سُونھن جي قيمت ڇا ٿي سگهي ٿي!
مان ۽ منھنجي گهر وارِي، پنھنجي ڪُتِيءَ لاءِ ڏاڍا پريشان هئاسين. هُن گُلرَ ڄڻيا پئي ۽ انھن جو انگُ وڌندو پئي ويو. آخرڪار مون ڳڻي بس ڪيا ۽ هيٺ وڃي پنھنجي زال جُوڊيءَ کي چيم، ”پنج گُلرَ ڄاوا آهن.“
هُوءَ هڪدم مون سان گڏ هلي آئي ۽ اسان جي گهر ۾ ٺھيل جانورن جي خاص حصي ۾ اچي، اسان جي ڪُتيءَ ’پرِيشس‘ کي پيار ڪيائين. گُلرن مان پھريون اڇو ڪارو هو، ٻيو ۽ ٽيون گهاٽي ناسي رنگ جا هئا، چوٿون ۽ پنجون اڇن ڪارن ٽِڪن سان هئا.
جُوڊيءَ کي انھن جا رنگَ ڏاڍا وڻيا. ڄمڻ ساڻ ماءُ کي چنبڙيا پئا هئا. اسان ٻئي واپس مڙياسين تہ اوچتو، منھنجي نگاھہ پڃري جي ڪُنڊ تي پئجي وئي ۽ مون ڏٺو تہ اتي ڇھون گُلر بہ موجود هو. اسان ٻنھي کي ڏاڍي حيرت ٿي. مون اڳتي وڌي ان گلر کي کنيو ۽ ٻين ڄاول گلرن جي گروھہ مٿان رکيو، پر مون کي اُن گهڙيءَ ڏاڍي حيرت ٿي، جڏهن پريشس هڪدم کيس پاڻ کان پري ڪري ڇڏيو. هُن، ان گلر کي پنھنجو اولاد سمجهڻ کان ڄڻ انڪار ڪيو هو.
”ڪا گڙ ٻڙ ضرور آهي.“ جُوڊيءَ ڀڻڪيو.
مان پريان ڪيل گلر وٽ پڳس، هڪ ڀيرو وري هٿن ۾ کنيومانس تہ احساس ٿيو، اڙي... هن جو تہ تارون ڪپيل آهي ۽ مٿان وري چپ بہ ڪپيل اٿس، جنھن جي ڪري، هُو پنھنجو مُنھن نہ ٿو بند ڪري سگهي. انھيءَ گهڙيءَ ۾ ئي مون اهو فيصلو ڪري ورتو تہ مون کي ڪيترو بہ خرچ ڪرڻو ڇو نہ پوي، مان ان گلر کي بچائڻ جي پوري ڪوشش ڪندس.
مان کيس جانورن جي ڊاڪٽر وٽ کڻي ويس، جنھن مون کي صاف ٻُڌايو، تہ ڪجهہ بہ نٿو ڪري سگهجي. جي اسين هزارين ڊالر خرچ ڪري سگهون تہ پوءِ ان نقص کي ڏُور ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري سگهجي ٿي. هُن اسان کي اهو بہ ٻڌايو تہ ڇاڪاڻ تہ وات پورو بند نہ ٿيڻ جي ڪري، اهو ڪُتڙو، ماءُ جي ٿڃ چُوسي نہ سگهندو، سو تمام جلدي مري ويندو.
گهر پھچڻ کان پوءِ مون ۽ جُوڊيءَ اهو فيصلو ڪيو تہ ڇاڪاڻ تہ ڊاڪٽر پاران جانور جي حياتي بچڻ جي خاطري ناهي ملي، تنھن ڪري ايتري ڳري رقم خرچ نٿي ڪري سگهجي، پر بھرحال اها سوچ مون کي هڪ ننڍڙي سرنج وٺڻ کان روڪي نہ سگهي، جيڪا وٺي کير ڀري مون سندس وات ۾ وجهڻ شروع ڪيو. لاڳيتا 10 ڏينھن، ڏينھن ۽ رات، مان هر ٻن ڪلاڪن کان پوءِ کيس سرنج ذريعي کير پياريندو رهيس ۽ اهو گُلر بچي ويو ۽ آهستي آهستي نرم کاڌو کائڻ لڳو.
سوا مھيني کان پوءِ مون اخبار ۾ اشتھار ڏنو ۽ هڪ هفتي اندر شوقين ماڻھن اسان جي سڀني گلرن لاءِ آڇون ڏيڻ شروع ڪيون. سواءِ اُن هڪڙي گلر جي، جنھن جو چَپُ ۽ تارُون ڪپيَل هئا.
هڪ منجهند جو گهر جو سِيڌو وٺي موٽندي، مون کي پنھنجي ريٽائرڊ اسڪول ٽيچر نظر آئي، جيڪا ڪجهہ گهٽيون پريان رهندي هئي. هُن بہ اشتھار ڏٺو هو ۽ پنھنجي پوٽَي لاءِ هڪڙو گلر وٺڻ پئي گهريائين. مون کيس ٻُڌايو، تہ تقريبن سڀني گلرن جو سودو ٿي چڪو آهي. خالي هڪڙو ناسي گلر بچيو آهي ۽ ٻيو ڪپيَل تارونءَ وارو آهي. هُن چيو، مون کي ڪنھن ٻئي کان پڇي ٻُڌائجانءِ منھنجي پوٽَي کي ڪتو ضرور گهرجي ٿو.
هڪڙو همراھہ مون سان ناسي رنگ واري بچيل گلر جو سودو ڪري ويو هو، پر ٻہ ڏينھن ٿيا هئا تہ سندس ڪابہ خبر ڪانہ هئي. مون ٽيچر کي فون ڪري ٻُڌايو تہ جي هُوءَ اهو گلر ڏسڻ چاهي تہ اچي سگهي ٿي.
ان رات جو ساڍي ستين بجي ناسي گلر جي سودي وارو همراھہ اچي ويو ۽ سودي جا اصول پڙهي، گلر وٺي ويو. هاڻي مون کي ۽ جُوڊيءَ کي اهو سمجهہ ۾ نہ پيو اچي تہ جي اسڪول ٽيچر اچي وئي تہ اُنھيءَ کي ڪھڙو جواب ڏينداسين. ٿيو بہ ائين، هيڏانھن هي همراھہ نڪتو، هوڏانھن هُوءَ پنھنجي پوٽَي ساڻ اچي وئي. مون کيس ٻُڌايو تہ سڀ گلر کپي ويا. ٽيچر پنھنجي پوٽَي کي چيو، ”جيفري آءِ ايم سورِي، هاڻي ڇا ڪجي؟!“ ان ئي مھل ان آخري گلر رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون، جن کي ٻڌي جيفري هڪدم ڊوڙيو ”منھنجو ڪتو...منھنجو ڪتو...“
ٻارَ ڏانھن نگاھہ ڪيم تہ حيران ٿي ويس. سندس چپ بہ ڪپيَل هيو. هُن هڪدم ڊوڙي وڃي، گلر کي هنج ۾ کنيو هو. پنھنجي ڏاڏيءَ کي ڏيکاريندي چيائين، ”ڏس هي مون جھڙو ٿو لڳي نہ... هي منھنجو آهي.“
ڏاڏيءَ مون ڏي نھاريو، ”اهو وڪڻندئو؟“
ٻارڙي پنھنجي ڀاڪر کي مضبوط ڪري ڇڏيو هو. ”ڏاڏيءَ چيو پئي تہ هن قسم جا ڪتا ڏاڍا مھانگا ۽ مخصوص هوندا آهن. ڏسو مان بہ تہ مخصوص آهيان نہ.“
ڏاڏيءَ جون اکيون ڀرجي آيون ۽ چيائين، ”هن جا گهڻا پئسا ٿيندا؟“
جُوڊيءَ سندس هٿُ جهليندي چيو، ”محبت جي ڪھڙي قيمت ٿيندي آهي. جيڪو پيار هن مھل جيفريءَ وٽان پريشس جي هن ٻار کي ملي پيو، اها ئي تہ اصل سونھن آهي ۽ اوهان جي خيال ۾ سُونھن جي قيمت ڇا ٿي سگهي ٿي.“