شخصيتون ۽ خاڪا

جـن سين لنئون لاڳي

ڪتاب ”جن سين لنئون لاڳي“ ٻلهڙيجيءَ سان تعلق رکندڙ ليکڪ ۽ صحافي اقرار پيرزادي پاران ٻلهڙيجيءَ جي ڪردارن تي لکيل خاڪن تي مشتمل آهي، جن کي هن ”مٽيءَ هاڻن ماڻهن جا خاڪا“ سڏيو آهي.
ٻلهڙيجي جيڪا مُهين جي دڙي ويجهو درياءَ ڪپ تي لٽل ماسڪو جي نالي سان مشهور آهي. ان ئي ٻلهڙيجيءَ جي ڪردارن کي پڙهندي مونکي پنهنجي ڳوٺ جا ڪيئي ماڻهو ياد آيا جن تي به ايئن ئي لکي سگهجي ٿو، پر اها اقرار جي خوبي آهي جو پنهنجي قلم ذريعي پڙهندڙ کي مَنڊي ڇڏيو اٿائين. هن مولائيءَ طبيعت ماڻهوءَ سان منهنجي ملاقات ناهي پر ملڻ جي آس اڃان به وڌي وئي اٿم. سندس ڪجهه خاڪن واريون شخصيتون مون به ٻڌيون آهن پر اقرار انهن جا نوان رخ به سامهون آندا آهن. ڪٿي ڪٿي ته اهڙا احساس لکيا اٿائين جو اکين مان پاڻي اچي وڃي ۽ ڪٿي ڪٿي ماڻهو کِلي کِلي ٿڪجي ٿو پوي.
Title Cover of book جـن سين لنئون لاڳي

وڏيرو اِمنُ : جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس

ويڪرو، ڳاڙهو ڳٽول منهن، ان تي ٺهندڙ ڊگھا شهپر، وڏيون سرخ اکيون، ويڪري ڇاتي، مٿي تي 14 والن جو مولهيو، بنا ڪالر وارو ڪرتو ۽ وڏي سفيد شلوار، ڀٽائيءَ جي سٽ: ”جهڙا گل گلاب جا، تهڙا مٿن ويس“ جي هوبهو تصوير. اهو هو مهين جي دڙي ڀرسان آباد ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جو امام بخش پيرزادو، جيڪو تر ۾ ”وڏيري اِمن“ جي نالي سان مشهور هو. هن تي ”وڏيرو“ لفظ ايئن ٺهندو هو، جيئن اهو خطاب وڏيري شاهنواز جوڻيجي تي ٺهندو هو. جهڙي ڌڻي صورت ڏني هيس، اهڙيون ئي کيس خوبيون عطا ڪيون هئائين. هُو گفتي جو گوهر، سماجي سائنس جو ڄاڻو، ثقافتي ورثي سان محبت ڪندڙ، ڪلاسيڪل راڳ جو عاشق، شهسوار، علم، ادب ۽ سونهن جو متلاشي، بهترين رانديگر ۽ هڪ انقلابي ماڻهو هو. اڄ سڄي سنڌ ۾ ڳوٺ ٻلهڙيجيءَ جي جيڪا سڃاڻپ آهي، ان ۾ هن ڳڻن جي ڳهير شخص جو وڏو حصو آهي. توڙي جو هن جو اٿڻ ويهڻ تر جي وڏن وڏيرن سان هو پر هيءُ پنهنجي سڀاءُ ۾ عوام دوست هو. هن ڳچ سارا ڳڻ ڪيا ۽ ڪڏهن به اوڳڻ اوڏو نه رهيو.
وڏيري اِمن جو جنم 1925ع ڌاري ڳوٺ غلام حيدر پيرزادي ۾ ٿيو، جيڪو 1936ع واري مها ٻوڏ ۾ دادلي درياهه جي پائيندڙ جو شڪار ٿي پنهنجو وجود وڃائي ويٺو هو. اهو ڳوٺ مهين جي دڙي کان 5 ڪلوميٽر اوڀر طرف سنڌوءَ جي کاٻي ڀر تي، ڪچي ۾ هو. ان ڳوٺ جا رهواسي سِر بچائي مهين جي دڙي کان 2 ڪلوميٽر ڏکڻ طرف ٻلهڙيجي ڳوٺ آڏو خالي پيل پٽ تي جھڳا اڏي ويهي رهيا. توڙي جو نئين ڳوٺ جو نالو ”حاجي لعل بخش شيخ“ رکيو ويو، جيڪو اڄ به اسڪول ۽ سرڪاري عمارتن تي لکيل آهي پر اسان جي وڏڙن هن ڳوٺ جو نالو ”ٻلهڙيجي“ ئي رهڻ ڏنو.
صوفين ۽ سنتن جي تعليم سبب ٻلهڙيجي ڳوٺ ڪڏهن به انتها پسنديءَ جو شڪار ناهي رهيو ۽ وڏيري اِمن به پنهنجي الهڙ جوانيءَ جا ڏينهن پنهنجي هندو دوستن سان رانديون ڪندي گذاريا هئا. هيءُ جڏهن ڦوهه جوانيءَ کي پهتو، تڏهن ننڍي کنڊ جي ورهاڱي سبب ڳوٺ کي ٺاهيندڙ ۽ سينگاريندڙ راڻا پنهنجا محل ۽ ماڙيون ڇڏي روانا ٿي ويا. جنهن جو ارمان کيس ڀونءِ ڀيڙو ٿيڻ تائين رهيو.
وڏيرو اِمن ڪو وڏو زميندار نه هو، وٽس بس زمين جو هڪ ايترو ٽڪرو هو جنهن مان عزت سان گذر بسر ٿي ويندو هو، پر هن جي شخصيت ۾ اهڙي ڏيا ۽ ڪشش هئي جو هزارين ايڪڙ زمين رکندڙ زميندار به سندس صحبت لاءِ سڪندا هئا ۽ جڏهن هو ڪنهن معاملي جو فيصلو نه ڪري سگھندا هئا، تڏهن وڏيري اِمن کان صلاح وٺڻ ايندا هئا ۽ هيءُ مشڪل مسئلي کي به آسانيءَ سان سلجھائي ويندو هو.
وڏيري امن سياست جي شروعات، تر جي ڊنگ وڏيري ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ميمبر موسيٰ خان ٻگھئي جي دوستي ۽ صحبت ۾ اچي ڪئي. اهو ايوبي آمريت جو زمانو هو، بي ڊي (بيسڪ ڊيموڪريسي) چونڊن ۾ وڏيري امن جو مقابلو ڪامريڊ سوڀي گيانچنداڻيءَ جي وڏي ڀاءُ ڪاڪي ڪيول رام سان ٿيو. انهن ڏينهن ۾ ڪاڪي ڪيول رام جو وڏو اثر رسوخ هو ۽ تر جا سمورا وڏيرا هن جي هٿ هيٺ هئا. ان اليڪشن ۾ ڪاڪي ڪيول رام کي شڪست آئي، اهو ان وقت، علائقي جو وڏو واقعو هو. ڪاڪي ڪيول رام جي هار جو وڏو سبب وڏيرن سان گھڻي اٿ ويهه ۽ عوام کان پرڀرو هئڻ هو. جڏهن ته وڏيرو امن ان جي بنهه ابتڙ هر وقت عام ماڻهن سان گڏ هوندو هو.
وڏيري امن جو پنهنجي ڳوٺاڻن سان ڏاڍو گھرو رشتو هو. هيءُ هر وقت سندن ڏک سک ۾ شامل رهندو هو. جيڪڏهن ڪو ماڻهو جاءِ ٺهرائيندو هو ته وڏيرو امن اتي پهچي رازن کي سمجھاڻيون ڏيندو هو ته پاڻيءَ جي نيڪال، سج جي روشني ۽ هوا جي گذر جو خيال رکيو وڃي. اهڙي نموني پوک پوکڻ ۽ لڻڻ تائين هو هارين سان گڏ هوندو هو. کٽون واڻيندڙن ۽ رسا وٽيندڙن سان به ڪم ۾ شامل ٿي ويندو هو ۽ کين بهتر صلاحون ڏيندو رهندو هو. اهڙي قسم جون صلاحون هو ڀاڳين کي به ڏيندو رهندو هو.
1970ع وارين عام چونڊن ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي صاحب جي سوشلزم واري نعري کان متاثر ٿي هن مسلم ليگي اڳواڻ وڏيري موسيٰ خان ٻگھئي کان راهون جدا ڪيون ۽ پ پ اميدوار جي ورڪ ڪئي. انهن چونڊن ۾ مرحوم موسيٰ خان ٻگھيو شڪست کائي ويو پر پوءِ به وڏيري امن سان دوستيءَ وارو ناتو نڀائيندو آيو.
وڏيري امن کي پنهنجي ثقافت سان پيار هو. کيس صوفي شاعرن جون ڪافيون ۽ ڀٽائيءَ جا سوين بيت برزبان ياد هوندا هئا جيڪي موقعي ۽ مهل جي مناسبت سان ٻڌائندو رهندو هو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ ٻه چار ڪافيون پڻ لکيون جيڪي ڳوٺ جا راڳي فقير سنڌي ٽوڙي ۾ ڳائيندا هئا. سنڌي ٽوڙي وڏيري امن جو پسنديده راڳ هو. وڏيرو امن وقت جو بهترين رانديگر به هو، اڪثر پنهنجي ڳوٺ ۾ راندين جا مقابلا ڪرائيندو هو، جن ۾ ڪوڏي ڪوڏي، ٽه ترئين (ٻيلهاڙ)، ونجھه وٽي، گھٻ گھوڙي، والي بال ۽ ڪرڪيٽ شامل هيون. هيءُ ملهه جا مقابلا به شوق سان ڏسندو هو ۽ ڳوٺ ۾ ٿيندڙ ميلن ملاکڙن لاءِ به سهائتا ڪندو هو.
76-1975ع ۾ جڏهن ٻلهڙيجيءَ ۾ سنڌي ادبي سنگت جي شاخ قائم ٿي ته وڏيرو امن ان جو ميمبر ٿيو. هو باقاعدي دستوري گڏجاڻين ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ اتي پڙهجندڙ اسمن تي ٽيڪا ٽپڻي به ڪندو هو. انهن ئي ڏينهن ۾ وڏيري امن ”ماءُ“ جي عنوان هيٺ هڪ ڪهاڻي تنقيد لاءِ پيش ڪئي هئي، جيڪا ان دور ۾ مرحوم هدايت منگي هلال پاڪستان جي ادبي صفحي ۾ شايع ڪرائي هئي. 1978ع ۾ سنڌي ادبي سنگت شاخ ٻلهڙيجيءَ پاران شاهه سائين جي ورسي ملهائي وئي هئي، جنهن ۾ سموري سنڌ جا مشهور اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيا هئا. گڏجاڻيءَ جي صدارت سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل تاج بلوچ ڪئي هئي. ان پروگرام جي ڪاميابيءَ ۾ به هن جو وڏو ساٿ ۽ سهڪار شامل رهيو هو. ان پروگرام ۾ وڏيري امن جي خواهش تي خانصاحب استاد منظور علي خان کي مدعو ڪيو ويو هو، جنهن رات جو ٻارهين وڳي کان صبح جو اٺين وڳي تائين سرن جي ورکا ڪئي هئي.
وڏيرو امن جڏهن ڪامريڊن جي صحبت ۾ آيو ته هن جي اوطاق روپوش سياسي ڪارڪنن جي پناهگاهه بڻجي وئي ۽ اڪثر قومپرست ۽ ڪميونسٽ اڳواڻ سندس اوطاق ۾ اچي ٽڪندا هئا. سنڌ جو مشهور شاگرد اڳواڻ ڊاڪٽر گھنشام پرڪاش ٻلهڙيجي پتڻ کان سڳين شهر تائين ڪچي مان پنڌ پوندو هو. هو پنهنجو نالو ”لطيف“ ۽ پيءُ جو نالو ”وڏيرو امن“ ٻڌائيندو هو. 1980ع ۾ ڳوٺ سڌار سنگت ٻلهڙيجيءَ جو بنياد پئجي ويو. وڏيرن جو رهيل کهيل اثر به ختم ٿي ويو. 1981ع ۾ بلدياتي چونڊن جو اعلان ٿيو، تڏهن وڏيري امن دورانديشيءَ جو مظاهرو ڪندي پاڻ بيهڻ بدران نوجوان ورڪر محب پيرزادي کي تر جي ڊنگ زميندار وڏيري موسيٰ خان ٻگھئي جي پٽ اڪرم خان سان مقابلي ۾ بيهاريو، جنهن ۾ محب پيرزادي وڏيري اڪرم خان کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي.
تصوف نفس اجارڻ جو نالو آهي، جيڪو انسان کي دنياوي ۽ روحاني فائدو ڏيڻ وارو آهي پر جڏهن ان کي هڪ خاندان جي جاگير بڻايو وڃي، تڏهن اهو عام جي فائدي بدران انهن لاءِ نقصانڪار ٿي پوي ٿو! ٻلهڙيجي ۾ سجاڳيءَ جي لهر به پير پرستي مان جان ڇڏائي نه سگھي. فقط وڏيري امن جو ئي خاندان هو، جنهن ڇماهي تي ڏن وٺندڙن کي ڏن ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو. 1983ع ۾ سنڌ هاري ڪاميٽيء پاران ڪامريڊ حيدربخش جتوئيءَ جي 13هين ورسي ٻلهڙيجيءَ ۾ ملهائي وئي، جنهن جي ڪاميابيءَ جو ڪارڻ به وڏيرو امن ئي هو. هن پروگرام ۾ ننڍي کنڊ جي ڪلاسيڪل فنڪار استاد بڙي غلام علي خان جي ٻن ڀائٽين خانصاحب غلام عباس ۽ مٺو خان کي گھرايو ويو هو. وڏيرو امن خوش مزاج انسان هو. ڳوٺ جا ڪجھه اهڙا به ڪردار هئا، جن کي وڏيرو امن ڄاڻي واڻي چيڙائيندو هو ۽ هو موٽ ۾ کيس اهڙيون ست سريون ٻڌائيندا هئا جو ويٺلن کي ڪاوڙ اچي ويندي هئي پر وڏيرو امن ڪڏهن نه ڪاوڙيو.
ٻلهڙيجيءَ جي هن ٻهڳڻي انسان دم ۽ گردن جي بيماري سبب سيپٽمبر 1983ع ۾ وفات ڪئي. سندس جنازي نماز ۾ هر مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا.
ڪامريڊ شهيد نذير عباسي، امر لال، غلام رسول سهتو، مانڌل شر، ڊاڪٽر بخش علي، مير ٿيٻو، امداد چانڊيو، غلام حسين شر، تاج مري، صالح بلو ۽ ڊاڪٽر اعزاز نذير سميت ڪيترائي سياسي اڳواڻ، ڪارڪن ۽ اديب ڪاڙهي وارن ڏينهن ۾ هن محبتي ماڻهوءَ جي اڱڻ تي اچي آسيس ماڻيندا هئا پر سندس لاڏاڻي کان پوءِ هنن الائي ڇو هن حقيقي انقلابي ڪردار کي ڪڏهن به ياد نه ڪيو آهي.
جو وڙ جڙي جن سين، سو وڙ سيئي ڪن. (ڀٽائي).