهائي ڪڍي ۽ روئڻ ويھي رهي. مان موٽي آيس. گُلن جي هِڪ دُڪان تان پنھنجي گهر واريءَ لاءِ گُلدستو ورتم. گل وڪڻندڙ ڇوڪريءَ پُڇيو تہ ”ڪارڊ تي ڇا لکان؟“ مان مُرڪيس ۽ پاڻ لکيم، ”مان سڄي عُمر توکي هنج ۾ کڻي هلندس، جيسيتائين موت اسان کي جُدا ڪري.“
اُن شام مان گُلن ساڻ گهر پھتس ۽ الاءِ ڪيترن ڏينھن کان پوءِ مُنھنجي مُک تي آسودي مُرڪ هُئي. ڏاڪا چڙهندو، ڊوڙندو وٽس ويس. هُوءَ بستري تي مُئل هُئي.
مُنھنجي زال کي الاءِ ڪيترا مھينا اڳ ڪينسر ٿي هُئي ۽ مان جين جي حُسن ۾ ايترو تہ محوِ هُئس، جو مون مٿس ڪو ڌيان ئي ڪونہ ڏنو. کيس خبر هُئي تہ هُوءَ تمام جلدي مري ويندي ۽ تنھن ڪري ئي هُن اسان جي پُٽ کي، اسان جي ساٿ جي ٽُٽڻ کان بچائڻ پئي گهريو. پنھنجي پُٽ جي سامھون هُوءَ مون کي سدائين لاءِ هڪ وفادار ۽ محبت ڪندڙ مُڙس ثابت ڪري وئي هُئي.