جُهونگارڻ لاءِ ٻيون دنيائون بہ هونديون آهن
تنھن زماني ۾ ٽيليفون تائين پھچڻ لاءِ منھنجو قد تمام ننڍو هو، پر جڏهن بہ اها وڄندي هئي ۽ منھنجي ماءُ ان تي ڳالھائيندي هئي تہ مان يَڪ ٽِڪ ويٺو کيس ڏسندو رهندو هئس... پوءِ هڪ ڏينھن مون کي خبر پئي تہ ان زبردست مشين جي اندر هڪ بھترين ماڻھو بہ ويٺل آهي، جنھن جو نالو آهي، ’ڄاڻ ملندي؟‘ ۽ اُهو ماڻھو ايڏو ذهين آهي، جيڪو اوهان جي ڪنھن بہ سوال جي درست ورندي ڏيئي سگهي ٿو. اوهان کي صحيح وقت ٻُڌائي سگهي ٿو ۽ ڪنھن جو بہ نمبر اوهان تائين پھچائي سگهي ٿو. ڄڻ تہ بوتل ۾ بند ڪو جِنُ هيو.
ان آواز سان منھنجي پھرين ملاقات تڏهن ٿي هئي، جڏهن منھنجي ماءُ پاڙي ۾ هڪ ساهيڙيءَ جي گهر ويل هئي. مون گهر هيٺ تهخاني ۾ راند پئي ڪئي، جو اوچتو پنھنجي هڪ آڱر جي ننھن تي هٿوڙو وهائي ڪڍيم. سُور ڏاڍو هو، پر گهر ۾ ڪير هو، جنھن کي رڙيون ڪري ٻُڌايان هان. تڪڙو مٿي چڙهيس تہ نگاھہ پيم... اڙي ٽيليفون تہ موجود آهي. مون هڪ ننڍڙو اسٽول گهليو، مٿان چڙهي، مون ٽيليفون جو رسيوَر کنيو ۽ ڪَنَ سان لڳائيندي چيم، ”ڄاڻ ملندي؟“ مائوٿ پيس منھنجي مُنھن کان بہ مٿاهون هيو، پر مون کي ٻُڌڻ ۾ آيو پئي. هڪ صاف آواز مشين مان آيو، ”ڄاڻ!“
”مون پنھنجي آڱر زخمي ڪئي آهي.“ مون وٺي رڙ ڪئي. هاڻي ڳوڙها ڳڙڻ لڳا هئا، ڄڻ کين ڪو همدرد ملي ويو هو.
”تنھنجي ماءُ گهر ۾ ڪانھي ڇا؟“ سوال آيو.
”مون کان سواءِ گهر ۾ ڪوبہ ڪونھي.“ مون زور سان وراڻيو.
”ڇا تنھنجي آڱر مان رتُ پيو وهي؟“ آواز پڇيو.
”نہ.“ مون وراڻيو، ”مون پنھنجي آڱر کي هٿوڙو هنيو آهي ۽ هاڻي اُن ۾ ڏاڍو سُور آهي.“
”ڇا تون فرج جو برف وارو خانو کولي سگهين ٿو؟“ زناني آواز پڇيو، مون هاڪار ڪئي، ”تہ پوءِ اتان برف جو هڪ ٽُڪر کڻ ۽ پنھنجي آڱر تي مهٽيندو رھہ.“ آواز چيو.
هاڻي تہ ’ڄاڻ ملندي.‘ مون لاءِ هر ڳالھہ جو سبب بڻجي ويو. مون جاگرافيءَ جي مضمون ۾ سندس مدد گهري، هُن مون کي ٻُڌايو تہ فلاڊيلفيا ڪٿي آهي. هُن حسابن ۾ منھنجي مدد ڪئي. هُن مون کي اهو بہ ٻُڌايو تہ منھنجو پاليل نوريئڙو ڇا ڇا کائي سگهي ٿو.
۽ پوءِ اهو ڏينھن بہ آيو، جڏهن اسان جو لات لنوندڙ، توتِي پکي ’پيٽِي‘ گذاري ويو. مون ’ڄاڻ ملندي.‘ کي فون ڪري اها ڏک واري ڪھاڻي ٻُڌائي. هُوءَ ٻُڌندي رهي ۽ پوءِ اهي ئي ڳالھيون ڪيائين، جيڪي وڏا ننڍن ٻارن کي سمجهائڻ لاءِ ڪندا آهن... پر مون کي الاءِ ڇو قرار نہ پئي آيو. مون کانئس پڇيو، ”ائين ڇو ٿيندو آهي، جو پکي سڄي خاندان کي خوش ڪرڻ لاءِ مٺيون ٻوليون ٻوليندا آهن ۽ آخر ۾ پڃري جي پَٽَ تي رڳو پکيءَ جا پَرَ وڃي بچندا آهن؟“
کيس منھنجي ڏک جو احساس ٿي ويو هو. ڇاڪاڻ تہ هُن تڪڙو وراڻيو، ”پال! سدائين اها ڳالھہ ياد رکجانءِ تہ جهونگارڻ لاءِ ٻيون دنيائون بہ هونديون آهن.“ منھنجي ڏک ۾ هُن جي ڳالھہ ٻُڌڻ کان پوءِ الاءِ ڇو گهٽتائي اچي وئي هئي.
هڪ ٻئي ڏهاڙي مون ٽيليفون تي پڇيو، ”ڄاڻ ملندي؟“
”ڄاڻ“ هاڻي ساڳئي سڃاتل آواز پڇيو.
”فڪس جي هِجَي ڪيئن ڪبي آهي؟“ مون پڇيو
ڳالھيون اجايون ڪندو هوس ۽ اهو سڄو قصو هڪ ننڍڙي شھر ۾ ٿي رهيو هو. جڏهن مان 9 سالن جو ٿيس تہ اسين بوسٽن جي وڏي شھر ۾ اچي رهياسين. مان ڪاٺ جي دٻي ۾ بند پنھنجي دوست ’ڄاڻ ملندي‘ کي ڏاڍو ياد ڪندو هوس. اهو چمڪندڙ ڪاٺ جو دٻو، اهو لڙڪندڙ رسيوَر. فون جيتوڻيڪ هن گهر ۾ بہ هئي، پر پنھنجي وڌندڙ ڄمار سان مان ننڍپڻ جي ڳالھين کي ياد ڪندو هئس. مھينن جا مھينا اها ياد مون کي ايندي رهندي هئي تہ اُن آواز سان ڳالھائيندي مان ڪيڏو نہ پُرسڪون، اڪيلو ۽ پاڻ کي آرامي محسوس ڪندو هئس ۽ هُوءَ ڪيڏي نہ سمجُهو، پُرسڪون ۽ هڪ ننڍڙي ڇوڪري سان وقت گهارڻ واري خاتون هئي.
ڪجهہ سالن کان پوءِ، ڪاليج ڏانھن ويندي، منھنجو جھاز اسان جي شھر وٽان لنگهيو هو. اتي ڪجهہ دير لاءِ ڌاٻو ڪيائين تہ مون پنھنجي گهر ۾ رهندڙ ڀيڻ سان 15 منٽ ڳالھايو ۽ الاءِ ڇو ساڻس ڳالھائڻ کان پوءِ مون شھر جي آپريٽر جو نمبر ملايو ۽ فون ملڻ ساڻ پڇيم، ”ڄاڻ ملندي“
عجيب ڳالھہ هئي، اهو ئي ڪرشماتي آواز هيو، جيڪو ڄڻ مون کي سدائين کان سڃاتل هيو، ”ڄاڻ“
مون اهو سڀ ائين ڪونہ سوچيو هو پر مون ٻُڌو، مون چيو پئي، ”ڇا توهان مھرباني ڪري مون کي ٻُڌائي سگهو ٿيون، تہ فڪس جي هِجَي ڪيئن ڪبي آهي؟“
هڪ ڊگهو وقفو هيو ۽ ان کان پوءِ اهو نرم آواز آيو، ”مان سمجهان ٿي تہ تنھنجي آڱر هيل تائين ٺيڪ ٿي وئي هوندي.“
مان دل کولي کِليو هئس. ”تہ اڃا تائين اها تون ئي آهين... ڇا توکي خبر آهي تہ ايترو عرصو تون منھنجي لاءِ ڇا رهي آهين؟“
”ڇا توکي خبر آهي تہ تنھنجيون ٽيليفون ڪالس منھنجي لاءِ ڪھڙي اهميت رکنديون هيون.“ هُن چيو، ”مون کي ٻار ڪونہ ٿي سگهيو ۽ مان هميشه تنھنجو آواز ٻُڌڻ گهرندي هئس.“
مون کيس ٻُڌايو تہ اهو سڄو عرصو مون کيس ڪھڙيءَ طرح پئي ياد ڪيو. مون کانئس پڇيو تہ وري جڏهن مان هتان لنگهان تہ کيس فون ڪري سگهان ٿو؟ هُن چيو، ”ضرور ڪج... ۽ ها، جي پڇين تہ ’سَيلِي‘ نالو کڻجانءِ.“
ٽن مھينن کان پوءِ مان وري اُتي ڪنھن ڪم سان ويو هئس. فون ملايم تہ هڪ مختلف آواز جواب ڏنو، ”ڄاڻ“
مون سَيلِيءَ لاءِ پڇيو. زناني آواز چيو، ”ڇا تون ڪو دوست آهين؟“ مون وراڻيو، ”هائو... ڏاڍو پراڻُو دوست آهيان.“
”مون کي توکي اهو سڀ ٻُڌائيندي ڏاڍو ڏک ٿئي پيو“ هُن چيو، ”سَيلِي هتي ڪجهہ سالن کان پارٽ ٽائيم نوڪري ڪندي هئي، ڇاڪاڻ تہ هُوءَ بيمار هئي. هُوءَ پنج هفتا پھرين گذاري ويئي.“ اُن کان پھرين جو مان فون رکان، هُن چيو، ”ترسَ ڪر... اهو ٻُڌاءِ تہ تنھنجو نالو پال تہ ڪونھي؟“
”هائو“
”سَيلِيءَ تنھنجي لاءِ هڪ نياپو ڇڏيو آهي. هُوءَ لکي ويئي هئي تہ جي تون فون ڪرين تہ توکي ٻُڌائجي، مان توکي پڙهي ٿي ٻُڌايان. نياپي ۾ لکيل آهي. ”کيس ٻُڌائجانءِ تہ مان اڃا تائين ائين چوندي آهيان تہ جهونگارڻ لاءِ ٻيون دنيائون بہ هونديون آهن. هُو پاڻ ئي سمجهي ويندو. تہ منھنجو مطلب ڇا هو؟“
مون آواز جا ٿورا مڃيا ۽ فون رکيم. مان سمجهي ويو هئس تہ سَيلِي ڇا چئي وئي هئي.