شخصيتون ۽ خاڪا

جـن سين لنئون لاڳي

ڪتاب ”جن سين لنئون لاڳي“ ٻلهڙيجيءَ سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ صحافي اقرار پيرزادي پاران ٻلهڙيجيءَ جي ڪردارن تي لکيل خاڪن تي مشتمل آهي، جن کي هن ”مٽيءَ هاڻن ماڻهن جا خاڪا“ سڏيو آهي.
ٻلهڙيجي جيڪا مُهين جي دڙي ويجهو درياءَ ڪپ تي لٽل ماسڪو جي نالي سان مشهور آهي. ان ئي ٻلهڙيجيءَ جي ڪردارن کي پڙهندي مونکي پنهنجي ڳوٺ جا ڪيئي ماڻهو ياد آيا جن تي به ايئن ئي لکي سگهجي ٿو، پر اها اقرار جي خوبي آهي جو پنهنجي قلم ذريعي پڙهندڙ کي مَنڊي ڇڏيو اٿائين. هن مولائيءَ طبيعت ماڻهوءَ سان منهنجي ملاقات ناهي پر ملڻ جي آس اڃان به وڌي وئي اٿم. سندس ڪجهه خاڪن واريون شخصيتون مون به ٻڌيون آهن پر اقرار انهن جا نوان رخ به سامهون آندا آهن. ڪٿي ڪٿي ته اهڙا احساس لکيا اٿائين جو اکين مان پاڻي اچي وڃي ۽ ڪٿي ڪٿي ماڻهو کِلي کِلي ٿڪجي ٿو پوي.
Title Cover of book جـن سين لنئون لاڳي

ٻلهڙيجي : صوفين، صحافين،سياسي ڪارڪنن، شاعرن ۽ سنگيت پريمين جو ڳوٺ

چوڌاري مٽيءَ جا بند. اتر طرف ڳوٺ جي دنگ کان موهن جي دڙي جي حد شروع. اوڀر طرف هڪ ميل جي مفاصلي تي سنڌو درياهه. ڳوٺ جو اوڀاريون بند چڙهبو ته ڪچي جي آباد ۽ سرسبز جُوءِ، ماڻهوءَ جون اکيون کيريون ڪري ڇڏيندي. اولهه طرف لوپ بند تي چڙهبو ته لانياري ديهه شروع ٿي ويندي ۽ پريان بگي، ٻنڊي، ٻٽ ۽ سارين جا ڳوٺ نظر ايندا. ڏکڻ طرف ڪاراڻي، گاجيديري، فتح پور ۽ ويهڙ ڏانهن ويندڙ شاهي رستو نظر ايندو. اِهو آهي صوفين فقيرن، شاعرن، اديبن، صحافين ۽ سنگيت پريمين جو ڳوٺ ٻلهڙيجي.
سنڌ فتح ڪرڻ کانپوءِ 1880ع ۾ انگريزن جيڪا سروي مڪمل ڪئي، ان ۾ به هن حسناڪ ڳوٺ جي نشاندهي ٿيل آهي. ڏيڍ صديءَ جي تاريخ رکندڙ هن ڳوٺ جي سيني ۾ ڪيترائي قصا ۽ ڪهاڻيون دفن آهن. 1880ع ڌاري هتي فقط ٽن ذاتين ڏيپرن، ٻلهڙن ۽ سارين جا ڪجھه گھر ۽ سروي نمبر هئا، باقي سڄو علائقو گھاٽو جهنگ هو. نقشي مان پتو پوي ٿو ته تنهن وقت سنڌو خيرپور رياست ۽ لاڙڪاڻي جي دنگ تان وهندو هو، جيڪو ٻلهڙيجيءَ کان 10 ميل پري هو. موهن جو دڙو اڃا زمين ۾ مدفون هو. عام ماڻهو ان کي ڳوري جاءِ سمجھي انهيءَ پاسي لڙندا ئي ڪونه هئا.
ڳوٺ ٻاهران ٻلهڙي ذات جي هڪ همراهه جي ٻڪرين جي واڙ هئي، جتان ڏکڻ گاجيديري ۽ فتح پور ڏانهن چارو نڪرندو هو ۽ اوڀر ڏانهن ڪنڀرن جي پتڻ تائين دڳ ويندو هو. ان ڪري ڳوٺ کي ”ٻلهڙي جي واڙ“ سڏيو ويندو هو، جنهن مان اڳتي هلي ”واڙ“ وارو لفظ حذف ٿي ويو ۽ هيءُ ڳوٺ ٻلهڙيجي سڏجڻ ۾ آيو.
ٻلهڙيجيءَ ۾ هن وقت ٻه درزن کن ذاتيون رهن ٿيون، جهڙوڪ: ساريا، ڪنڀر، ماڇي، ملاح، ابڙا، ممڻاڻي، چنا، ڪلهوڙا، جيسر، چهواڻ، ٻگھيا، انصاري، ٿهيم، شيخ، بهڻ، پيرزادا، سومرا، مڱريا، باگڙي، جيلاني ۽ لڪياري سيد. اڳي اهي سڀئي 20 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي مختلف ڳوٺن ۾ ويٺل هئا، جن ۾ ڳوٺ سخي شاهه جمال، وڏيرو غلام حيدر، ڍنڍ ڀر، ڀليڏنو ابڙو وغيره وڏا ڳوٺ هئا. تڏهن سنڌوءَ تي ڪو به بئراج يا ڊيم ٺهيل نه هو. سموريون وسنديون ۽ شهر سنڌوءَ جي رحم ڪرم تي هئا. سنڌوءَ جون مست الست ڇوليون، ڪڏهن وسندڙ شهر ويران ڪري ڇڏينديون هيون ته ڪڏهن واهڻن کي وسائينديون به رهنديون هيون. ڄاڻايل ڳوٺن واسي سنڌوءَ جو مقابلو ڪري عاجز ٿي پيا هئا. 1910ع ۾ بنگالي آرڪيالاجسٽ نيني گوپال مجمدار جا پير پوڻ سان هن ڳوٺ جا ڀاڳ کليا، جنهن جي رپورٽ تي موهن جو دڙو دريافت ٿيو ۽ سال 1923ع ۾ سر جان مارشل جي اڳواڻيءَ ۾ موهن جي دڙي جي کوٽائي شروع ڪئي وئي. انهيءَ وقت سکر بئراج به ٺهي رهيو هو، جنهن جون زمينون آباد ڪرڻ لاءِ درياهه جي ٻنهي طرفن کان بچاءُ بند ڏئي ڪچي ۽ پڪي کي ڌار ڪيو پي ويو. ان کان ٿورڙو پهريان 1920ع ۾ ڳوٺ شاهه جمال جا هندو اچي ٻلهڙيجيءَ سان لڳ ڳوٺ ٺاهي ويٺا. توڙي جو هنن ڳوٺ جو نالو نوان شيخ رکيو پر اهو عام زبان تي نه اچي سگھيو ۽ ڳوٺ جو پراڻو نالو ٻلهڙيجي ئي برقرار رهيو. ساڳي ئي سال سنڌو پنهنجي جاءِ ڇڏي اچي ٻلهڙيجيءَ کان وهڻ لڳو. ڪنڀرن جو ڳوٺ صفحه هستيءَ تان ميسارجي ويو ۽ ٻلهڙيجي پتڻ کي سرڪاري طور ”ڪنڀرن جو پتڻ“ نالو ڏنو ويو.
1935ع تائين ٻلهڙيجي ڳوٺ جي بچاءُ بند تي اريگيشن بنگلو تيار ٿي چڪو هو. بند تي نمن ۽ ٻٻرن جا وڻ به پوکيا ويا، جن هن وسنديءَ کي ويتر حسناڪ بڻائي ڇڏيو. رهي سهي ڪسر 1936ع واري مها ٻوڏ پوري ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ڪيترائي ننڍا وڏا ڳوٺ پنهنجو وجود وڃائي ويٺا ۽ اتان جي رهواسين موهن جي دڙي جي ڀرپاسي ۾ اچي پناهه ورتي. شاهه جمال، غلام حيدر وڏيرو ۽ ابڙا ڳوٺ واسي ٻلهڙيجيءَ سان لڳ حاجي لعل بخش شيخ ۽ ڀليڏنو ابڙو جي نالي سان ڳوٺ ٻڌي ويٺا، پر انهن کان اڳ هن ڳوٺ جا اصل رهواسي ڏيپر ۽ ٻلهڙا سارين سان تڪرار سبب هي ڳوٺ ڇڏي ميهڙ ۽ ڪاڇي ڏانهن لڏي ويا هئا. توڙي جو سرڪاري رڪارڊ ۾ هي چار ڌار ڳوٺ آهن پر انهن جا اولين اڏيندڙ اهڙا ته قابل هئا، جو ماڻهو هڪ ڳوٺ جي ڇيڙي تان بيهي ڏسندو ته کيس چوٿين ڳوٺ جو آخري ڇيڙو چٽو نظر ايندو هو، گھٽيون اهڙي ته سڌ ٺهيل هيون.
1935ع ۾ پيرزادا پنهنجي مرشد سخي شاهه جمال جي مڙهه واري صندوق ساڻ کڻائي موجوده ٻلهڙيجي پهتا. جڏهن ته باقي قبرستان سنڌوءَ جي پائيندڙ جو شڪار ٿي ويو. ڳوٺ شاهه جمال ۾ درگاهه تي ستن گنبذن سان روضو ٺهيل هو پر ٻلهڙيجيءَ ۾ سندن آخري آرامگاهه اڌ صدي تائين ڪچي ڪوٺيءَ جي صورت ۾ رهي. نيٺ 2002ع ۾ ان تي خوبصورت روضو تعمير ڪرايو ويو، جيڪو ٻلهڙيجيءَ جي اترئين ڇيڙي تي آهي. روضي تي اڏاوت وارو ڪم به وڻندڙ ته شيشي جي اڪر وارو ٿيل ڪم به شاندار آهي. سخي شاهه جمال جا پنهنجي تر سميت سڄي سنڌ ۾ مريد آهن ۽ هر سال 10 رجب تي سندن ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي، جتي راڳ جون يادگار محفلون ٿينديون آهن، جن ۾ گويا، قوال، توڙي لوڪ صوفي فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا رهندا آهن. ڳوٺ جي ڏکڻ اوڀر ڪنڊ تي ڪچي ۾ ملوڪ شاهه جي درگاهه آهي، جنهن جي مٿان بند تي اريگيشن بنگلو ۽ ڪنڀرن جي آوي آهي. سيد ملوڪ شاهه جا فقير صوفي ولايت شاهه هنباهه (انباهه) واري جا طالب هئا. صوفي سال ۾ هڪ ڀيرو هتي ضرور ايندا آهن. اڳي اهي مهين جي دڙي کان ساز ملائي ڳائڻ شروع ڪندا هئا ۽ ٻلهڙيجيءَ جا فقراءُ اڌ پنڌ تي سندن آڌر ڀاءُ ڪندا هئا. ائين ٻه ڪلو ميٽر پنڌ ڳائيندا ۽ نچندا سيد ملوڪ شاهه جي درگاهه تي پهچندا هئا. سيد ملوڪ شاهه تي 1960ع کان اڳ به ميلو لڳندو هو، جيڪو بند ٿي ويو پر پوءِ ڳوٺ جي ملهه پهلوان ۽ شوقين نواب خان ابڙي 1980ع ۾ ٻيهر ميلو لڳرايو ۽ اتي ٿيندڙ ملهه جا مقابلا ڀٽ شاهه جي ملاکڙي جيان يادگار ٿيندا آهن. ملوڪ شاهه جي درگاهه هڪ وڏي دڙي تي ٺهيل آهي. جڏهن به ٻوڏ ايندي آهي ته درگاهه کان سواءِ باقي سڄو علائقو پاڻي هيٺ اچي ويندو آهي. ماڻهن جو خيال آهي ته سيد ملوڪ شاهه، درياهه بادشاهه جو شش آهي، جنهن ڪري درياهه ساڻس ڪا به کئونس نٿو ڪري ۽ جيئن پاڻي چڙهي ٿو تيئن هن جي درگاهه به وڃي ٿي مٿي ٿيندي. اهي ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي پر 2010ع واري مها ٻوڏ مزار وارو دروازو ٻوڙي ڇڏيو ۽ ڪجھه نقصان به رسايو هو.
ملوڪ شاهه جي درگاهه هر دور ۾ خوبصورت اسپاٽ رهي آهي، جتي ٽالهين، ٻيرن ۽ ٻٻرن جا وڏا وڻ آهن. سامهون سنڌو پنهنجي جوڀن سان ڀرپور وهندو نظر ايندو آهي. ڪجهه ڏهاڪا اڳ تائين ملاحن جو ٻيڙين وارو ڳوٺ به هوندو هو، ٻيڙين جا سڙهه پري کان پيا نظر ايندا هئا ۽ شام جو جڏهن مال وٿاڻن ڏانهن ورندو هو ته مينهن، ڳئن جون رنڀون ۽ ڍِڪون، ڦرن جا آواز ۽ انهن جي ڳچيءَ ۾ ٻڌل چڙن، سانڀرن، ٽلين ۽ ڊنڀرن جا سريلا ساز ماحول کي مست بڻائي ڇڏيندا هئا. منهنجي ڳوٺ جي خوبصورت شاعرن مير محمد پيرزادي ۽ انور به گھڻو وقت ملو ڪ شاهه جي درگاهه تي گذاريو ۽ ان ئي ماحول ۾ شاعري سرجي.
ڳوٺ جي ڏکڻ اولهائين ڪنڊ تي صالح سوائي جي درگاهه ۽ وڏو قبرستان آهي. ڪجھه ورهيه اڳ تائين هتي سرنهه ۽ توت جا وڏا وڻ هئا ۽ ماڻهن جي ذهنن ۾ اها ڳالهه ويٺل هئي ته اهي صالح سوائي جا فقير جِن آهن ۽ قبرستان تي مڪمل طور غيبات جو قبضو آهي. ان ڪري اتان وڻ وڍڻ ته ڇا پر رات جو گذرڻ به مشڪل آهي! هاڻ اتان به گھڻا وڻ وڍجي ويا آهن.
1923ع کان وٺي 1936ع تائين هن ڳوٺ جي چڱي خاصي ترقي ٿي. سونارڪي دڪان کان وٺي، کلن جي رنگ ڪرڻ تائين ڪيترائي دڪان کلي چڪا هئا. ڳوٺ ۾ آڏاڻو به هو ته تيل پيڙهڻ وارو گھاڻو به هو، پڪوڙن جو دڪان به هو ته ڪرياني واري دڪاندار وٽ ڀڳڙن کان وٺي کاڌي پيتي جو هر قسم جو سامان، لٽو ڪپڙو ۽ تماڪ به ملي ويندو هو. ڳوٺ ۾ سبزيءَ جو دڪان به هو. هي ڳوٺ اڃا جوڀن کي ئي نه رسيو هو جو ان کي غيرفطري ورهاڱي ڪاپاري ڌڪ هڻي ڪڍيو. ڳوٺ کي ٺاهيندڙ راڻا ٻئي پار روانا ٿي ويا. هندو پنهنجا محل ماڙيون، ٽڪاڻا ۽ ٽول ڇڏي هليا ويا. سندن وڇوڙي ڪيترن ئي همراهن جا جيءُ جھوري وڌا ۽ هي وسندڙ ڳوٺ هڪ دفعو وري ويران ٿي ويو.
اسان جي ڳوٺ ۾ هندو-مسلم تضاد ڪڏهن به نه ٿيو. جهڙي نموني مسلمان دين کان دور هئا، اهڙي ئي حالت هندن جي به هئي. ڳوٺ ۾ هڪ ٽڪاڻو هو پر اتي به ماڻهن جي حاضري پوري ساري هئي. عيدن ڏيارين جو ڪو به سَنڌو نه هو. عيد براد تي هڪٻئي کي سوکڙيون پاکڙيون ڏبيون وٺبيون هيون. مسلمانن جا ٻارڙا هر روز هندن وٽان سيسا ۽ پاپڙ وٺڻ ويندا هئا. هندو به مسلمانن وانگر مالوند هئا. سندن مال صبح جو چرڻ لاءِ جھنگ روانو ٿيندو هو ۽ شام جو واپس وٿاڻ پهچي ويندو هو. هڪ ڏينهن جڏهن سندن مال جھنگ مان موٽيو ته گوبند جي ڳئون جي کل لٿل هئي. هن واقعي هندن ۾ خوف پيدا ڪري ڇڏيو ۽ هنن ديس ڇڏڻ جي سنبت ڪئي. انهن مان هڪ گھر ڏوڪريءَ ۾ رهائش اختيار ڪئي. اهي درگاهه لواري شريف جا مريد هئا. انهيءَ جماعت ۾ آسودي مل جي هاڻي به اهم حيثيت آهي. اسان جي ڳوٺ جا هندو ڳوٺ ڇڏڻ کان اڳ گروي ٿيل زمينن جا ڪاغذ اصل مالڪن کي ڏئي ويا. ان ڪري ڌڻيءَ جي مهرباني سان ڪو به شرنارٿي اسان جي ڳوٺ نه آيو. البت اسان جي ڳوٺ جي هندن جون ديهه لانياري واريون ٻنيون ڪوڙن ڪليمن تي اهڙن ماڻهن کي مليون، جن کي اتي هڪ ويسو به نه هو.
هندن جي لڏپلاڻ کان پوءِ ٻلهڙيجيءَ ۾ شيروءَ جي ڳوٺ جا ماڇي اچي رهيا جيڪي سڀ جا سڀ ڀوڳائي ۽ زنده دل انسان هئا. سندن چرچا سڄي ڳوٺ جي ڪچهرين جو موضوع هوندا هئا. چاچا ڀائٽين سان، ماما ڀاڻيجن سان اهڙيون مذاقون ڪندا هئا جو ماڻهن جا پيٽ ۾ هٿ هوندا هئا. ايندڙ ويندڙ کي ته اڳيان ڪندا هئا پر گھڻي کان گھڻا ڀوڳ قائم ماڇيءَ سان ڪندا هئا. همراهه کي گھٽيءَ ۾ الف اگھاڙو ڪري ڇڏيندا هئا ۽ هو نالا وٺي کين گاريون ڏيندو هو. همراهه شادين جي ڪاڄن ۽ پرڻن تي ته مستيون ڪندا رهندا هئا پر قضئي تي به هنن جي چرچن جا ڌوڙيا هوندا هئا. هنن جي ڀوڳن ۽ مسخرين تي لکبو ته ڪيترا ڪاغذ ڪارا ٿي ويندا. نموني طور هڪ اهڙو واقعو بيان ڪيان ٿو: هڪ ويري مولا بخش عرف مولائي ماڇي ۽ سهراب ماني ٻڌي ٻنيءَ تي ويا ته اتي محبوب عرف خانصاحب ڪڪو ماڇي همراهن جو ٽولو وٺي ساڻن ڪچهريءَ لاءِ پهتو. هن اک بچائي سندن ماني ڇوڙي ڪپڙي ۾ مال جو تازو ڇيڻو وجھي ڇڏيو. همراهن سان هفتو کن اهڙي واردات برابر ٿيندي رهي، نيٺ خبر پين ته ساڻن اها تعدي ڪڪو ماڇي ڪري رهيو آهي. هڪ ڏينهن هنن کيس گھٽيءَ ۾ ڏسي انساني ڪرفتي ۾ ڪاٺيءَ ۾ وجهي پاڻ ۾ بحث شروع ڪيو: ”عطر آ “، ”نه عنبير آ.“ همراهن جي جھيڙي تي خانصاحب امين مقرر ٿي جيئن ئي ناسون ڦوٽاريون ته هنن ڪاٺي ۾ کنيل ڪرفتي سندس نڪ ۾ وجھي پاڻ سان ٿيل تعديءَ جو بدلو ورتو.
اسان جي ڳوٺ ۾ ورهاڱي کان اڳ چهواڻ اچي ويٺا، جيڪي راجپوت نسل جا مسلمان آهن. توڙي جو مذهب مٽائي کين صديون گذري ويون آهن پر اڃا تائين سندن پراڻيون رسمون پڻ برقرار آهن. هي انتهائي محنتي ۽ جفاڪش ماڻهو آهن. واڍيءَ جي ڪم جا ماهر آهن. ان کان سواءِ خرڪاري به ڪندا رهيا. اهي گھرن ۾ سنڌيءَ سان گڏ پنهنجي ٻولي به ڳالهائين ٿا. هاڻ گھڻا تڻا پنهنجي نوڪرين ۽ واپار وڙي ۾ آهن. البت اڃا به ڪجھه آهن، جيڪي پراڻي ڪرت جاري رکيو اچن.
اسان جي سامهون ڪنڀرن جي پتڻ کان ملاحن جو ٻيڙين وارو ڳوٺ هوندو هو، جنهن ۾ هر ٻيڙيءَ تي ٻه سانهه پکي ٻڌل هوندا هئا. ٻيڙين وارا گھر پنهنجي پنهنجي حيثِيت آهر سينگاريل هوندا هئا. جيڪي پاڻي وارا پکي ڦاسائيندا هئا، انهن کي ماري سڏيو ويندو هو. جيڪي ماڻهن کي درياهه پار ڪرائيندا هئا، تن کي پاتڻي سڏيو ويندو هو، باقي سڀ مڇيءَ مارا هئا. اهي چهن مان کارا ۽ ڪڪِڙيون به ٺاهيندا هئا. شاديءَ جو ڪاڄ ڪندا هئا ته هفتن جا هفتا شادمانا هلندا هئن. ڳائڻ ۽ نچڻ ڪڏڻ جا شوقين! شادين ۾ زالين مردين گڏ ڳائيندا ۽ نچندا هئا. ننڍي وڏي بيماريءَ کي ته ليکيندا ئي ڪونه هئا پر جڏهن ڪو همراهه هلڻ چلڻ کان لاچار ٿي ويندو هئن ته کيس وڏي چادر ۾ وجھي، ان جي ڏولي ٺاهي، چار مڙس ڪلهو ڏيندا هئس، پويان مايون مرد روئيندا اوسارا ڪندا ڊاڪٽر وٽ پهچندا هئا. تيستائين گھڻي ڀاڱي مريض موڪلائي چڪو هوندو هو. 1985ع ۾ ڌاڙيل راڄ هنن جو ٻيڙين وارو ڳوٺ ختم ڪري ڇڏيو. ملاحن مان پاتڻي اسان جي ڳوٺ ۾ رهيا، باقي ٻلهڙيجيءَ جي اتر ۾ امام بخش ملاح جي نالي سان پنهنجو ڳوٺ ٻڌي ويٺا آهن.
اسان جي ڳوٺ جي مڱرين فقيرن جي سادگيءَ تي ڪيترائي لطيفا، نظير ۽ بيان ٺهيل آهن. اهي درٻيلي (ڊڀري) جي مخدومن جا خاص مريد هئا. مڱريا فقير انتهائي شريف ۽ لوڪ ادب سان چاهه رکندڙ آهن. اسان وڏن کان وٺي ميان دوست محمد ۽ ميان عاقل (پهريون) جا قصا ٻڌندا آيا آهيون. چون ٿا ته ميان دوست محمد ڊڀري جي پيرن جي زيارت لاءِ گھوڙي سنجي تيار ٿيو. هن پيرن جي تحفي لاءِ پنڊيون، ٻير ۽ پلي به کنئي. ڪنڀرن واري پتڻ تي خيال آيس ته متان ڀلجي وڃان؛ تنهن ڪري هن پنهنجي ٻانهن ۾ نوڙي ٻڌي ڇڏي. ٻيڙيءَ تي هڪ چرچائي همراهه سندس ٻانهن مان نوڙي ڇوڙي پنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌي ڇڏي. ميان دوست کي ان همراهه جي ٻانهن ۾ نوڙي ٻڌل ڏسي پاڻ تي شڪ ٿيو. سو، پڪ ڪرڻ لاءِ پڇيائين:
”توهان ميان دوست آهيو؟“
”ها.“
”هيءَ گھوڙي به توهانجي آهي؟“
”ها “
”توهان ٻير، پلي ۽ پنڊيون کڻي درٻيلي ٿا وڃو؟“
”ها!“
همراهه هر سوال جو ها ۾ جواب ٻڌي سموري سامان مان هٿ ڪڍي، پنڌ گھر موٽيو.
ٻيو واقعو ٻڌائين ٿا ته ميان عاقل (وڏو) ميرن کي ڍل ڏيڻ لاءِ ٻه ٻورا مال ۽ زر جا ڀري روانو ٿيو. رستي ۾ ساڻس رفيقن دوکو ڪري سندس مال ڪڍي، ٻورن ۾ مٽي ۽ پراڻا پادر وجهي ڇڏيا. جڏهن ميرن جي وزيرن سامهون مٽي ۽ پادر ظاهر ٿيا، تڏهن کيس سڄي ڳالهه سمجھه ۾ اچي وئي پر ميرن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ چوڻ لڳو:
”سرڪار! اسان جي علائقي ۾ سوا لک پير آهن، جن جي دعائن سان اسين تڳون ٿا. مان سائين جن ڏانهن انهن ماڳن تان مٽي ۽ پيرن جون پراڻيون چاکڙيون آنديون آهن، جيئن سائين جن به اها مٽي چمي سعادت ماڻين.“ ان تي ميرن جي وزيرن ان مٽيءَ کي چمڻ شروع ڪيو.
ٻنهي واقعن جي سچائيءَ جي خدا کي خبر پر مڱرين فقيرن ۾ اڄ به ٻئي رنگ موجود آهن. مڱرين جو ميان فيض محمد فيضل سگھڙ هو. سندس پٽ ميان پيرل ۽ ميان غلام سٺا سگھڙ آهن. سندن استاد محمد ملوڪ عباسي هو. ميان غلام جي شاعريءَ جو هڪ ڪتاب به ڇپيل آهي. جڏهن ته ٻيا هاڻي ڳوٺ ڇڏي لاڙڪاڻي منتقل ٿي ويا آهن ۽ سندن ننڍا وڏا سٺين نوڪرين ۾ آهن.
ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ تعليم تر جي سڀني ڳوٺن کان اڳ ۾ آئي. ان وقت ڳوٺ ۾ خليفي محمود مسلم پرائمري اسڪول قائم ڪيو، جنهن ۾ استادن کي پگھار بدران سالياني گرانٽ ملندي هئي: في ڇوڪرو 5 رپيا ۽ في ڇوڪري 7 رپيا. سالياني گرانٽ ملڻ جي ڪري استادن ڪوششون ڪري نياڻين کي تعليم ڏياري، جنهن ڪري ڳوٺ جي ڇوڪرين کي نوڪريون به مليون. 1936ع کان 1947ع تائين جي اسڪول رجسٽر واري رڪارڊ مطابق مسلم اسڪول ۾ 21 هندو شاگرد داخل آهن.
ٻهلڙيجي واسي گانڌيءَ واري ڪانگريس ۽ قائد اعظم جي مسلم ليگ کان وٿيرڪا هئا. بس تر جي وڏيرن کي چونڊن وقت ووٽ ڏئي ايندا هئا. البت تصوف جي مختلف سلسلن جي اثر هيٺ هتي علم، ادب ، شاعري ۽ راڳ جو رجحان ضرور هو. شاعريءَ جي شمع ناجيه جماعت ۽ قادري صوفين جلائي. درگاهه لواري شريف سان لاڳاپيل مريد هر مهيني جي چوٿين تاريخ ملهائيندا آهن. چوٿين پاڪ تي پنهنجي مرشد جي شان ۾ قصائص پڙهندا آهن. پيرزادن جو هڪ وڏو ويڙهو ناجيه جماعت سان لاڳاپيل آهي، جن جي پنهنجي جماعت ۾ اهم حيثيت آهي. شروع ۾ انهن مرشد جي شان ۾ شاعري ڪئي، ان سان گڏ صوفي شاهه نصير نوشهري واري ۽ صوفي ولايت شاهه هنباهه واري جا معتقد هئڻ ڪري هن ڳوٺ ۾ مڙيوئي شاعريءَ وارو شغل ٿيندو رهندو هو.
هن ڳوٺ جو راڳ سان رشتو به اڻ ٽُٽ آهي. ڪيترائي گويا، صوفي فنڪار، ڀڳت، قوال، ڀٽ ۽ ڀان هتي محفلون مچائيندا رهيا آهن. هن ڳوٺ جو ميان جان محمد پيرزادو، استاد علي بخش عرف علڻ انصاري، غلام رسول پيرزادو، ميهر فقير انصاري، مزنو ماڇي ۽ جان محمد ماڇي پروفيشنل فنڪار رهيا آهن. اڄ به ٻلهڙيجي ڳوٺ ۾ سخي شاهه جمال جي هر سومر رات ملهائي وڃي ٿي. ملوڪ شاهه جي هر جمعي ڏينهن محفل مچي. ان کان سواءِ هر يارهين رات صالح سوائي ۽ هر چوڏهينءَ رات ڀرپور فقير جو وار ٿئي، جنهن ۾ مقامي فنڪار ڳائيندا رهندا آهن. اڄ به ڳوٺ جو ڪو همراهه وهانءُ ڪندو آهي ته پهريان کانئس اهو پڇيو ويندو آهي ته راڳ ڪهڙو ٿو ٻڌائين؟ سنڌي ادبي سنگت ٻلهڙيجيءَ پاران 1978ع ۾ هتي ڀٽائي سرڪار جي ورسي ملهائي وئي، جنهن م سڄي سنڌ جا وڏا ترقي پسند اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيا هئا ۽ هن پروگرام ۾ خانصاحب منظور علي خان جو راڳ به ڪرايو ويو هو.
ٻلهڙيجي مذهبي حوالي سان سيڪيولر ڳوٺ آهي، جنهن ۾ دين ڌرم جي نالي تي ڪڏهن به دنگو فساد نه ٿيو آهي. ڳوٺ ۾ پنج ست مسجدون، پنج ست درگاهون ۽ مئخانا به آهن. مسجدن ۾ ربيع الاول ۽ رمضان شريف ۾ ڪجھه رونق ڏسڻ ۾ ايندي آهي، باقي ته پنج ڇهه جماعتي مس هوندا آهن. صوفين جي تعليم جي ڪري باگڙين ۽ ٻين جاتين کي به نفرت جي نگاهه سان نه ڏٺو ويندو آهي. هن ڳوٺ ۾ سياسي سجاڳي پيدا ڪرڻ ۽ پڙهيل نوجوانن کي ترقي پسندن جي ٽولي سان ڳنڍڻ ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جو ڪم آهي، جنهن جي صحبت انور کي سياسي شعور ڏنو ۽ لاٽ مان لاٽ ٻرندي رهي.
هتي سياسي حوالي سان ڪميونسٽ پارٽي ۽ جيئي سنڌ جو وجود پوءِ پيو، پهريان سنڌي ادبي سنگت ٻلهڙيجي شاخ قائم ٿي. اهو 1975ع وارو دور هو، توڙي جو روزگار سانگي هن ڳوٺ جا شاعر ميرمحمد پيرزادو سڪرنڊ ۽ انور ۽ ستار ڪراچي منتقل ٿي چڪا هئا، ان جي باوجود ٻلهڙيجي شاخ سنگت جي سرگرم ترين شاخ رهي، جنهن ۾ لطف، عبدالرحمان، زلف پيرزادو، شاهه محمد پيرزادو، گل حسن پيرزادو، هادي، فيض الله، شفقت، عجيب، علي مردان، نثار، محب ۽ منور سميت ڪيترائي نوجوان شامل هئا، جن مان ڪجھه لکڻ جو سلسلو برقرار رکي نه سگھيا آهن. 1989ع ۾ جڏهن سنڌي ادبي سنگت جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل غلام حسين رنگريز ٿيو ته ٻلهڙيجي شاخ ٻيهر سرگرم ٿي، جنهن ۾ غوث، پرويز، انور جونيئر، حسن، جانيئڙو سنڌي، زيد، مجيب ماڇي ۽ مسرور پيرزادو اڳرا رهيا. ان وقت سنگت هٿ سان لکيل ماهوار رسالو ”سرهاڻ“ جي نالي سان جاري ڪندي هئي. ڪجھه سال ادبي سرگرميون جاري رهيون پر 1994ع ۾ مسرور، زيد، پرويز، غوث، انور جونيئر به روزگار خاطر ڪراچيءَ جا وڻ وسايا ته سنگت هڪ دفعو ٻيهر غيرسرگرم ٿي الحاق رد ڪرائي ويٺي.
سنڌي ادبي سنگت جي دوستن 1980ع ۾ ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجيءَ جو بنياد وڌو، جنهن ۾ سڀني سياسي ڌرين جا ماڻهو شامل هئا. سنگت جي وڏي مدد شهرن ۾ نوڪري ڪندڙ ڳوٺ جي ماڻهن ڪئي، جن ۾ ميان بيگ محمد پيرزادو، قربان پيرزادو، ڊاڪٽر محمد حسن، انور ۽ ٻيا شامل هئا. ڳوٺ سڌار سنگت جي پليٽ فارم تي ڳوٺ جي نوجوانن، وڏيرن سان اليڪشن ۾ نه رڳو مقابلو ڪيو پر کين شڪست به ڏني. ڳوٺ سڌار سنگت جي ڪوششن سان ڳوٺ ۾ بجلي منظور ٿي، روڊ ٺهيو. پنهنجي مدد پاڻ تحت ڊاڪٽر زبيده ميموريل ڊسپينسري قائم ڪئي وئي. اڳي ڳوٺ جون گھٽيون هيٺ هيون، برسات پوڻ سان مهينن جا مهينا گھٽين ۾ پاڻي بيٺل هوندو هو. ڳوٺ سڌار سنگت جي سڏ تي ننڍا وڏا گڏ ٿي ڀنجهو وجهي گھٽين کي گپ ٿيڻ کان بچائي ويا. ڳوٺ سڌار سنگت ڏهاڪو ورهيه سرگرم رهي. هاڻ ڳوٺ ۾ انڊس ڊولپمينٽ ايسوسيئيشن جي نالي سان سماجي تنظيم موجود آهي، جنهن جو صدر گلاب پيرزادو آهي. هن تنظيم جي مدد به ڳوٺ کان ٻاهر رهندڙ ڳوٺاڻا ڪن ٿا، جن مان رياض پيرزادي جي ڪردار کي فراموش نٿو ڪري سگھجي.
هن ڳوٺ جو پهريون سياسي قيدي ته انور پيرزادو هو، جنهن ايئرفورس ۾ پائليٽ جي ٽريننگ دوران بنگالين جي حمايت ۾ پنهنجي هڪ دوست ڏانهن خط لکيو هو، جنهن تي سندس ڪورٽ مارشل ٿيو. سياسي سجاڳي وڌڻ کانپوءِ گلاب پيرزادو، علي مردان پيرزادو، لطف پيرزادو، زلف پيرزادو، سرور پيرزادو، حاڪم پيرزادو، حسن ابڙو ضيائي مارشل لا ۾ سياسي قيدين جي حيثيت ۾ جيلن ۾ رهيا. لطف ڳوٺ جو پهريون سياسي قيدي هو جنهن مارشل لا ۾ 15 ڦٽڪا کاڌا. اهڙي حوالي سان هيءُ ڳوٺ قومپرست ترقي پسند سياست جو مرڪز رهيو آهي. ڪميونسٽ پارٽي ۽ جيئي سنڌ جي مرڪزي سطح جا اڳواڻ هن ڳوٺ سان تعلق رکن ٿا. انور (ماضيءَ ۾) شاهه محمد، گلاب، مجيب، زلف، عبدالرحمان، لطف، رياض، پير بخش ڪميونسٽ پارٽيءَ سان لاڳاپيل رهيا. جڏهن ته ميرمحمد، فيض، شفقت، عجيب، جانيئڙو سنڌي، حفيظ پيرزادو، انور جونيئر، قومپرست سياست سان لاڳاپيل رهيا آهن. سنڌ هاري ڪاميٽي پاران 1983ع ۾ ڪامريڊ حيدر بخش جتوئي جي ورسي ملهائي وئي هئي، جنهن ۾ سڄي پاڪستان جا ڪميونسٽ ۽ قومپرست شريڪ ٿيا هئا. هتي جيئي سنڌ جا به وڏا جلسا ٿيندا رهيا آهن. هن ڳوٺ جي هڪ نوجوان سرويچ پيرزادي کي جسمم سان وابستگيءَ سبب اغوا ڪري ٽي مهينا ٽارچر ڪرڻ بعد گوليون هڻي شهيد ڪيو ويو، جنهن جي مزار سخي شاهه جمال جي روضي جي ڏکڻ ۾ آهي.
ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ ۾ تاريخ جون اهم شخصيتون پيدا ٿيون آهن، جن پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ ڀرپور نالو ڪمايو آهي، انهن جو ذڪر نه ڪرڻ به ناانصافي ٿيندي. اهڙن انسانن ۾ وڏيرو علي بخش ساريو به هڪ هو، جيڪو وڏو زميندار ۽ مال ملڪيت وارو هو. همراهه جي انصاف پسندي ۽ غريب پروريءَ جون ڳالهيون ڳائجنديون رهنديون آهن. هن کي هڪ پٽ هو، جيڪو درويش ۽ اٻوجھه هو، جنهن ڪري ڪوبه مائٽ کيس سڱ ڏيڻ لاءِ راضي نه هو. هن پنهنجي پٽ کي پرڻائڻ لاءِ مٿا کٿا ڏنا پر ڪٿان به سر وارو جواب نه مليس. نيٺ مائٽن کيس ٻلهڙيجيءَ مان لڏڻ جي شرط تي سڱ ڏنو. همراهه پنهنجي پيڙهي بچائڻ خاطر ٻلهڙيجيءَ کي الوداع ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. اٺن ۽ بيل گاڏين تي هن پنهنجو سامان ٻنڊيءَ منتقل ڪيو، هڪ بيل گاڏي ۾ گينين سان ڀريل 35 لوٽا هئس، جن مان 5 اتي پهچندي ئي غائب ٿي ويا. ان تي همراهه ڪاوڙجي واپس ٻهلڙيجي ڪوچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي سندس مائٽ پريشان ٿي ويا. پوءِ کيس اهي پنج گينين جا لوٽا واپس ڪري ٿڌو ڪيو ويو. هن جي مرڻ پڄاڻا سندس ملڪيت جا وارث ساهرا بڻيا، جن کان سندس پوٽي مور خان سارئي وڏا حيلا هلائي ڪجهه ملڪيت واپس ورتي.
هن ڳوٺ جو لعل بخش شيخ به جيد حڪيم هو، جنهن جي رومانس ۽ مرض شناسيءَ جا قصا مشهور آهن. چون ٿا ته مريض کي ڏسندي ئي سمجھي ويندو هو ته کيس ڪهڙي تڪليف آهي. هڪ ڀيري ڪو شخص وٽس هڪ مريض کي کڻي آيو، جنهن کي ڏسندي ئي چيائين ته ”هي همراهه بلڪل ٺيڪ آهي، باقي تون رات 12 وڳي کان اڳ مري ويندين.....!“ ۽ واقعي ائين ئي ٿيو! ٻيو واقعو ٻڌائين ٿا ته هن هڪ همراهه کي تيز اٺ تي چڙهيل ڏسي کيس رڙ ڪئي ته ”اٺ مئل اٿئي، لهي وڃ!“ همراهه سندس ڳالهه تي ڌيان نه ڌريو، ٻه ٽي ٻارا پنڌ جا مس ڪيائين جو اٺ وڃي ڦهڪو ڪيو ته وري اٿيو ئي نه. لعل بخش شيخ پيادل حج به ڪيو هو. چون ٿا ته هن حڪمت جي سکيا نه ورتي هئي، اهو سڀ لواري شريف واري مرشد جي نگاهه جو ڪرم هو، جنهن هن کي ويڄ ۽ تن طبيبن بڻائي ڇڏيو هو.
اسان جي ڳوٺ جو خليفو محمد صديق تاريخدان هو. هي درگاهه لواري شريف جو خليفو هو. سندس ذاتي لائبريريءَ ۾ ڪيترائي ڪتاب موجود آهن، جن مان ڪجھه شايع به ٿيا آهن. تر ۾ رهندڙ سمورين برادرين جا وٽس شجرا موجود آهن. افسوس جو هن جي پونئيرن اهو علمي خزانو ڄڻ ته دفن ڪري ڇڏيو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي تاريخدانن کانئن انهن ڪتابن جي گھر ڪئي آهي پر هي همراهه ڪنهن کي اهو خزانو ڏيکارڻ لاءِ به تيار ناهن.
اهڙي طرح هن ڳوٺ جون ڪيتريون ئي اهڙيون شخصيتون آهن، جن تي مان ڌار ڌار مضمون ۽ خاڪا لکي چڪو آهيان. اڄ به ٻهلڙيجي ڳوٺ ۾ ٻن درزنن کان وڌيڪ صحافي آهن ۽ درزن کن اهڙا شاعر آهن جن جي شاعريءَ جا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن مان ڪيترن جا ته هڪ کان وڌيڪ ڪتاب آيل آهن. اسان جيئن ڳوٺ کي ڏٺو آهي، اسان کان اڳين پيڙهي ان کان مختلف ڏٺو ۽ ان کان به اڳين پيڙهي اڃا به مختلف ڏٺو. اسان کوهه لٽجندي ڏٺا پر اسان کان اڳين پيڙهي کوهه کڄندي ڏٺا، کوهن ۾ نار وهندي ڏٺا. بچاءُ بند تي پٿر جو اسپر اچڻ سان ڳوٺ جي حسن ۾ واڌارو ته ٿيو آهي پر هاڻ سنڌوءَ جي پيٽ ۾ ٻيڙين جا سڙهه نظر نٿا اچن. اڳي سنڌوءَ جو پاڻي بند هيٺان مهينن جا مهينا کامن ۾ بيٺو هوندو هو. آسپاس وڏا وڏا ٻيلا هئا پر هاڻ پاڻي جيئن چڙهي ٿو، تيئن لهي وڃي ٿو. ٻيلن جو نانءُ نشان نه رهيو آهي، جو سنڌوءَ جي تيزيءَ کي ماٺو ڪري سگھي.
منهنجي ڳوٺ جا ماڻهو ڪي فرشتا نه آهن، انسانن وانگر منجھن خاميون خوبيون آهن. پاڻ ۾ جهيڙا جھٽا به ٿيندا رهندا آهن پر اسان جي ڳوٺ ۾ خوني تڪرار ڪڏهن به نه رهيا آهن. هنن رُٺو ئي رهجي وڃڻ کان پرچڻ لاءِ سدائين پهل ڪئي آهي. اڄ به منهنجو ڳوٺ اهڙو ئي حسناڪ آهي. هتي ڪو ماڻهو هڪ ڏينهن مهمان ٿي ايندو هو ته قرب ۾ ڪڙجي ڇهه ڇهه مهينا رهي پوندو هو. اڄ منهنجو ڳوٺ سيڪيولر روايتن کان وٺي هر پاسي کان حسناڪ ۽ ڪشش وارو آهي.