گُل گلاب ۽ رابيل جا گڏائي ڏي
هو اتي ڪلاڪ کن ويٺو هو. کيس اهو فڪر هو تہ عيد تي پنھنجيءَ امڙ کي تحفي ۾ ڇا ڏئي؟ ان تحفي ڏيڻ لاءِ هن لاڳيتو سوچ پئي ڪئي. آخر پنھنجو ڪنڌ انڪار ۾ لوڏيندي ڀڻڪيائين. ’کڻي ڪھڙا بہ خيال سوچيان، پئسا هوندم تہ ڪجهہ وٺندس نہ.‘
ٽي سال پھرين کان، جڏهن سندس پيءُ وفات ڪري ويو هو. پنجن ماڻھن جو اهو ڪٽنب، ڏکيو وقت ڪاٽي رهيو هو، ائين بہ نہ هو تہ سندس ماءُ ڪجهہ نہ پئي ڪيو، هوءَ رات جي شفٽ ۾ هڪ اسپتال ۾ نوڪري ڪندي هئي پر کيس جيڪي ڪجهہ ملندو هو ان مان ڇڪي تاڻي مھينو ڪاٽبو هو.
هن ڪٽنب ۾ سامان ۽ پئسن جي کوٽ هُئي. قرب ونڊڻ ۾ اُهي مالا مال هُئا ۽ سندن ٻَڌي واھہ جي هُئي. بوبيءَ کي ٻہ وڏيون ۽ هڪ ننڍڙي ڀيڻ هيون جيڪي سندس ماءُ جي غير موجودگيءَ ۾ گهر هلائينديون هيون.
ٽنھين ڀينرن، ماءُ لاءِ سادا سودا پر حسين تحفا ٺاهيا هُئا. هڪڙو هي ئي بچيو هو، جنھن وٽ ڪُجهہ بہ ڪونہ هو، کيس اها ڳالھہ بنھہ خراب پئي لڳي تہ ڀينرن وٽ تہ ڪُجهہ هُجي ۽ ڀاءُ ائين هٿين خالي هُجي.
اکين مان ڳوڙها اگهندي، هن برف کي لت هنئين ۽ بازار جو رُخ ڪيائين. ڇهن سالن جي ڄمار جي ٻارَ لاءِ پيءُ کان سواءِ اهو سڀ سَوَلو نہ هو. کيس شدت سان ڪنھن مرد جي کوٽ محسوس ٿي رهي هُئي، جنھن سان هُو ڳالھائي سگهي. هُو دڪان تي دڪان گهمندو رهيو. هر شيشي جي پويان حسين سامان هو. سڀ شيون سھڻيون هيون پر پھچ کان ٻاهر هيون. اوندھہ ٿيڻ شروع ٿي هُئي ۽ اُداس دل سان پنھنجي گهر ڏانھن موٽندي، سج جي لھندڙ شُعاعن ۾ هُن هڪ تِرورو ڏٺو. اتي پھچي ڏٺائين اهو ڏهن سينٽن جو سِڪو هو.
ڪنھن بہ، ڪڏهن بہ پاڻ کي ايترو امير محسوس نہ ڪيو. جيڪو انھن گهڙين ۾ بوبيءَ پنھنجو پاڻ کي محسوس ڪيو. پئسن کي هٿ ۾ جهليندي سندس سڄي وجود ۾ گرمي ڀرجي وئي هئي ۽ هُن هڪدم وري بازار ڏانھن موٽي دڪانن جو رُخ رکيو. سڄو اتساھہ ان مھل گم ٿي ويس جڏهن هڪ دُڪاندار کيس ٻڌايو تہ ’ان هڪڙي سِڪي مان کيس ڪجهہ نٿو ملي سگهي.‘
هُن گلن جو هڪ دڪان ڏٺو ۽ ان ۾ اندر وڃڻ لاءِ قطار ۾ بيھي رهيو. جڏهن سندس وارو آيو تہ گُل فروش کانئس پڇيو تہ ”ڇا خريد ڪرڻ پسند ڪندو؟“ بوبيءَ کيس ڏهن سينٽن جو سِڪو ڏيکاريو ۽ پڇائين ”ڇا ان مان، هڪ ڪَلي پنھنجي ماءُ لاءِ وٺي سگهان ٿو.؟“
گل فروش سندس ڪلھي تي هٿ رکيو ۽ سندس ڏهن سينٽن واري سڪي کي ڏٺائين. ڪجهہ پَلَ سوچي هُن چيو، ”توهان ٿورو هتي ترسو، مان ڏسان ٿو تہ مان اوهان لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟“
انتظار ڪندي خوبصورت گلن جي سونھن ڏانھن نھاريندي، بوبيءَ کي احساس ٿيو تہ آخر ڇوڪريون ۽ عورتون گُلن سان ايترو پيار ڇو ڪنديون آهن. دڪان مان آخري خريدار جي وڃڻ ساڻ، در بند ٿيڻ جي آواز، کيس اصلي جهان ۾ واپس آندو. سڄي دڪان ۾ اڪيلو بيٺي، کيس اڪيلائپ ۽ خوف جو احساس ٿيڻ لڳو. اوچتو گل فروش اندران ٻاهران آيو ۽ ڪائونٽر تي اچي هڪ دٻو رکيائين، جنھن ۾ ڊگهين ڏانڊين وارا خوبصورت گلابَ، ساون پنن جي جهرمر ۾ چمڪي رهيا هئا. انھن اندر وري اڇن گلن جا جهُڳٽا رکيل هئا، چانديءَ جي ان مھانگي دٻي جي سونھن حيران ڪندڙ هئي، بوبيءَ جي دل ٻڏندي وئي، جڏهن هُن ڏٺو تہ گل فروش انھن کي ڳاڙهي رِبن ۾ ٻڌو ۽ دٻو، بوبيءَ ڏانھن سرڪائيندي سڌو اڳيان ڪندي چيائين، ”هن جي قيمت سرڪار... ڏھہ سينٽ صرف.“
ڏڪندڙ هٿن سان سڪو، بوبيءَ گل فروش جي حوالي ڪيو، ڇا اهو سڀ سچ هو؟ هن سڪي جي عيوض تہ ڪا بہ شئي اچي نہ پئي سگهي. هي دٻو ڪٿان ايندو! ٻار جي ٻڏتر ڏسندي. گل فروش مُرڪي چيو، ”مون اڄ شام ئي ڪجهہ گلاب سستي اگهہ تي وڪري لاءِ رکيا هُئا. ڏهن سينٽن ۾ هڪ درجن... توکي پسند آيا؟“
هاڻي ٻار کي ڪا بہ هٻڪ نہ رهي. جڏهن گل فروش دٻو سندس هٿن ۾ رکيو تہ کيس پڪ ٿي وئي تہ اها ئي سچائي آهي. دڪان جو مالڪ هن لاءِ در کوليو بيٺو هو. دٻي کي کڻي، هن جيئن در ٽپيو تہ سندس واتان ٻُڌائين. ”عيد مبارڪ ٻچڙا...“
جيئن ئي گل فروش اندر موٽيو. سندس زال اندران ٻاهر آئي. ”ڪنھن سان پئي ڳالھايئي؟ ۽ ايڏو مھانگو ڇڳو ڪنھن جي لاءِ پئي تيار ڪيئي؟“
شيشي کان ٻاهر نھاريندي، ٻارڙي کي برفيلي رستي تي ويندي ڏسي، گل فروش پنھنجي اکين جا ڳوڙها اگهيا.
”اڄ صبح ساڻ مون کي عجيب احساس ٿيڻ لڳو، دڪان کولڻ لاءِ شيون سيٽ پئي ڪيم تہ ڄڻ مون ڪو آواز ٻڌو جيڪو چوندو هُجي تہ هڪ خاص تحفي طور هڪ ڊزن سڀ کان خوبصورت گلاب الڳ ڪري ڇڏ، مون کي لڳو تہ منھنجو دماغ تہ ڪو نہ ٿو ڦري، پر بھرحال مون اهي ڊزن گلاب پاسيرا ڪري ڇڏيا. ڪجهہ دير پھرين هڪ ٻارڙو آيو جيڪو پنھنجي ماءُ لاءِ هڪ ننڍڙي سڪي ۾ گل وٺڻ آيو هو. جڏهن مون هَن کي ڏٺو تہ مون کي ورهيه اڳ وارو پنھنجو پاڻ ياد آيو. مان پاڻ هڪ غريب ٻار هئس. جنھن وٽ پنھنجي ماءُ کي تحفو وٺي ڏيڻ لاءِ رپيو بہ نہ هو. اوچتو هڪ ماڻھو مون کي مليو هو، جنھن مون کي ڏھہ ڊالر خرچيءَ طور ڏنا هئا تہ جيئن مان امان لاءِ ڪجهہ وٺي سگهان. ان مھل هُن ڪجهہ بہ ڪو نہ ڪڇيو هو، پر اڄ مون کي لڳو تہ ڄڻ هن چيو هجي تہ پنھنجا خوبصورت گلاب اڄ تون منھنجي جاءِ تي ڏئي ڇڏ.“
ڳوڙهن ڀريل اکين سان ٻنھين زال مڙسن دڪان بند ڪيو ۽ ٿڌي شاهراھہ تي نڪري پيا پر الاءِ ڇو هاڻي کين سيءُ ڪو گهڻو نہ پئي لڳو.