بابا، اوهان ڪٿي هوندا آهيو؟
”بابا“ هُن رڙ ڪئي.
”اڙي ليُونا... منھنجي راڻي... تون ڪيئن آهين...؟ ڇا تو ننڊ سُٺي ڪئي؟“
”بابا، توهان ڪڏهن آيئو؟“
”ڪلھہ رات راڻي... مون کي خبر آهي تہ سڀاڻي تنھنجو جنم ڏينھن آهي. مان سڄي دنيا وساري سگهان ٿو، انھي کي ڪيئن ٿو وساري سگهان.“ هُن ننڍڙيءَ کي ڪڇ ۾ کنيو ۽ جام چُميون ڏنائينس. ننڍڙي سندس ڀاڪر ۾ پاڻ کي ڀڪوڙي ڇڏيو.
”امان ڪٿي آهي بابا... اڄ تہ اسان کي سالگره جي شاپنگ لاءِ نڪرڻو آهي.“
”تنھنجي نانيءَ جي طبيعت خراب ٿي وئي آهي ليُونا... مميءَ کي تڪڙو اوڏانھن نڪرڻو پيو.“
”او نو...“ سندس مُنھن لھي ويو، ”مون کيس ٻُڌايو هو تہ مون کي پنھنجي سالگره لاءِ ڇا ڇا ٿو گهرجي... هاڻي مان ڇا ڪريان.“
”پريشان نہ ٿي... پھرين پاڻ ناشتو ٿا ڪريون... ڏس مون تنھنجي لاءِ ڪيلي جو ڇا تہ مزيدار ڪيڪ ٺاهيو آهي.“
”بابا! توهان کي خبر ناهي تہ مون کي ڪيلا ناهن وڻندا... مان اهو ڪونہ کائينديس.“
”ڪائي ڳالھہ ڪانھي... مان توکي ٻيو ڪجهہ ٿو ٺاهي ڏيان...“
”مون کي وهنجڻو آهي.“
”هلي آ.“
ليُونا کي وهنجڻ ڏاڍو وڻندو آهي. هُن ٽب ۾ پاڻ ساڻ پنھنجي بدڪ بہ رکي. پاڻيءَ جا ڇنڊا اُڏايائين... خوب مستي ڪيائين. سندس پيءَ کيس ٽوال ۾ ويڙهيو ۽ بيڊ روم ۾ کڻي آيس. ”ڏسون تہ اڄ ليُونا ڇا ٿي پائي؟ ڳاڙهو فراڪ يا اڇو فراڪ؟“
”نہ بابا... مون کي گلابي وڻندو آهي.“
”ٺيڪ آهي راڻي... گلابي ٿا پائي وٺون.“
”نہ پر منھنجا وارَ ڪير سنواريندو...؟ مون کي پنھنجن ڪپڙن سان ميچنگ هيئر ڪلپس کپن... اهي ڪير ڳوليندو؟! مون کي خبر آهي، اوهان کان تہ ڪونہ لڀنديون.“ ليُونا صفا ڪاوڙجي وئي هئي.
سندس پيءُ ڪٻٽ جي خانن ۾ هڻ وٺ مچائي ڇڏي. ڳولا ڪندي کيس ان ڳالھہ جو ڪوبہ احساس ڪونہ هو تہ خانن کولڻ سان ڪٻٽ لُڏيو پئي ۽ ان مٿان رکيل مڇين جي برني آهستي آهستي سرڪي رهي هئي. اوچتو هڪ وڏو آواز ٿيو، برني هيٺ ڪري، شيشي جا ذرا چوڌاري پکڙجي ويا ۽ مڇيون هيڏانھن هوڏانھن ڦٿڪڻ لڳيون. ليُونا رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون. پيءُ رڌڻي ڏانھن ڀڳو ۽ هڪ بالٽيءَ ۾ ڪجهہ پاڻي کڻي آيو. هُن احتياط سان مڇيون کنيون ۽ بالٽيءَ ۾ وجهي ڇڏيون. ليُونا رڙيون ڪندي روئي رهي هئي.
”توهان ذري گهٽ منھنجيون سڀ مڇيون ماري ڇڏيون هيون بابا... توهان کي مون سان ذرو بہ پيار ناهي... توهان کي منھنجي ڪابہ خبر ناهي... توهان مون کي اسڪول ڇڏڻ ڪونہ ويندا آهيو... منھنجي اسڪول جي پروگرامن ۾ ڪونہ ايندا آهيو... مون کي اوهان کان نفرت آهي... مون کي پنھنجي امان کپي...“
پيءُ کي وڏو جهٽڪو لڳو هو، هُن ڪڏهن سوچيو بہ ڪونہ هيو تہ سندس ڌيءَ وٽ هن جو ڪو اهڙو عڪس هوندو! سندس نوڪري اهڙي هئي، جو هُو پنھنجي گهر وارن کي گهڻو وقت نہ پئي ڏيئي سگهيو، پر کيس ان ڳالھہ جو احساس هيو. هُن پنھنجي خوابن ۾ بہ ڪونہ سوچيو هو تہ ڪو سندس غيرحاضري هنن جي وچ ۾ ايڏو فاصلو پيدا ڪري ڇڏيندي.
هُو آهستڙي آهستڙي پنھنجي ڌيءَ ليُونا ڏانھن ويو. سندس هٿَ جهليائين ۽ چيائين، ”جي توکي ڏک ٿيو آهي تہ مان معافي ٿو گهران، پر مون توکي اهو ڏک ڏيڻ نہ پئي گهريو ڌيءَ... تون مون سان ڪجهہ گهڙيون ايندينءَ تہ مان توکي ڪجهہ ڏيکاريان...“ ليُونا پنھنجي پيءُ سان گڏ وئي، جيڪو کيس لائبريريءَ وٺي آيو. اُتان هڪ آلبم ڪڍيائين ۽ ليُونا کي پنھنجي ڪڇ ۾ ويھاري ڏيکارڻ شروع ڪيائين. ”راڻي، تنھنجو بابا سدائين توسان گڏ رهيو آهي، هي ڏس جڏهن تون ڄائي هئينءَ تہ ڪيئن نہ ڪپھہ جو ويڙهو پئي لڳين... ڪيئن نہ مون توکي پنھنجي هٿن ۾ کنيو ۽ سڄيءَ دنيا کان وڌيڪ توسان پيار ڪرڻ شروع ڪيو. هيءَ تصوير ڏس... تون ڪيئن مون کي گهوڙو ٺاهي مٿان سواري ڪري رهي آهين. ڪيئن نہ پاڻ مشڪري ڪري رهيا آهيون. هيءَ تصوير ڏس، تو ڪيئن پنھنجين آڱرين سان منھنجي مُنھن تي رنگ هنيا آهن. ڏس مان ڪيڏو عجيب پيو لڳان... مشڪرو ٿو لڳان نہ...؟“
تصويرن کي ڏسي ليُونا کِلڻ لڳي...
”۽ امان هي ڏس، هي تنھنجو اهو ڏينھن جڏهن تو پھريون ڀيرو سائيڪل هلائي هئي... هي پھريون ڏينھن جڏهن تو ترڻ سکيو هو... هي تنھنجي اسڪول جو پھريون ڏينھن... هي تنھنجي سالگره...“
”ها پر، انھن سڀني فوٽن ۾ توهان تہ ناهيو... امان آهي. امان ئي اهي فوٽو ڪڍيا آهن...توهان ڪڏهن بہ مون سان گڏ ڪونہ آيئو...توهان ڪٿي هوندا آهيو بابا...؟ توهان ڇو نہ ايندا آهيو؟“
”نوڪري... نوڪري امان...پر تون مون سان سدائين گڏ هوندي آهين.“
هُن پنھنجو ٻٽُون ڪڍيو ۽ پھرئين ڏينھن کان وٺي سندس آخري سالگره تائين جون تصويرون پنھنجي ٻٽُونءَ مان ڪڍيون. سندس ٻٽُونءَ ۾ پئسا گهٽ تصويرون گهڻيون هيون.
”توکي خبر آهي ليُونا، جڏهن تنھنجي ماءُ توکي سمھارڻ مھل لولي ڏيندي آهي، تہ مان اُن مھل تنھنجي تصوير هٿن ۾ جهلي ويھندو آهيان تہ ڄڻ مان پيو توکي سُمھاريان. مون کي شايد اها خبر نہ هجي تہ توکي ڪيلن جا ڪيڪ نہ وڻندا آهن، پر ايتري خبر ضرور اٿم تہ توکي اوندھہ کان ڊپ ضرور ٿيندو آهي. مون کي کڻي اها خبر نہ هجي تہ تنھنجي پسند جو رنگ ڪھڙو آهي؟ پر ايتري ڄاڻ ضرور هوندي اٿم تہ منھنجي راڻي ڌيءَ پنھنجي پانڊا کان سواءِ هنڌ ۾ سُمھندي ناهي. تنھن ڪري مان جڏهن بہ ايندو آهيان، تہ تولاءِ نئون پانڊا وٺي ايندو آهيان ۽ جي نہ اچي سگهان تہ توکي ڪنھن جي هٿان اهو موڪلي ڏيندو آهيان.“
”اڇا...! تہ انڪل ڊيوڊ جيڪي پانڊا کڻي آيو هو، سي توهان موڪليا هئا؟“
”بلڪل... ۽ ها هڪڙي ٻي شئي بہ آهي... اچ مان توکي تنھنجو خط ڏيکاريان.“
”ٿي نٿو سگهي... مان ٽن سالن جي آهيان... مان خط ڪيئن ٿي لکي سگهان... سڀاڻي مان چئن سالن جي ٿينديس...“ هُن ٽھڪ ڏنا.
”ڏس... هي تنھنجي هٿن جا ڇاپا آهن... جيڪي مون تنھنجي ماءُ کان گهرايا هئا، جڏهن مان اڪيلو هوندو آهيان ۽ توکي ڪال نہ ڪري سگهندو آهيان تہ تنھنجي ننڍڙن هٿن کي ڏسندو آهيان ۽ چُمندو آهيان.“
”توهان ڇو نہ ايندا آهيو بابا...“
”مون کي خراب ماڻھن سان وڙهڻو هوندو آهي ليُونا... مون کي رڳو تنھنجي حفاظت ناهي ڪرڻي، پر ٻيون بہ ڪيتريون ئي ليُونائون آهن، جن جو بچاءُ ڪرڻو آهي. هاڻي جڏهن مان هتي آهيان تہ ڏس پاڻ ڪيئن ٿا تنھنجي سالگره ملھايون.“
ليُونا خوشيءَ مان هڪ وڏي رڙ ڪئي، سندس ڪڇ مان لٿي ۽ پنھنجي ڪمري ڏانھن ڀڳي. واپس موٽي تہ سندس هٿن ۾ کٽمٺڙن جي برني هئي، ”بابا... هي منھنجيون زبردست ٽافيون آهن، توهان کي خبر آهي تہ جڏهن امان ڪو بھترين ڪم ڪندي آهي، تہ مان کيس صرف هڪ ٽافي ڏيندي آهيان...“
”اڇا!“ هُو کِليو.
”توهان کڻو...“
”ٺيڪ آهي... هڪڙي کڻان ٿو.“
”نہ بابا... سڄي برني کڻو... توهان سڄيءَ دنيا ۾ بھترين بابا آهيو.“