اضافي ٻوجھہ ٿولھہ جو نہ، اُن جي فڪر جو هوندو آهي
سيٽ تي ويھي، هن اسان جي ڪرسين جي وچ واري هٿئي تي پنھنجي ٿلھي ٿنڀري ٻانھن رکي، سندس سراپو اهڙو هيو، جو مان پنھنجي سيٽ سميت ڄڻ ڪٿي گم ٿي وئي هُئس. مان سڄي سُسي، دريءَ ڏي جهڪي وئي هُئس.
هُوءَ مون ڏانھن جهڪي ۽ وري پنھنجي کيڪار دوستاڻي انداز ۾ ورجايائين. سندس مک مون مٿان جهڪي آيو هو.
مجبورن مون کي بہ کيس ورندي ڏيڻي پئي، ”هاءِ..!“
مان اجايو دريءَ کان ٻاهر ڏسڻ لڳس. چڙ پئي آيم تہ هن هوائي سفر ۾ ايندڙ ڪيترائي ڪلاڪ، مون کي گوشت جي هن پھاڙ ساڻ گذارڻا پوندا، جيڪو مُنھنجي ڀر واري سيٽ تي اچي نازل ٿيو هو.
هن پنھنجي ٿلھي ٿنڀري ٻانھن سان مون کي لوڏيو، ”مُنھنجو نالو لارا آهي. انگلينڊ جي آهيان، تون ڪٿان جي آهين؟... جاپانڻ؟“
”ملائشيا“ مون ڄڻ کيس ڏاڙهيو.
”معافي ٿي گهران... مُنھنجي دلي معذرت قبول ڪر. اچ مون سان هٿ ملاءِ. اسان کي جي هاڻي اهي ڇھہ ڪلاڪ گڏ گذارڻا آهن تہ ڇو نہ پاڻ دوست ٿي وڃون! تنھنجو ڇا خيال آهي!“ مُنھنجي مُنھن آڏو هڪ هٿ تري گهمي وئي. ٻُڏتر واري انداز ۾ مون ساڻس هٿ ملايو ۽ ماٺ ٿي ويس.
لارا مون سان ڳالھہ ٻولھہ شروع ڪئي. کيس ڪابہ پرواھہ ڪانہ هُئي تہ ساڻس مُنھنجو ملڻو ڪو دوستاڻو نہ هو. هُوءَ وڏي اتساھہ سان مون کي هانگ ڪانگ جي سفر بابت ٻُڌائڻ لڳي تہ ڪيئن اتي سندس دوستن سان سندس ملاقات ٿيندي. هن مون کي فرمائشن جي اها لسٽ بہ ٻُڌائي، جيڪا سندس اسڪولي شاگردن کيس هانگ ڪانگ مان وٺي اچڻ لاءِ لکرائي هُئي. اهي شاگرد سندس اسڪول ۾ پڙهندا هُئا. مون کيس هر سوال جو جواب هڪ اکر ۾ پئي ڏنو. مُنھنجي ٿڌي سلوڪ جي هن ڪابہ پرواھہ نہ پئي ڪئي، بلڪہ مُنھنجي هر ننڍڙي ورنديءَ جي موٽ ۾ وڏا وڏا جملا پئي ڳالھايائين. هن مُنھنجي هر جواب تي ڪنڌَ کي بہ لوڏيو پئي ۽ سندس آواز آسائتو ۽ خيال ڪندڙ هو. جڏهن اسان کي مشروبات پيش ڪيا ويا تہ هن هر لحاظ کان اهو خيال رکيو تہ مون کي پنھنجي سيٽ تي سامان رکڻ ۾ ڪابہ ڏُکيائي نہ اچي بيحد خلوص وچان هن چيو، ”مان نٿي گهران تہ مُنھنجي هاٿيءَ جھڙي جسم جي ڪري توکي ڪا ڏُکيائي پيش اچي.“ مون کي حيرت ٿيڻ لڳي هُئي تہ سندس مُنھن جيڪو ڪُجهہ ڪلاڪ پھرين مون کي زهر لڳو پئي، هاڻي مون لاءِ نيون مُرڪون آڻي رهيو هو. سندس سلوڪ اهڙو تہ محبتاڻو هو، جو آءٌ آهستي آهستي وگهري رهي هُئس.
هُوءَ زبردست ڳالھائُو هُئي. کيس فلسفي کان وٺي سائنس تائين انيڪ مضمونن جي ڄاڻ هُئي. ڪنھن غير اهم موضوع کي بہ هن جي گفتگوءَ زبردست بڻائي پئي ڇڏيو. سندس جملا مزيدار ۽ وڻندڙ هُئا. جڏهن اسان جو موضوع ثقافت ڏانھن مُڙيو تہ مان سندس تجزيا ۽ خيال ٻُڌي ڏاڍي حيران ٿيس. ڇا تہ وٽس ڪمال جي ڄاڻ هُئي.
ڳالھہ ٻولھہ دوران، هن خدمت ڪندڙ عملي سان بہ کل ڀوڳ ڪئي پئي. ڪوبہ پاسي کان لنگهي پيو تہ هُوءَ چرچو ضرور پئي ڪري. جڏهن هڪ فلائيٽ اٽينڊنٽ اسان جون پليٽون صاف ڪري رهيو هو تہ لارا، سندس سنھين بدني جوڙجڪ تي ٽي چار لطيفا ٻُڌائي ڇڏيا. فلائيٽ اٽينڊنٽ کل ۾ ٻُٽ هُئي. آخرڪار هن لارا جي ٻانھن جهلي ۽ چيائين، ”اوهان تہ مُنھنجو ڏينھن ٺاهي ڇڏيو.“ ايندڙ ڪُجهہ لمحن ۾ لارا ڌيان سان سندس ڳالھيون ٻُڌيون ۽ سندس ڪمزور هاٺيءَ کي ڏسندي، صحت ٺيڪ ڪرڻ لاءِ ڪُجهہ ترڪيبون بہ ٻُڌايون. ٿورائتي اٽينڊنٽ، وڃڻ کان پھرين کيس چيو، ”مون کي ڪم آهي، پر مان موٽي اچي توهان سان ان باري ۾ ڪُجهہ وڌيڪ ضرور ڳالھائيندس.“ مون لارا کان پُڇيو، ”توهان ڪڏهن وزن گهٽائڻ بابت سوچيو آهي؟“ ”نہ نہ.... اهڙي ٿيڻ لاءِ ئي تہ مون جام ڪوشش ڪئي آهي. مان پنھنجي ٿولھہ ڇو ڇڏيان؟“
مان حيران ٿي وئي هُئس، ”وزن وڌڻ ساڻ، دل جون بيماريون ٿينديون آهن، ٻيا مسئلا ٿيندا آهن، ٻيون بيماريون ٿي سگهن ٿيون. توکي انھن جي ڳڻتي ڪانھي؟“
”بلڪل بہ نہ... توهان کي بيماري تڏهن ئي لڳي سگهي ٿي، جڏهن توهان سمورو وقت ان جي ڳڻتي ڪندا رهو يا ان بابت سوچيندا رهو. توهان ڪڏهن وزن گهٽائيندڙ اداري جي اشتھار تي غور ڪيو آهي؟ اهي سدائين چوندا آهن تہ پنھنجو پاڻ کي اضافي ٻوجھہ کان آزاد ڪجو... اهو سڀ بڪواس آهي. توهان آزاد تڏهن ٿيندا آهيو، جڏهن اوهان کي اهو سڪون حاصل هجي تہ اوهان ڪير آهيو ۽ ڏينھن ۽ سال جي ڪنھن بہ گهڙيءَ ۾ اوهان ڪيئن ٿا لڳو. مان ڇو سنھين ٿيڻ جي ترڪيبن بابت ويچاريندي وقت وڃايان؟ جڏهن تہ مون کي الاهِي ٻيا اهم ڪمَ ڪرڻا آهن. اهم ماڻھن کي دوست بڻائڻو آهي، مان صحتمند کاڌو کائيندي آهيان ۽ روز پنڌ ڪندي آهيان، مان هن جُسي جي آهيان ڇاڪاڻ تہ مان اهڙي ئي ڄائي آهيان. حياتيءَ ۾ ٿولھہ کان سواءِ سوچڻ لاءِ جام مواد آهي.“ هن پنھنجي گلاس مان ڍُڪ ڀريو، ”۽ تنھن کان سواءِ، ڌڻي مون کي ايڏي تہ گهڻي خوشي ڏئي ٿو، جو مون کي اها سنڀالڻ لاءِ هڪ ڳرو بدن گهرجي. مان پنھنجي بُت کي جهڪو ڪري پنھنجي خوشي ڇو گهٽايان؟“
سندس سببَ مون کي وڌيڪ حيران ڪري ڇڏيو. سندس ڳالھہ اڃان هلي پئي، ”ماڻھو مون کي رڳو ٿُلھي سمجهندا آهن. اهڙي ٿُلھي جنھن تي شايد ڪو مرد نگاھہ وجهڻ بہ پسند نہ ڪري... کين لڳندو آهي تہ مان سست آهيان. مون ۾ ڪو جيئڻ جو اتساھہ ڪونھي. اهي غلط آهن.“ هن جوس ڪُجهہ وڌيڪ پيتو ۽ پريان لنگهندڙ فلائيٽ اٽينڊنٽ کي گلاس هٿ ۾ ڏيندي چيائين، ”زبردست خدمت ٿا ڪيو، ٿورو ٻيو آڻي تہ ڏي، شل ڌڻي خوش رکيوَ.“
وري مون ڏانھن مُڙي، ”مان دراصل اندران نازڪ آهيان، نازڪي تہ اندر ۾ هوندي آهي. مون ۾ ايتري تہ ڦڙتي ۽ طاقت آهي، جو ماڻھو مون سان پھچي ناهن سگهندا. هي اضافي چرٻي تہ مون کي آهستڙي ڪرڻ لاءِ آهي، نہ تہ مان تہ سڄو ڏينھن مردن پويان ڊوڙون پائيندي وتان.“
مون مشڪري ڪندي چيومانس، ”مرد تنھنجي پويان ڊوڙندا آهن؟“
”ڇو نہ... مان پنھنجي شاديءَ مان ڏاڍي خوش آهيان، پر وري بہ مون لاءِ رشتا ايندا رهندا آهن. انھن مان گهڻن کي تعلق رکڻ ۾ مسئلا هوندا آهن ۽ کين ڪو اعتبار جوڳو ساٿي گهربو آهي. عورتون، مردن جي پوڄا ڪنديون آهن ۽ کين ’مٺا‘ سڏينديون آهن، تان جو کين خبر پوندي آهي تہ مردن تہ هنن سان ڪوڙ پئي ڳالھايو ۽ پوءِ اهي ڏائڻ ٿي پونديون آهن. مردن کي وري عورتن سان ايترو عشق هوندو آهي، جو کين پنھنجو روح سڏيندا آهن، تان جو کيسو خالي ٿيندو اٿن ۽ پوءِ اهي کين ڏائڻيون لڳنديون آهن.“
لارا جي گفتگوءَ ڊگهي اُڏام کي مزيدار بڻائي ڇڏيو هو. مون کي حيرت ٿي رهي هُئي تہ ڪيئن هرڪو مٿس موهت ٿي رهيو هو. اُڏام جي آخر ۾ تہ تقريبن اڌ عملو، هن جي چوگرد بيٺل هو. کل، خوشي، مستي... هاڻي تہ ڪيترائي مسافر بہ ان ۾ شريڪ ٿي ويا هُئا. هن ماحول ۾ ڇا تہ خوشي ڀري ڇڏي هُئي. هانگ ڪانگ جي ’ڪائي تَڪ‘ ايئرپورٽ تي، جڏهن اسان هڪٻئي کان موڪلايو پئي تہ مون ڏٺو، هن لاءِ ٻارن، نوجوانن ۽ بزرگن جو هڪ وڏو گروپ اوسيئڙي ۾ هو. سڀني کيس ڀاڪر پائڻ شروع ڪيا. هن ڪنڌ ورايو ۽ مون کي اکين ئي اکين ۾ پيار ڪندي کِلي ڏنائين.
مون کي حيرت وڪوڙي وئي هُئي. هُوءَ مُنھنجي حياتيءَ ۽ سفر جي حوالي سان سڀ کان بھترين ساٿي بڻجي چُڪي هُئي. سندس ٿولھہ واقعي سندس نازڪي هُئي.