ڪھاڻيون

ھڪڙي ملندي آھي زندگي

هن ڪتاب ۾ زندگيءَ جا انيڪ حقيقي روپ پڙهندڙن لاءِ موجود آهن، جيڪي سبق آموز تہ آهن، پر حياتيون بدلائي ڇڏڻ جي سگهہ رکندڙ بہ آهن. ڪجهہ ڪھاڻيون پڙھي حساس ماڻھوءَ جي اکين جا بند ڀڄي پون ٿا. هي ڪتاب اسان کان سواءِ اسان جي اُسرندڙ نسل منجهہ ڪيتريون ئي مثبت تبديليون آڻڻ جي طاقت رکي ٿو، جن جي ڪري سوچ مَٽجي سگهي ٿي ۽ ائين ٿيڻ سان اسان جو هي موجودہ تباھہ حال سماج يقينن سٺي سوچ سان ترقيءَ ڏي وڌي سگهي ٿو.

  • 4.5/5.0
  • 70
  • 10
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • محمود مغل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book ھڪڙي ملندي آھي زندگي

هڪ قدآور ياد دريءَ ساڻ هلندي رهي ٿي

هُو گورنمينٽ جو آفيسر هو ۽ سندس بدلي هڪ شھر کان ٻئي شھر ٿي تہ هُن ريل گاڏيءَ وسيلي اوڏانھن وڃڻ جو فيصلو ڪيو. اسٽيشن تي پھتو، ٽڪيٽ ورتائين. گاڏي جنھن لائين تي بيٺي هُئي کيس اُتي پھچڻو هو جنھن جي ڪري هُن سامان کڻڻ لاءِ قُليءَ کي سڏيو ۽ چيائينس تہ ”مُنھنجو سامان گاڏيءَ تائين پھچاءِ.“
قُليءَ سامان کنيو ۽ صاحبَ جي پويان پويان هلڻ شروع ڪيائين، ڇاڪاڻ تہ وقت گهٽ هو تنھنڪري صاحب ڏاڍو تڪڙو پليٽ فارم ڏانھن وڌي رهيو هو. پويان قُلي بہ سامان کڻي ڀڳو پر مسافر جا قدم وڌيڪ تِکا هُئا ۽ هُو جلدي بوگيءَ جي دروازي وٽ پھچي ويو.
پليٽ فارم تي رش ڏاڍي هُئي جنھن جي ڪري قُلي سامان سوڌو ماڻھن جي هجوم ۾ ڦاسي ويو. صاحب هر هر رستي ڏانھن نھاري رهيو هو پر قُليءَ جو نالو نشان ئي ڪونہ هو. ايتري ۾ گارڊ سيٽي هنئين ۽ ريل هلڻ شروع ڪيو. صاحب جي حالت عجيب هُئي. چڙهي بہ نہ پيو سگهي ڇاڪاڻ تہ سندس سامان پوئتي رهجي وڃي ها. آخرڪار کيس ريل ڇڏڻي پئي.
گاڏي ڇڏڻ جي ڪري صاحب کي ڏاڍو ڏُک ٿيو تہ سڄو پروگرام خراب ٿي ويس. گاڏي پريان ويندي رهي ۽ مسافر هٿ لوڏي پنھنجن عزيزن کي اشارا ڪندا رهيا. پليٽ فارم تي رش گهٽ ٿي تہ سامھون ئي پگهر ۾ ٻُڏل قُلي اچي بيھي رهيو. سندس مُنھن تي پاڻيءَ جي قطرن کان سواءِ افسوس ۽ شرم جا پڌرا اهڃاڻ هُئا ”سائين، مون کي معاف ڪجو... ڪڏهن ائين ٿيو ڪونھي. وقت تي پھچڻ جي ڏاڍي ڪوشش ڪيم پر رش ۾ سامان ڦاسي پيو.“
صاحب کي ڪاوڙ تہ ڏاڍي هُئي پر سوچيائين تہ گاڏي تہ نڪري وئي، جي هاڻي هِن قُلي کي ماري بہ ڇڏيان تہ بہ ڪھڙو فرق پوندو. ريل موٽي تہ ڪونہ ايندي، تنھن ڪري ڪاوڙ ڪرڻ ۾ ڪوبہ فائدو ڪونھي. ”ڪائي ڳالھہ ڪانھي... ڌڻيءَ کي ائين منظور هو... مان اڄ نہ تہ سڀاڻي هليو ويندس.“ هُن مُرڪندي قُليءَ کي جواب ڏنو. سندس اهو رويو ڏسي قُليءَ جي مُنھن تي مُرڪ آئي ۽ هُن چيو، ”مان توهان جو سامان کڻان ٿو ۽ ويجهو ئي هڪ ريسٽ هائوس آهي اُتي توهان جي رهڻ جو بندوبست ڪيان ٿو.“
قُليءَ ريسٽ هائوس ۾ صاحب جو سامان رکيو ۽ ٻاهر نڪري آيو. کيس خبر هُئي تہ صاحب کي سڀاڻي وري ان اسٽيشن ڏانھن وڃڻو آهي. تنھن ڪري هُن سڄي رات اسٽيشن تي گُذاري. ٻئي ڏينھن صاحب اسٽيشن تي پھتو تہ قُلي پھرين ئي اُتي بيٺل هو، جنھن وڌي اچي وڏي قرب سان ساڻس هٿ ملايو، ڄڻ ٻئي ڪي ويجها مائٽ هُجن. سامان کڻندي چيائين، ”سائين، اوهان جي ايڊوانس بُڪنگ ٿي وئي آهي اچو.“
مٿي تي سامان کڻي، هُو صاحب ساڻ پليٽ فارم ڏانھن هليو. ريل تي پھچي صاحب ٻٽونءَ مان پئسا ڪڍي قُليءَ کي ڏنا تہ هُن وٺڻ کان نهڪار ڪئي، ”سائين نہ... اهي پئسا مون کي نہ کپن، ڇاڪاڻ تہ مُنھنجي غلطيءَ جي ڪري ڪالھہ توهان جي گاڏي نڪري وئي هُئي.“
صاحب ڏاڍي ڪوشش ڪئي تہ هُو ريل جو ڀاڙو تہ گهٽ ۾ گهٽ ادا ڪري، پر قُلي ڪنھن بہ صورت ۾ مڃڻ تي راضي نہ هو، هُن صاف صاف چئي ڇڏيو هو تہ جي مون کي پئسا نہ ڏيندؤ تہ مان وڌيڪ خوش ٿيندس.
قُليءَ کيس گاڏيءَ ۾ ويھاريو. ڀرسان بيھي ڪچھري ڪئي ۽ وري ٻاهران اچي دريءَ مان ساڻس ڪچھري ڪرڻ لڳو. هُو ايڏي احسانمنديءَ سان صاحب ڏانھن نھاري رهيو هو جيڪا ڏسڻ وٽان هُئي. گاڏيءَ چُرڻ شروع ڪيو تہ هُو آهستي آهستي هلندي صاحب سان ڳالھيون ڪرڻ لڳو. ٽرين جي رفتار تيز ٿي تہ هُن پنھنجي جاءِ تي بيٺي بيٺي هٿ لوڏڻ شروع ڪيا ڄڻ صاحب کان موڪلائيندو هُجي.
صاحب دريءَ مان هٿ لوڏي سندس موڪلاڻيءَ جو جواب ڏنو تہ کيس محسوس ٿيو تہ ايڏي محبت، مان ۽ چاھہ سان تہ ڪڏهن ڪنھن پنھنجي بہ کيس خُدا حافظ ناهي چيو. ريل هلي وئي تہ قُليءَ سوچو تہ صبح کان وٺي ڪُجهہ کاڌو ناهي. نيرن ئي ڪري وٺان. کيسي ۾ هٿ وڌائين تہ الاءِ ڪيترا نوٽ نڪري آيس. ڳڻيائين تہ پورا ٽي هزار رپيا هُئا. سندس اکيون ڀرجي آيون ۽ هُن ڌڻيءَ جو شڪر ادا ڪندي صاحب کي دُعا ڏني جنھن بنا کيس محسوس ڪرائڻ جي، ايڏي رقم سندس کيسي ۾ وڌي هُئي.
ويھہ سال پوءِ صاحب پنھنجي ڊائري ڪڍي ۽ لکيائين، ”هُن قُليءَ جي ڪري ليٽ ٿيڻ جو جيڪو ڏُک مون کي هو اهو تہ اُن رات ئي ختم ٿي ويو هو پر سندس محبت ڀريل الوداعي نگاهون اڄ ويھہ سال گذرڻ کان پوءِ بہ، مُنھنجيءَ دل ۾ ٺار پيدا ڪري ڇڏين ٿيون. مون کي ٽرين مس ٿيڻ جو ڪوبہ ڏُک ناهي. افسوس رڳو اِن ڳالھہ جو آهي تہ زندگيءَ ۾ هڪڙو محبت سان ڀرپور انسان مليو هو جنھن کي مان اُن اسٽيشن تي ڇڏي آيس.“