هر ڏينھن، هر منٽ، هر ساھہ، حياتيءَ جو مزو ماڻجي!
”هي ڏس...“ هن هڪ وڏو ساھہ کنيو، ”هي ڪپڙا هن اڃان گذريل هفتي ورتا هُئا. اڃان پاتا ئي ڪونہ هُئائين.“ هن اکين تي ٽِشو رکي، ڳوڙها اگهيا، مون وڳو هٿ ۾ کنيو. ان ۾ تازن، نَون ڪپڙن جي خوشبو هُئي. جيئن نوان وڳا ٿيندا آهن، جيستائين ڌوپجن. وڳي تي قيمت واري پرچي بہ لڳل هُئي.
”هن اهو وڳو تڏهن ورتو هو، جڏهن اسان پھريون ڀيرو نيويارڪ ويا هُئاسين. ست اٺَ سال ٿي ويا. ورتيون تہ جام شيون هُئائين، پر هي وڳو خاص هو، پر الاءِ ڇو هن ڪڏهن اهو پاتو ڪونه!“
سندس اکيون ڀرجڻ لڳيون، ”سدائين ڪنھن خاص موقعي جي ڳالھہ ڪندي هُئي، تہ ڪو خاص موقعو ايندو تہ اهو پائينديس.“
هن وري ڪپڙي جي مٿان هٿ ڦيريا.
”مون کي لڳي ٿو، اڄ خاص موقعو آهي، رنگ بہ ملي ٿو. هن وڳي کي بہ انھن ڪپڙن ۾ رکون ٿا، جيڪي تابوت ساز ڏي کڻي هلڻا آهن.“
هن ٻين وڳن سان، ان اڻ پاتل وڳي کي بہ رکيو، سندس هٿَ ڏڪي رهيا هُئا. شاپرز ٺاهيندي، هن هڪدم مون ڏانھن مُڙي چيو، ”ڪنھن بہ خاص موقعي لاءِ ڪُجهہ نہ رکندا ڪيو. اوهان جيڪو ڏينھن جيئو ٿا، اهو سدائين خاص آهي. جيڪا گهڙي جيئو ٿا، اها سدائين خاص آهي.“
تدفين جي سڄي عمل دؤران، مُنھنجن ڪنن ۾ مُنھنجي ڀيڻويي جا لفظ گونجندا رهيا. مان ساڻس ۽ پنھنجي ڀاڻيجيءَ سان گڏ بيٺل هُئس. مُنھنجي وڏي ڀيڻ جو مؤت اوچتو ٿيو هو، جڏهن مون کي اطلاع مليو هو تہ مان فلائيٽ پڪڙي هيڏانھن آيس پئي، تہ سڄي واٽ مون کي سڀ ڪُجهہ ياد ايندو رهيو. اسان جو ننڍپڻ، رانديون، سندس شادي، سندس خواهشون، عادتون مون کي انھن سڀني شين جو خيال بہ آيو، جيڪي هن اڃان تائين نہ ڏٺيون نہ ٻُڌيون هونديون. مون کي انھن شين جو بہ خيال آيو، جيڪي هن اهو سوچي نہ ڪيون هونديون تہ اهي بہ ڪي خاص ٿي سگهن ٿيون. مون کي پنھنجي ڀيڻيويي جي لفظن بدلائي ڇڏيو. اها گهڙي ئي شايد بدلائڻ واري هُئي. هاڻي مان گهڻو پڙهڻ لڳي هُئس ۽ مُنھنجا ٻيا بہ ڪيترائي عمل مَٽجي ويا هُئا. هاڻي مون، باغ ۾ بئنچ تي ويھي دل ئي دل ۾ نظرن جي تعريف ڪرڻ شروع ڪئي. اڳ مان ڪِنجهندي ڪُرڪندي هُئس تہ هي صفائي ناهي. هُو چڱو ناهي. هاڻي هڪ عجيب ماٺ مُنھنجي اندر ۾ اچي وئي. هاڻي مُنھنجيون ڪميٽيءَ جون گڏجاڻيون بہ گهٽجڻ لڳيون ۽ مان گهر وارن ۽ دوستن کي وڌيڪ وقت ڏيڻ لڳي هُئس.
جيترو بہ ممڪن ٿي سگهي، حياتي، بچاءَ جي لمحن جو تجربو هُئڻ گهرجي. مون هاڻي لمحن کي سڃاڻڻ جي ڪوشش شروع ڪئي هُئي ۽ سندن ساراھہ مون کي سمجهہ ۾ اچڻ لڳي هُئي، هاڻي مان ڪُجهہ ’بچايان‘ نہ ٿي. پنھنجي خاص مھمانن لاءِ رکيل ٿانوَ يا اهي شيون جيڪي خاص موقعن تي نڪرنديون هيون، مون عام استعمال ۾ آڻڻ شروع ڪيون. هاڻي مون پنھنجا سٺا ڪپڙا وڌيڪ پائڻ شروع ڪيا، جيڪي مان خاص موقعن لاءِ رکندي هُئس. خاص دعوتن لاءِ لڪائي رکيل خوشبوئون، هاڻي ڊريسنگ ٽيبل تي سامھون رکيل هونديون هيون. آخرڪار مُنھنجي آفيس جي ساٿين ۽ ملڻ ملائڻ وارن جي نڪن ۾ بہ سونگهڻ جي اها ئي طاقت آهي، جيڪا مُنھنجي ساهيڙين ۾ آهي، مُنھنجي ڳالھہ ٻولھہ مان ’ڪڏهن، ڪنھن ڏينھن يا ڪنھن خاص موقعي‘ وارا لفظ گهٽجندا ٿا وڃن. جي ڪُجهہ ٻڌڻو آهي، ڏسڻو آهي. محسوس ڪرڻو آهي تہ اهو مان هن گهڙيءَ، هاڻي جو هاڻي ٻُڌڻ، ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ گهران ٿي. مون کي پڪ ناهي تہ مُنھنجي ڀيڻ ڇا ڪري ها، جي کيس اها خبر پوي ها تہ هُوءَ ٻئي ڏينھن جيئري نہ هوندي. ٿي سگهي ٿو، هُوءَ ويجهن مائٽن يا ساهيڙين سان ملڻ گهري ها يا وري ڪُجهہ پراڻين ساهيڙين سان ملي معافي تلافي ڪري ها. ائين بہ تہ ٿي سگهي ٿو تہ هُوءَ پنھنجي پسنديدہ کاڌي چائنيز کائڻ لاءِ ڪنھن هوٽل وڃي ها. مان رڳو اندازو لڳائي سگهان ٿي.
جي مون کي اهو اندازو ٿي وڃي تہ مون وٽ وقت محدود آهي، تہ اهي ننڍيون شيون آهن، جن جو اڻ پورو هجڻ مون کي ڪاوڙائي سگهي ٿو. ڪاوڙائي ان ڪري جو مون ڇو اهڙن دوستن سان ملڻ لاءِ خاص ڏينھن رکيا، جن سان مان سدائين ملي پئي سگهيس. ڪاوڙائي ان ڪري جو مون اهي خطَ ڇو ڪونہ لکيا، جيڪي مون رڳو خاص موقعن تي لکڻ پئي گهريا. ڪاوڙائي ان ڪري بہ جو مان پنھنجي اولاد ۽ مڙس کي سواءِ ڪن خاص موقعن جي ڪڏهن بہ اهو ٻُڌائي نہ سگهيس تہ مان ساڻن ڪيترو پيار ڪيان ٿي.
هر صبح جو مان اکيون کوليندي پنھنجو پاڻ کي ٻُڌائيندي آهيان، ”اهو خاص ٿئي، هر ڏينھن، هر منٽ، هر ساھہ، رب جي هن تحفي کي سانڍي رکڻ جي ڪوشش ڀلي ڪر، پر ان کي ڀرپور بہ گذار.“